غلام شاھ جيلاني
| غلام شاھ جيلاني | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | 7 آگسٽ 1957 دادو |
| تاريخ موت | 13 سيپٽمبر 2019 (62 سال) |
| شھريت | |
| جماعت | پاڪستان پيپلز پارٽي |
| مناصب | |
| صوبائي اسيمبلي سنڌ جا رڪن | |
| عهدو سنڀاليو 2008 | |
| صوبائي اسيمبلي سنڌ جا رڪن [1] | |
| عهدو سنڀاليو 13 آگسٽ 2018 | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | سياستدان |
| مادري ٻولي | اردو |
| ڪم جي ٻولي | اردو |
| ترميم |
|
غلام شاھ جيلاني انگريزي (Ghulam Shah Jeelani) اردو (غلام شاہ جیلانی) (جنم: 7 آگسٽ 1957ع)،(وفات:13 سيپٽمبر2019ع) ، پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽيرينز سان لڳاپيل، سنڌ پاڪستان جو سياستدان هو جيڪو 2008ع کان وفات تائين سنڌ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر رهيو.
شروعاتي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]غلام شاھ جيلاني 7 آگسٽ 1957ع ۾ نئيگ شريف جي گادي نشين سيد الله بخش شاھ جيلاني جي گهر ۾ جنم ورتو[2] هن بين الاقومي سياسيات ۾ ايم.اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي[2]
سياسي شروعات
[سنواريو]هيءُ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽيرينز جي ٽڪيٽ تان صوبائي اسيمبلي سنڌ جي تڪ پي ايس 75دادو-V تان 2002ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي سنڌ جي رڪن طور چونڊ لڙيو پر ناڪام رهيو ۽ڊاڪٽر منظور حسين لغاري ڪامياب رهيو.[3] هيءُ 2008ع ۾جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليمنٽيرينزءَ جي اميدوار طور پي ايس 75-دادو-II t تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي سنڌ چونڊجي ويو.[4] غلام شاهه جيلاني 2013ع جي عام چونڊن ۾ پي ايس 75-دادو-II تڪ تان ٻيهر صوبائي اسيمبلي سنڌ جو ميمبر چونڊيو ويو.[5][6] جولاءِ 2016ع ۾ سيد مراد علي شاهه جي وڏ وزارت دوران سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اوقاف کاتي لاءِ وڏي وزير جو خاص صلاحڪار مقرر ٿيو.[7]
وفات
[سنواريو]غلام شاھ جيلاني مختصر علالت کان پوءِ 13 سيپٽمبر 2019ع تي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. کيس نئيگ ماٿري ۾ واقع سندس اباڻي ڳوٺ نئيگ شريف ۾ دفن ڪيو ويو.[8]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pas.gov.pk/index.php/members/profile/en/32/691
- ↑ 2.0 2.1 Welcome to the Website of Provincial Assembly of Sindh, اصل کان 15 سيپٽمبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 اپريل 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ Wayback Machine
- ↑ Wayback Machine
- ↑ https://nation.com.pk/13-May-2013/pppp-retains-majority-in-sindh-assembly
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 28 جنوري 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 اپريل 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ Winds of change: Sindh cabinet gets seven new faces among 17 members - The Express Tribune
- ↑ "PPP MPA Ghulam Shah Jilani passes away in Karachi", TheNews International (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 13 سيپٽمبر 2019۔