ٻرڙو
ٻرڙو سمہ قبيلي جي ھڪ شاخ آھي.. ٻرڙا سنڌي سماٽ آھن جيڪي سنڌ بلوچستان پنجاب ۽ راجستان ۾ آباد آھي. ھي سنڌي سرائيڪي زبان ڳالاھيندا آھن ۽ پنھنجي نالي سان گڏ ڄام ۽ ارباب لقب ھڻدا آھن.
ٻرڙو
[سنواريو]ٻرڙو ذات وارن تي سنڌيء ۾ ڪافي پهاڪا آهن جن سان ٻہ تمام مشهور آهن. پهريون اهڙي ڪجئي جنھن ٻرڙي ڪئي ٻارن سان هن چوڻي متعلق بہ ٻہ روايتون آهن هڪڙي تہ گهر جونِ عورتون زمين جي ڪم ڪار واسطي ھليون ويون جن گھر ۾ آيل ٻڙڙي ذات واري کي پارت ڪئي تہ ننڊڻ ٻارڻ. جو خيال رکي جيسين اسين واپس موٽي اچئون. جيئڻ تہ ڪجھ وقت کاڻ پوءِ ٻارڻ روئڻ شررع ڪي ۽ بس ھي نہ پيا ڪن ۽ ڪن ٻارن کيس تنگ ڪري ڏنو, جهن ڪري هن ٻارن کي خاموش ۽ جند ڇڏائڻ لاء گهر جي اڱڻ ۾ پيل اناج جي گنديءَ ۾ وجهي ڍڪ ڏيئي ڇڏيو. جڏهن گهر ڌياڻي ۽ مائرون آيوڻ تهنن کائنس پنهنجي ٻارن جي متعلق پڇيو جنهن تي هن اشارو ڪندي چيو تہ اهي هن گنديءَ ۾ بند آهن. جڏھن گنديء؛ جو ڍڪ کڻي ڏنو تہ سڀ ھي ٻار, گرمي.۽ ھوا نہ اچڻ ڪري مري چڪا هئا. اهو ڏسي عورتن گهر ۾ روٿڻ ۽ پٽڻ شروع ڪئي هن پهاڪي مان هي تاثر مليو ت ٻرڙو بيوقوف هو, پر ٻرڙي ذات وارڻ جو چوڻ آهي تہ ٻارن جو مطلب ننڊڙا ٻار نہ پر هڪ ذات جو نالو ٻارا آهي, جيڪي هميشہ ڦرلٽ ڪندا هئا جن کي هنن اهڙي سيکت ڏني جو هنن ڦرلٿ ڪرڻ ڇڏي ڏَنِو ڀر ۾ مرئي ڀاءُ ٻاجه نہ پوي ٻرڙي کي ِڻمطلب خود غرضي جو هڪ مثال هن ذات متعلق مختلف روايتون آهن.جنھن تہ ھي اصل جت قبيلي سان تعلق رکندڙ آھن . عبدالقادر ٻرڙو پنهنجي لکت ۾ ڪيو آهي تہ هو اٺن ڌريعيِ قديم سنڌ جو مال ٻاهرين ملڪن پهچائيندا هئا. ٻي روايت مطابق هو سڌو جي نسل مان آهن جنهن جو تعلق ڀٽي راجپوت جيسلمير جي باني راجا جيسل سان آھي ِجنھن جي خلاف بغاوت ٿي جيڪو دھلي جو آخري ھندو بادشاه پرٿوي راڄ وٽ وڃي پناہ ورتي سندس ذات مان کيوا نالي ھڪ شخص ھو جنھن جت عورت سان شادي ڪئي جنھن مان سڌو نالي پٽ ٿيو . جنھن کي چار پٽ ھئا .(۱) ديو (۲) بور (۳)سور (۴) رويچ ۽ بور جي اولاد ڍول مان ٻڙرو ذات وارا آھن . ٽين رواہت محجب جيسلمير جي ڀٽي ذات وارن مان ھڪ جو نالو ٻرڙو ھو جنھن جي اولاد کي ان جي نسب سان ٻڙرو سڏيو ويو. اھڙي ھي سلسلي جي ٻئي روايت آھي تہ سنڌ جي ٿر واري حصي ۾ ڄام ناھڙ کي ٻڙري نالي سان پٽ ھو جنھن جي اولاد کي ٻرڙو سڏيو ويو ان جي تصديق ان بيت مان ٿئي ٿي ڪري شوق شڪار جو چڙھيو ناھر (ناھڙ) راء جنھن آندي ھڪ سوکڙي ٿرياڻي ٿراء جنھن مان ھن کي ڇھہ پٽ ٿيا ڀنگر ٫ بٽ ٬ ڀيو ٬ ٻوڪ ٬ ٻوھيو ٬ ٻرڙا ٿيا. 