رفيق احمد جمالي

| رفيق احمد جمالي | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | 1 جنوري 1967 (58 سال) |
| شھريت | |
| جماعت | پاڪستان پيپلز پارٽي |
| عملي زندگي | |
| پيشو | سياستدان |
| مادري ٻولي | اردو |
| ڪم جي ٻولي | اردو |
| ترميم | |
رفيق احمد جمالي انگريزي (Rafiq Ahmed Jamali) اردو (رفیق احمد جمالی ) 1 جنوري 1967ع تي جنم وٺندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽيرينز سان لاڳاپيل سنڌ پاڪستان جو سياستدان آهي جيڪو موجوده وقت ۾ قومي اسيمبلي پاڪستان جو ميمبر پڻ آهي.
شروعاتي زندگي
[سنواريو]رفيق احمد جمالي 1 جنوري 1967ع[1] تي سردار محمد بخش جمالي جي گهر ۾ ڳوٺ بهاولپور جوهي تعلقو، دادو ضلعو سنڌ ۾ جنم ورتو.. شروعاتي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري جي تعليم دادو شهر ۾ حاصل ڪيائين جڏهن ته گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1992ع ۾ حاصل ڪيائين. سندس والد سردار حاجي محمد بخش جمالي[2] پڻ مڃيل سياستدان رهيو جنهن قومي اسيمبلي پاڪستان جي تڪ اين.اي 178-دادوII- لاءِ 1988، 1990ع، 1993ع ۽ 1997ع تائين قومي اسيمبلي پاڪستان جو رڪن رهيو..[3]
سياسي شروعات
[سنواريو]رفيق احمد جمالي سياسي ڪيريئر جي شروعات 2002ع کان ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽيرينز جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبلي پاڪستان جي تڪ اين.اي-232 دادII- تان عام چونڊن ۾ ميمبر قومي اسيمبلي چونڊيو ويو.[4] هيءُ ٻيهر 2008ع ۾ ساڳي تڪ تان ميمبر قومي اسيمبلي چونڊيو ويو. هيءُ سيپٽمبر 2009ع ۾ خوراڪ ۽ زراعت کاتي پاڪستان جو فيڊرل وزير بڻايو ويو.[5] ۽ فيبروري 2011ع تائين عهدي تي رهيو.[6] 2013ع ۾ جي عام چونڊن ۾ ساڳي تڪ تان وري ميمبر قومي اسيمبلي چونڊجي ويو. 2013ع ۾ گورک هل اسٽيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمن پڻ چونڊيو ويو..[7] پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽيرينز جي ٽڪيٽ تان هميشه وڏي مارجن تان عام چونڊن ۾ ڪامياب رهندو آيو آهي..[8] پاڪستان پيپلز پارٽي دادو ضلعي جو صدر پڻ رهندو آيو آهي.[9]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Detail Information
- ↑ DADU: Jamal’s son on canvassing drive - Newspaper - DAWN.COM
- ↑ Last Five General Elections-Inte, اصل کان 11 اپريل 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 09 اپريل 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ KARACHI: Voter mood threatens Sindh heavyweights - Newspaper - DAWN.COM
- ↑ Five new portfolios created, seven cabinet slots vacant - DAWN.COM
- ↑ http://www.cabinet.gov.pk/cabinet/userfiles1/file/Info%20serveces/Federal%20Cabinet%20since%201947/12%20april%20updated/Federal%20Cabinet%20of%20Syed%20Yousaf%20Raza%20Gillani,%20Latest_doc.pdf
- ↑ Gorakh Hills Development Authority Chairman Rafiq Ahmad Jamali
- ↑ NA-232 – Pakistan Voice, اصل کان 10 اپريل 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 09 اپريل 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ اردو پوائنٹ پاکستان ۔ نثار کھوڑو، وقار مہدی ودیگر کی رفیق احمد جمالی سے بھائی کے انتقال پر تعزیت ۔ کراچی
- 1967ع جون پيدائشون
- 1 جنوري جون پیدائشون
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- پاڪستان پيپلز پارٽي جا سياستدان
- جيوت ماڻهو
- جيئرا ماڻهو
- سنڌي سياستدان
- سنڌي ماڻھو
- 2008ع کان 2013ع تائين جا پاڪستاني ايم اين اي
- 2013ع کان 2018ع تائين جا پاڪستاني قومي اسيمبلي جا رڪن