ماڻڪ ڪنگراڻي
| ماڻڪ ڪنگراڻي Manik Kingrani | |
|---|---|
ماڻڪ ڪنگراڻي جي حياتيءَ جو فوٽو | |
| ڄم | ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي، جوهي تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ |
| وفات | ڪراچي |
| ڌنڌو | ، ليکڪ ڪهاڻيڪار صحافي ڊراما نويس |
| ٻولي | سنڌي, اردو |
| رهائش | ڪراچي |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | ايم. اي، سنڌي ادب |
| مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
| جُڳ | هاڻوڪو |
| موضوع | ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس، صحافي |
| ايوارڊ | بهترين ڊراما نگار پي ٽي وي ڪراچي اوارڊ |
| رشتيدار | عزيز ڪنگراڻي، نصراللہ ڪنگراڻي |
ماڻڪ ڪنگراڻي انگريزي ٻولي (Manik Kingrani) سنڌ پاڪستان جو سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي ھيو. سندس انيڪ ڪتاب ڇپيل آهن ۽ ڪيترائي ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد،پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن ۽ ٿين پيا.[1]
جيون خاڪو
[سنواريو]عزيز ڪنگراڻي جي ننڍي ڀاءُ ماڻڪ ڪنگراڻي جو پورو نالو ماڻڪ خان ڪنگراڻي ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. سندس جنم دادو ضلعي، جوهي تعلقي جي ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي ۾ 26 مارچ 1978تي ٿيو. هن پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائمري اسڪول مان 1990ع ۾ پرائي. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي 1995ع ۽ انٽر 1997ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوهي منجهان ڪئي. جڏهن ته بي.اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ ايم.اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.
ساھت سيوا
[سنواريو]ماڻڪ ڪنگراڻي لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪهاڻيوڻ لکڻ سان ڪئي، سندس پهرين ٻارن لاءِ ڪهاڻي “رمون جي عيد” روزانه عوامي آواز ڪراچي ۾ ڇپي انکانپوءِ ٻارن لاءِ توڙي ٻيون ڪهاڻيون روزاني جاڳو ڪراچي، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي، ماهوار سنڌ سجاڳ ڪراچي ، عبرت ميگزين حيدرآباد، نئين زندگي حيدرآباد، ڪينجهر، هالار ميگزين حيدرآباد ، سنڌ رنگ ميگزين حيدرآباد، هزارداستان ميگزين حيدرآباد ، سنڌو ميگزين حيدرآباد ، سورهيه ميگزين حيدرآباد، ٽماهي مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سوجهرو ميگزين ڪراچي، نئون نياپو ميگزين ڪراچي کان سواءِ ٻين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري ڇپي آهي. حيدرآباد توڙي ڪراچي مان نڪرندڙ اهم رسالن ۾ 1999ع ڌاري حيدرآباد مان صحافت جي شروعات ڪيائين. ان ئي دور ۾ ريڊيو تي 2003ع کان ڊراما لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس لکيل ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي تان نشر ٿيا آهن. جڏهن ته سنڌي اردو ڊرامه پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي سميت سمورن نجي چينلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيا آهن، سندس اردو ڊرامو بدلتا هي رنگ ۽ سنڌي ڊرامه ريشمي ڏور، اڌورو خواب ،رڻ ۾ رات ٺري. کاٽ، مياڻ ، وياج، کوٽو سڪو ۽ اکرڀور ذڪر جوڳا ڊراما آهن. جڏهن ته صحافي طور روزانه ڪاوش حيدرآباد, روزانه ڪوشش حيدرآباد، سنڌو حيدرآباد، تعمير سنڌ حيدرآباد، واڪا ڪراچي، جيجل ڪراچي، امت ڪراچي ، پاڪ ڪراچي، هلال پاڪستان ڪراچي، عوامي آواز ڪراچي، ڪي ٽي اين ڪراچي، سنڌ ٽي وي ڪراچي ۽ مهراڻ ٽي وي ۽ اردو اخبارن ۾ رپورٽر ، سب ايڊيٽر ، اسڪرپٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪري چڪو ھو.[2]
ايوارڊ
[سنواريو]- بهترين ڊرامه ليکڪ ايوارڊ 2008ع پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي[3]
- بهترين ڊرامه ليکڪ ايوارڊ 2013ع، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ، حيدرآباد
ڊرامه
[سنواريو]پي ٽي وي سينٽر ڪراچي تان سندس آن ايئر سيريلن ۾ ريشمي ڏور، بي نشان، اردو ۾ بدلتي هين رنگ ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪتاب
[سنواريو]- ڀڳت ڪبير جي شاعري، فن ۽ فلسفو ، سنڌ بوڪ ڪلب نواب شاهه، 2000ع
- ردي پنا (ڪهاڻيون)، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 2007ع
- ستين آسمان جا فرشتا (ڪهاڻيون)، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، نومبر 2014ع
لاڏاڻو
[سنواريو]ماڻڪ ڪنگراڻي 21 مارچ 2025ع تي ڪراچي ۾ دل بيهڻ جي ڪري لاڏاڻو ڪري ويو. هن پونير ۾ پُٽ سومار خان ۽ ڌيءُ سونهن سوڳوار ڇڏي آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Poets and writers | Aziz Kingrani
- ↑ ماڻڪ ڪنگراڻي | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 11 سيپٽمبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 23 مئي 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ Download and Watch Latest and old Pak TV Dramas: The 13th Regional PTV Awards Karachi Centre 2009