احمد خان مدهوش
احمد خان مدهوش Ahmed Khan Madhosh | |
---|---|
![]() | |
پيدائش | احمد خان سومرو اپريل 05 1931 ڳوٺ سلطان چانڊيو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
وفات | 26 جون 2010 (عمر 79 سال) ڪراچي |
ڌنڌو | شاعر |
ٻولي | سنڌي |
قوميت | پاڪستاني |
تعليم | سنڌي فائينل |
صنف | شاعري |
مُکيه ڪم | دل جون ڳالهيون نظر ۾ نظر بند |
ايوارڊ | ڪي ٽي اين بهترين شاعر اوارڊ |
احمد خان مدهوش(انگريزيAhmed Khan Madhosh) (پيدائش: 5 اپريل 1931ع- وفات : 26 جون 2010ع) سنڌ جو مشهور شاعر جنهن جا ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن.[1]
زندگي جو احوال[سنواريو]
ناميارو شاعر احمد خان ولد حاجي خان (حاجي فقير شغلي) ذات سومرو، 5 اپريل 1931ع تي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڳوٺ سلطان چانڊيي ۾ ڄائو، 1932ع ۾ سندس خاندان ’جوهي‘ شهر ۾ اچي آباد ٿيو. 1949ع ۾ سنڌي فائنل، 1957ع ۾ انٽر ۽ 1965ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪيائين.[2] ڳپل عرصو جوهيءَ ۾ استاد ٿي رهيو. سيد نجف علي شاھ سندس هم عصر شاعر هو. هن شاعريءَ جي سکيا فيض بخشاپوريءَ کان ورتي. . احمد خان اڳتي هلي شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”مدهوش“ رکيو، پاڻ سنڌ جو ڪهنه مشق سڄاڻ ۽ ناميارو شاعر هو. پاڻ استاد جهڙي مقدس پيشي سان لاڳاپيل هو. شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائيڪيائين، سندس ڪلام اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو. سندس شاعري مختلف راڳين جي آواز ۾ ريڊيو تان پڻ نشر ٿيندي رهندي آهي.
ڪتاب[سنواريو]
سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا ’دل جون ڳالهيون‘[2] سنڌي ادبي بورڊ پاران 1993ع ۾، اکين جا سنيها سنڌي ادبي بورڊ پاران 2011ع ۾ [3] ۽ ”نظر ۾ نظربند“ سنڌيڪا اڪيڊميڪراچيءَ 2003ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. استاد شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. غزل ۽ نظم جو وڏو شاعر آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هيو. احمد خان مدهوش 26 جون 2010 تي وفات ڪئي.[4]
وفات[سنواريو]
احمد خان مدهوش ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ 26 جون 2010ع تي وفات ڪري ويو