پير الاھي بخش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
الاھي بخش
پير
وزيراعلي سنڌ (1948 کان 1949)
پيشرو ايوب کھڙو
جانشين يوسف ھارون
ذاتي تفصيل
پيدائش 9 جولاء 1890
ڀان سيدآباد ويجھو واقع پير جو ڳوٺ ، تعلقو سيوھڻ، برٽش انڊيا
وفات 8 آڪٽوبر 1975 (85 سال)
سياسي جماعت مسلم ليگ

پير الاهي بخش(انگريزي: Pir Illahi Bux) 9 جولاء 18890 ۾ ڀان سيدآباد جي لڳ پير جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، اڃان 9 سالن جو ھيو تہ سندس والد پير نواز علي وفات ڪري ويو ۽ پوءِ کيس مامي پاليو. ھي مخدوم محمد نوح جي پنجين پٽ مخدوم محمد موسي جي اولاد مان ھو

ابتدائي زندگي[سنواريو]

ابتدائي تعليم ڀانن جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي. پوءِ خيرپور ميرس هاءِ اسڪول (ناز ھاء اسڪول.[1]) ۾ انگريزي تعليم وٺي 1919ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ان کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ علي ڳڙهه ڪاليج ۾ ويو جتي ٿورو وقت پڙهڻ بعد مولانا محمد علي"جوهر" جي چوڻ تي جن شاگردن 1920ع ۾ قطع تعلقات ڪري ڪاليج ڇڏيو هو انهن مان هيءُ به هو. اتان نڪري هي علي ڳڙهه ۾ نئين برپا ڪيل جامع مليه يونيورسٽي ۾ اچي پڙهڻ ويٺو انهي درسگاهه جو سنگ بنياد مولانا محمودالحسن وڌو هو ۽ حڪيم اجمل خان ان جو چانسلر هو. اها يونيورسٽي پوءِ دهلي ۾ کڄي آئي[2].جامع مليه اسلاميه ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن بعد هو خلافت تحريڪ جي اڳواڻ طور سنڌ موٽيو. کيس سر شاهنواز -ڀٽي-، ضلع ڪائونسل مان اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ کيس -تعليم- مڪمل ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه يونيورسٽي موڪليائين، جتان هن -اسلامي تاريخ- ۾ ايم. اي ڪئي ۽ قانون جو امتحان پڻ پاس ڪيائين. موٽي اچي هن لاڙڪاڻي ۾ قانون جي پريڪٽس شروع ڪئي.[1]خلافت تحريڪ جهڪي ٿيڻ بعد، هن 1927ع ۾ وري علي ڳڙهه ۾ پڙهڻ شروع ڪيو جتان 1929ع ۾ ايم . اي. ۽ ايل. ايل. بي جا امتحان پاس ڪري موٽي اچي لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو.[2].

سياسي زندگي[سنواريو]

