مواد ڏانھن هلو

محمد بخش سميجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد بخش سميجو
Muhammad Bux Samejo
ڄمڻمحمد بخش سميجو
فيبروري 05 1946(1946-02-05)

ڳوٺ ٻُٽ سرائي، ميھڙ تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات13 سيپٽمبر 2004 (عمر 58 سال)

ڪراچي
پيشوهدايتڪار، پروڊيوسر
ٻوليسنڌي، اردو
قوميتپاڪستاني
تعليمايم اي سياسيات
مادرِ علمسنڌ يونيورسٽي
صنفڊرامو
موضوعهدايتڪاري
نمايان ڪمڊراما سيريل جياپو
ڊراما سيريل جيت
ڊراما سيريل ڪونج
نمايان انعامبهترين هدايتڪار پي ٽي وي اوارڊ

محمد بخش سميجو (انگريزي:Muhammad Bux Samejo) (پيدائش: 5 فيبروري 1946ع - وفات: 13 سيپٽمبر 2004ع) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جو ناميارو هدايتڪار ