يارو فقير ريڍار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يار فقير ريڍار جي مزار

يارو فقير ريڍار انگريزي (Yaro Fakir Redhar) ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي ڏينهن ۾ ميانوال تحريڪ جو مُک ڪارڪن هو ۽ ميان صاحب جي خاص رقيقن منجھان هو. [1] يارو فقير ذات جو رند هو. هن فقير کي ريڍار يا ريڍُو سڏيندا هئا. ميان نصير محمد کي شادماني طور يا ميانوال ٽحريڪ کي مدد طور معتقدن طرفان ملندڙ چوپايو مال ۽ پهرُون، خاص طور رڍُون ملنديون هيون. انهن کي سنڀالڻ يا چارڻ هن فقير جي ذمي هوندو هو جنهن ڪري ريڍار سڏيو ويو. مقامي طور پڻ يارو ريڍار يا ريڍُو سان مشهور آهي. هن فقير جي مزار واهي پانڌي کان اٽڪل 10 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي کيرٿر جبل جي ڪنار سان نئي تڪي جي ساڄي ڪناري جوهي تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان ۾ آهي. عقيدتمند هڪ ٽڪريءَ کي يارُو جي ڏاٺ ڪوٺن ٿا. سندس مزار عام خاص جي زيارت جو مرڪز آهي.[2][3]

حوالا[سنواريو]