پير الاهي بخش سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ ٺاهيو، جنهن جو مقصد -بمبئي- کان سنڌ جي عليحدگي هو.[1]. 1937ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جون پهريون چونڊون ٿيون ته هي دادو - جوهي تڪ مان خان بهادر يار محمد خان جوڻيجي، پاٽ جي ويٺل، مکيه وڪيل ۽ بااثر ماڻهو جي مقابلي ۾ اسيمبلي جي ميمبري تي چونڊجي آيو.[2]. هو سنڌ اتحاد پارٽي جو ميمبر هو. 1938 ۾ الهه بخش سومرو جي ڪابينہ ۾ روينيو کاتي جو وزير ٿيو.[2]. خانبهادر الهه بخش سومري جي وڏ وزارت ۾ هو وزير -تعليم- ٿيو ۽ ڏهن سالن تائين -ان- عهدي تي فائز رهيو.[1].پير صاحب الهه بخش وزارت ۾ مارچ 1940ع تائين رهندو آيو. ان کان پوءِ مير بنده علي خان جي وزارت هڪ سال کن رهي. ان وقت هي وزارت کان ٻاهر هو. وري جڏهن 1941ع ۾ الهه بخش وزارت دوباره قائم ٿي ته هي ان ۾ وزير ڪري کنيو ويو. سيپٽمبر 1942ع ۾ خان بهادر الهه بخش ڪانگريسين تي انگريزن جي کنيل سخت قدمن خلاف احتجاج ڪندي پنهنجا لقب ڦٽا ڪيا. ان تي گورنر کيس ڊسمس ڪيو ۽ سر غلام حسين کي وزارت ٺاهڻ لاءِ گهرايائين. پير صاهب ان جي وزارت ۾ شريڪ ٿيو ۽ مسلم ليگ ۾ آيو.[2].1946ع جي ابتدا ۾، سنڌ اسيمبلي جون چونڊون ٿيون. هي ان ۾ مسلم ليگ ٽڪيٽ تي ميمبر چونڊجي آيو. وري ساڳئي سال سيپٽمبر مهيني ۾، گورنر اسيمبلي ختم ڪري، ڊسمبر ۾ نيون چونڊون ڪرايون.[2]. مسلم ليگ طرفان قاضي محمد اڪبر کي جي ايم سيد خلاف اميدوار بيهاريو ويو. ان ۾ پير صاحب ڀانن جي پولنگ تي بي قانوني ڪرائي جنھن ڪري جي ايم سيد کي اليڪشن ۾ شڪست آئي. جنھن تي ان اليڪشن پٽيشن داخل ڪئي. 1948ع ۾ کهڙي صاحب جو ڪراچيءَ جي سوال تان مرڪزي حڪومت سان اختلاف ٿي پيو. ان ڪراچي کي مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. مرڪزي حڪومت ان کي ڊسمس ڪري، وزيراعليٰ پير صاحب کي بنايو. ان ڪراچي مرڪزي حڪومت جي حوالي ڪئي. 1949ع ۾ جي ايم سيد جي اليڪشن پٽيشن تي فيصلو آيو، جنهن ۾ پير صاحب کي ميمبريءَ کان ڊسڪواليفاءِ ڪرڻ جي سفارش ڪيل هئي. ان ڪري پير صاحب کي وزارت ۽ ميمبريءَ کان ٻاهر نڪرڻو پيو. 4 سيپٽمبر 1950ع تي پير صاحب جي خالي ٿيل ميمبري جي جاءِ ڀرڻ لاءِ نامينيشن فارم ڀريا ويا. ان تي پير صاحب پنهنجو فرزند، شاهنواز اميدوار بيهاريو. قاضي فضل الله وزيراعليٰ هو. کهڙو صاحب سنڌ مسلم ليگ جو صدر هو. انهن وقت جي ڪليڪٽر کان پير صاحب جي فرزند کي نابالغ ٺهرائي ان جو نامينيشن پيپر رد ڪرائي ميان عبداللطيف پنوهر، خان بهادر کهڙي جي سالي، کي بنا مخالفت جي ميمبر چونڊرايو. ان کان پوءِ پير صاحب جي ايم سيد واري گروپ ۾ شامل ٿيو.[2]. 1953ع ۾ سنڌ اسيمبلي جون نئين سر چونڊون ٿيون ان ۾ متحده محاذ طرفان پير صاحب سنڌ اسيمبلي تي چونڊجي آيو ۽ متحده محاذ ۾ اسيمبلي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. 9 نومبر 1954ع ۾ ايوب کهڙي طاقت ۾ ايندي پير صاحب جي فرزند کي جيل ۾ وڌو. پوءِ 11 ڊسمبر 1954ع تي حيدرآباد ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏائي، سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ جو ٺهراءُ ميمبرن کان زوريءَ پاس ڪرايو. ان ٺهراءُ جي برخلاف ووٽ ڪندڙن مان پير صاحب هڪ هو.[2]. 19 جنوري 1956ع تي، مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊن ۾ پير صاحب چونڊجي آيو. مغربي پاڪستان اسيمبلي ۾ متحده محاذ پارٽي جو سيڪريٽري ٿي رهيو. پاڪستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي ٺهي ته هي ان جو ميمبر ٿيو. 17 سيپٽمبر 1957ع تي، مغربي پاڪستان اسيمبلي ۾، ون يونٽ ٽوڙڻ جو ٺهراءُ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي، پيش ڪيو، ان جي پاس ڪرائڻ لاءِ پير صاحب گهڻي ڪوشش ورتي. 8- آڪٽوبر 1958ع ۾، مارشل لا ملڪ سان لاڳو ٿيڻ بعد هن کي ٻين مکيه سياستدانن وانگر سياست کان خارج ڪيو ويو. جنھن ڪري وڪالت شروع ڪيائين. مارشل لا پوري ٿيڻ بعد جڏهن وري اسيمبليون قائم ٿيون ته امير حيدر شاهه کي نيشنل اسيمبليءَ ۾ ميمبر چونڊائڻ لاء، هن گهڻي ڪوشش ورتي.[2].

خدمتون[سنواريو]

پير الاهي بخش سنڌي ادبي بورڊ ۽ -ايس ايم ڪاليج- ڪراچيءَ جي بانيڪارن مان آهي. هو سنڌ مدرسته -الاسلام- بورڊ جو صدر پڻ رهيو. پاڪستان- ٺهڻ کانپوءِ ڀارت مان لڏي آيلن جي -آبادڪاري- لاءِ هن 1948ع جي آخر ڌاري ڪراچيءَ ۾ پير الاهي بخش ڪالوني جوڙي.[1].سنڌ ۾ سندس ايام وزارت جا مکيه يادگار هيٺيان آهن: سنڌ مسلم ڪاليج برپا ڪرڻ، سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ، سنڌ ۾ زوري ۽ مفت تعليم ۽ بالغن جي تعليم کي رائج ڪرڻ، موجوده اين. جي وي هاءِ اسڪول ۽ تڏهوڪي سنڌ ايس ٽي ڪاليج لاءِ بلڊنگ ٺهرائڻ، ڪراچي، ۾ ٻن پير الاهي بخش ڪالونين ٺهرائڻ ۾ مدد ڏيڻ، ان کان سواءِ ڪيترن ڪاليجن ۽ تعليمي ادارن جي برپا ٿيڻ ۾ پڻ پير صاحب جو هٿ هو.[2].

وفات[سنواريو]

8 -آڪٽوبر- 1975ع تي گذاري ويو ۽ پويان 5 پٽ ۽ 2 ڌيئر ڇڏي ويو. پ پ پ اڳواڻ، سينيئر صوبائي وزير ۽ وزير -تعليم- سنڌ، پير مظهر -الحق- سندس پوٽو آهي.[1].کيس پنج فرزند ھئا:(1) محمد انور، (2) شاهه نواز، (3) عبدالحميد، (4) عبدالمجيد، ۽ (5) عبدالرشيد.


حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 الاهي بخش پير : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005