'اي ڊي ميڪليگن ايڇ اي روز ٻرڙو ذات متعلق لکيو آھي تہ ٻڙرو جو اصل نالو ھوجالي ھو جيڪي پاڻ کي سمہ چورائيندا آھن پر ڪن جي مطابق ھو ھڪ الڳ قبيلو آھي جن جي روايت مطابق ھو جهوناڳڙھ جي ويجھو گونار جي راجا جي اولاد آھن جيڪي ھجرت ڪري سنڌ ڏانھن ويا اتي اسلام قبول ڪيو کين مسلمان ڪندڙ بزرگ جنھن تحفي ۾ پنھنجو جبو يا چغو پھرايو جنھن کي ٻر چيو ويندو ھو انھي ڪري ھو ٻر مان بر وارا معني چغي وارا سڏبا جيڪي اڳتي ھلي عروج ٻولي جي اصولن موجب بر مان برار ۽ پوء ٻوڙو يا ٻرڙا سڏجن لڳا. منھنجي تحقيق محجب ٻرڙا سمہ يا سماٽ قديم سنڌي نسل مان آھن جن کي آرين شودر سڏيو ھو شودر ولھاد مان سودراء ٿيا ھئا ۽ جڏھن ھو ۹۳ ھجري مطابق ۷۱۲ عيسويءَ ۾ سنڌ ۾ اسلام اچڻ کان پوء ٻراء آخر ٻولين جي لفظن تبديل ٿيندڙ اصولن موجب ٻرڙو يا ٻرڙا سڏيا ۽ اھا روايت تہ ٿريا گرنار جي حاڪم يا راجا ناھر راء جي پٽ ھو جالي جي ئي اولاد مسلمان ٿي ھجي ڇاڪاڻ تہ اڄ بہ راجستان ۾ رھندڙ ٻرڙا مسلمان نہ آھن ناھرا راء جي متعلق چيل شھر مطابق ھن جي ڇھين پٽ جو نالو نہ ٻڌايو ويو آھي جيڪو ٻرڙو ذات وارن جو جدا امجد ھو بيت جي مطابق باقي پنج پٽن مان پنج قبيلا ٬ ڀنگر ٬ ڀٽ ٬ ٻوڪ ٬ ٻوھيا ۽ ڀيو موجود آھن. ٻرڙو کي ڄام جي لقب سان سڏيو ويندو ھو جيڪو اڄ تائين سرائيڪي علاقي پنجاب جي شھر جامپور ۾ رھندڙ ٻرڙا پنھنجي نالي اڳيان لڳائيندا آھن بھاولپور ۾ رحيم يار خان وران ٻرڙن کي ميان جي لقب سان سڏيو ويندو آھي .ان کان علاوہ بلوچستان واري ڪڇي واري علاقي ڪولپور کان شھدادڪوٽ تائين پنھنجي نالي اڳيان ارباب جو لقب استعمال ڪندا آھن مان ڪاڇي ۾ غيبي ديري مٿان دينار ٻرڙي جي ڳوٺ جنھن جي نالي تي ڳوٺ ٻڌل آھي ان جي قبر تي لڳل ڪتبي ۾ ھن کي شير ڪوھستان جي لقب سان سندس نالو لکيل آھي . آئين آڪبري ۾ سورت سرڪار جي ھڪ پرڳڻي جو نالو ٻرڙو لکيل آھي جنھن جي آمدني جو وڏو واپارن ۽ قافلن جي اڇ وڃ تہ محصول جي اوڳاڙي مان ھو انھي ڪري ڪيپٽن جيمس ٽاڊ پنھنجي ڪتاب تاريخ راجستان ۾ ان کي بررار چيو ويندو ھو يعني محصول ۽ محصول اوڳاڙيندڙ ماڻھو ذات ۽ پيشو ٻرڙا ذات وارا سنڌ پنجاب بلوچستان کان علاوہ راجستان ۾ بہ رھن ٿا.
- ٻرڙو ذات متعلق پھاڪا .
- ٻرڙو ۽ ٻبر جي ڪائي پئي قدي ۽ مضبوط
- ٻرڙن جا وات ڪھاڙا ۽ ڪاٿ
- ٻرڙو جا ٻار ھڪڙا ھاري ٻيا ڌنار
- ٻرڙو ٻوڪ ۽ ٻروچ نہ ٺھندو
- ھڪ نانگ ست ٻرڙا کاڌا
- ٻرڙي ۾ ٻيائيءَ نہ آھي لاکي ۾ لڇائينہ آھي
- ٻرڙي جي ٻار جھرڪ نہ کائي جھار
- ٻرڙي جو شوق ٻہ سال
- ٻرڙي جي ياري سچي ۽ سوڀاري
ٻرڙڻ جا پاڙا. فاضلاڻي ٬ جاري پوٽا ٬ چاڪراڻي ٬ جوكيا ٬ ساكاڻي ٬٬پرڪياڻي ٬ موساڻی ڀڳتاڻي حامداڻي٬ ساٺيا ٬ آرياڻي ٬ بشاراڻي ديناراني محمداني حسناڻي جهلاڻي- شريفاڻي حاضراڻي شاهلياڻي راضاڻي-٬ خضراڻي ديناري عالياڻي - حڪيماڻي جليلاڻي- ننگري خميساڻي ٬ نانگاڻي ٬ وجاڻي ٬ دائماڻي ٬ ڏيرا يا ڏيراني ٫ ڪاميلا ٬ راهباڻي ٬ ميراڻي ٬ گلاڻي- ساتاڻي ملاڻي رانجهاڻي سوڍاڻي بڪرار ٬ پڪاڻي ٬ سهراباڻي ٬ سٺيا ڪوناڻي ٬ عالياڻي ناٽلاڻي شهداداڻي- حبيباڻي ٿليورا ماڙي وارا راجڻي شرواڻي جهمراڻي - كوهاڻي صادقاڻي لالاڻي -پاراڻي عمراڻي - ڪلياڻي - نصيراڻي - عيساڻي مبارڪاڻي ملڪاڻي غازياڻي ٬ رحماڻي ڪاڙرا قاسماڻي ساجراڻي بيلاڻي گاباڻي حسراڻي ڊنڊاڻي گوراڻي - اوڙاڻي - رئيساڻي - لقاڻي چانڊاڻي -عاربائي مقاڻي سنجراڻي ٬ ناھراڻي حياتياڻي کجڪاڻي جهمراڻي مرزاڻي ماڻڪاڻي اڏاتاڻي مسواڻي مھرياڻي واڌاڻي جعفراڻي جماڻي خشاڻي جھيڏا ڀالھڙي لونگاڻي سومراڻي ٻڌازئي ٻڌاڻي وڪڙاڻي واجيھا ٽلياڻي ٻنڊئي جھنگلاڻي سڌاڻي پنھاڻي صابلاڻي جوھراڻي وڪيلاڻي جوڻياڻي .
- ڪتاب ذاتين قومن ۽ قبيلن جي انسائيڪلوپيڊيا .
- وڪيپيڊيا تي شجرو لکندڙ مير بلاول خاصخيلي .
ذات جون شخصيتون.
[سنواريو]حوالا.
[سنواريو]- ذاتيون قومون ۽ قبيلن جي انسائيڪلوپيڊيا (اياز ڀاڳت) ۰page 190 to 193
- ڪتاب ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا خيرمحمد ٻرڙو سيوھاڻي ڇاپو پھريون ۲۰۰۵ .