مارو جمالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مارو جمالي
Maroo Jamali
پيدائش ڳوٺ فقير محمد جمالي، جوهي تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
ڌنڌو ، شاعر، پرائيمري اسڪول هيڊ ماستر
ٻولي سنڌي
رهائش دادو
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. اي، اردو
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع شاعري
ايوارڊ بهترين شاعر پيرل پرديسي ايوارڊ 2018ع، محسن ڪڪڙائي ايوارڊ 2019ع

مارو جمالي انگريزي ٻولي (Maroo Jamali) سنڌ پاڪستان جوسنڌي ٻوليءَ جو غير روايتي ۽ منفرد جديد شاعر آهي. سندس ڪافي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1][2][3][4]

زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

مارو جمالي جو اصل نالو سڪندر علي جمالي آهي. مارو جمالي 1 مارچ 1970ع تي سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي ڳوٺ فقير محمد جمالي ۾ فيروز خان جمالي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائيمري اسڪول مان حاصل ڪئي. ڏهين جماعت جو امتحان 1987ع ۾ گرورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪڪڙ شهر ۽ ٻارهين جو امتحان 1989ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج خيرپور ناٿن شاھ منجهان پاس ڪيائين. هن بي.اي جو امتحان 1993ع ۾ گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪيو. هن ايم اي جي ڊگري اردو ادب ۾ 1997ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان پرائيمري استاد آهي.[1][2][5]

ادبي خدمتون[سنواريو]

مارو جمالي جو شمار جديد شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هن 1984ع ۾ شاعري جي ميدان ۾ قدم رکيو تڏهن اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. سندس شعر گوئي ۾ بهتري 1990ع ۾ آئي. شاعريءَ جي حوالي سان سندس استاد سنڌ جو ناميارو شاعر محسن ڪڪڙائي آهي. من غزل، وائي، بيت، نظم ۽ جديد شاعري جي مختلف صنفن ۾ شعر لکيو آهي. سندس سنڌي ادبي سنگت سان تعلق 1991ع ۾ جُڙيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪڪڙ جو سيڪريٽري به آهي.[2]

ڪتاب[سنواريو]

مارو جمالي جا 5 ڪتاب ڇپيل آهن.[2]

  • پرين جون اکيون. شاعري 2000ع
  • سنسار وڏو منڊ آ، شاعري، 2006ع
  • ڪوڪ ڪڪوريو چنگ، شاعري 2011ع
  • چوٽا تيل چنبيليا، شاعري 2013ع
  • ماڻهو مڻيادار، نثر، 2014ع

اوارڊ[سنواريو]

مارو جمالي کي ادبي خدمتن عيوض مڃتا طور اوارڊ به ڏنا ويا آهن. کيس پيرل پرديسي اوارڊ 2018ع ۽ محسن ڪڪڙائي اوارڊ 2019ع مليا آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-06-05. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 "هڪ منفرد جديد شاعر -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-06-05. 
  3. "Sindhi Poetry of Maroo Jamali". www.oocities.org. حاصل ڪيل 2019-06-05. 
  4. "نشتر ناٿن شاهي جي ٻين ورسي ڪي اين شاهه ۾ ملهائي وئي، ٻن ڪتابن جي مهورت | Daily Imkaan | روزاني امڪان". www.dailyimkaan.com (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-06-05. 
  5. Kingrani, Aziz. "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2019-08-10.