غازي شاهه جو دڙو
ڏيک
غازي شاھ جو دڙو انگريزي (Ghazi Shah-Jo-Daro) سنڌ جي دادو ضلعو، جوهي تعلقو ۾ هڪ قديم تاريخي ماڳ آهي جيڪو پير غازي عرف عام سيد گاجي شاهه جي مزار کان ٻه ڪلوميٽر اوڀر طرف ڌؤنڪ ماٿريءَ ۾ نئي نئيگ جي ڪناري تي موجود آهي. هن ماڳ کي مقامي طور ماڙيکڙ دڙو يا پيارو جي ماڙي سڏيو وڃي ٿو. هيءُ ماڳ برطانوي هندستان جي ماهر کوجنيڪ اين. جي. مجمدار 1926ع کان 1929ع تائين سنڌ ۾ کوجنا ڪندي ڳولي لڌو ۽ ان کي پنهنجي ڪتاب ايڪسپلوريشنس اِن سنڌ ۾ غازي شاهه يا غازي شاهه دڙو جي نالي سان درج ڪيائين. بعد ۾ ڊاڪٽر لوئس فليم ۽ تاج صحرائي پڻ ڪم ڪيو. هن دڙي مان آمري، هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي آثارن سان گڏ ڪنجهي يا ٽامي جي دورجي آثار ڳولي لڌا ويا آهن. مجمدار هن دڙي کي ڪنجهي جي دؤر کان اڳ جو ڄاڻايو آهي.[1] [2][3] ڊاڪٽر لوئس فليم موجب هيءُ ماڳ 4000 کان 6000 قديم آهي.[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Sindh Through Centuries | SMIU.FM 96.6
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 20 آڪٽوبر 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 23 فيبروري 2018۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ https://books.google.com.pk/books?id=XgFu-9UF0TYC&pg=PA157&lpg=PA157&dq=Gazi+Shah+jo+daro&source=bl&ots=dJXBDYj_21&sig=skR0EI1_3fki0csC9YgM-ntZmQM&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwj-voLruLzZAhWGvxQKHfcnBOoQ6AEIKjAB#v=onepage&q=Gazi%20Shah%20jo%20daro&f=false
- ↑ Baxter, Craig (2004) (en ۾). Pakistan on the Brink: Politics, Economics, and Society. Lexington Books. ISBN 978-0-7391-0498-9. https://books.google.com.pk/books?id=CFNtVqYqAwEC&q=Ghazi+Shah+mound+louis+flam&pg=PA198&redir_esc=y#v=snippet&q=Ghazi%20Shah%20mound%20louis%20flam&f=false.