گورک هل اسٽيشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(گورک کان چوريل)

مڪانيت: 26°51′37.10″N 67°9′6.61″E / 26.8603056°N 67.1518361°E / 26.8603056; 67.1518361

گورک هل اسٽيشن
گورک جو ھڪ خوبصورت منظر
گورک جو ھڪ خوبصورت منظر
عرفيت: گورک
گورک جو ھڪ ريسٽورنٽ
گورک جو ھڪ ريسٽورنٽ
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو دادو
بلندي 1,734 ميل (5,689 ft)

گورک هل اسٽيشن سنڌ جي حَسين ترين ۽ ٿڌي جابلو چوٽي آهي. کيرٿر جابلو سلسلي ۾ 5,689 فوٽ (1,734 ميٽر) جي اوچائي تي، دادو شهر کان 94 ڪلوميٽر (58 ميل) اتر اولهه ۾ گورک هل اسٽيشن ضلعي دادو، جوهي تعلقي ۾ واقع آهي. گورک هل اسٽيشن دادوءَ کان 92 ڪلوميٽر،جوهيءَ کان 74 ڪلوميٽر ۽واهي پانڌيءَ کان 50 ڪلوميٽر اولھ-اُتر طرف آهي. گرمين ۾ هت تمام گهڻي ٿڌي ۽ خوشگوار موسم ٿيندي آهي. هتي گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي پاران ڪافي ترقياتي ڪم ڪيا ويا آهن. هت هوٽل ۽ رهائش لاءِ ريسٽورنٽ پڻ موجود آهي. واهي شهر مان گورک لاءِ نجي سواريءَ به موجود آهي.[1]

گورک نالو[سنواريو]

کورک نالي بابت نامياري محقق تاج صحرائي موجب کورک تي نالو  گرو گورکناٿ جي ڪري پيل ڀانئجي ٿو. سندس راءِ موجب گرو گورکناٿ هت آيل هو. ۽ گورک وٽ تيرٿ ڪنب پڻ هو. ڪن گورک کي هروڀرو گئون رڪشا سان ڳنڍيو آهي. گورک جي نالي بابت اها به راءِ آهي ته فارسي لفظ گرگ مان نڪتل آهي جنهن جو بلوچي ٻولي ۾ بگاڙ گرک آهي ۽ ٻنهي جي معني بگهڙ آهي نامياري ليکڪ ۽ محقق عزيز ڪنگراڻي جو خيال آهي ته قديم زماني ۾ بگهڙ  رڳو گورک تي نه هوندا. بگهڙ  گورک سان گڏ  سڄي کيرٿر جبل توڻي ڪاڇو ۾  به هوندا تنهنڪري اهو وسهڻ کان ٻاهر آهي ۽ نه ئي انهن لفظن جو سنڌي ٻولي جي لفظ گورک سان تعلق آهي. عزيز ڪنگراڻي جي راءِ موجب گورک اصل سنڌي لفظ آهي ۽ مقامي طور اهو نالو پيل آهي جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته پرمانند ميوارام جي انگريزي سنڌي لغت ۾ کورک لفظ  لاءِ لفظ (Intricate) ۽ (Difficult) ڪم آندا آهن جن جي معني 'مشڪل', 'انتهائي ڏکيو' يا 'پار نه ڪري سگهڻ' ڏنل آهي. لڳ ڀڳ ساڳي  معني ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ جامع سنڌي لغات ۾ ڏني آهي تنهڪري کورک تي نالو گورک اصل سنڌي ٻولي جي لفظ گورک تان ورتل آهي. غور ڪبو ته گورک کي سر ڪرڻ ڪو سولو يا سهنجو نه آهي. انتهائي مشڪل آهي. [2][3]


پڻ ڏسو[سنواريو]

بڊو ھل اسٽيشن

ڪتي جي قبر

ڪچرڪ جبل

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Trip to Gorakh Hill Station". Scuba Club. حاصل ڪيل 2020-09-04. 
  2. Dr. Abbasi Niaz, Dadu at glance, 2011
  3. "Gorakh Hill, Historical Information and other details of this 5th largest city of the world.". Travel and Culture Services. حاصل ڪيل 2020-09-04.