منظور سخيراڻي
منظور سخيراڻي (انگريزي:Manzoor Sakhirani) سنڌ جو ناليوارو راڳي ۽ موسيقار آهي. منظور سخيراڻي بهارالدين سخيراڻي جي گهر ۾ 14 اپريل 1959ع تي سنڌ جي ضلعي دادو جي شھر دادو ۾ ڄائو. سندس پيءُ روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. هن پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم دادو شهر ۾ پِرائي. وڌيڪ تعليم جاري رکي نه سگهيو. کيس ڳائڻ جو شوق ٻالڪپڻ کان هو. هن ڪلاسيڪي راڳ جي سکيا گويئي استاد قدرت ﷲ کان ورتي. 1983ع ۾ سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ پڌري ٿي. کيس ريڊيو پاڪستان، ڪراچي تي پروڊيوسر نثار ميمڻ متعارف ڪرايو. پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ ڪراچي تان پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي 1976ع ڌاري روشناس ڪرايو.[1] هن سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعرن کي ڳاتو آهي. جن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، استاد بخاري، علي گل سانگي، عبدالغفار تبسم ۽ انور قنبراڻي قابل ذڪر آهن. منظور سخيراڻي، سنڌ ۽ پاڪستان کانسواءِ دبئي، شارجا، ڀارت ۽ سعودي عرب ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.[2][3][4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-01-22.
- ↑ "سخيراڻي منظور : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-22.
- ↑ Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: منظور سخيراڻي - وزير فرهاد سولنگي". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-01-22.
- ↑ "سن ويجهو ڪار ڪلٽي، ناليوارو راڳي منظور سخيراڻي ۽ ڊرائيور زخمي -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-22.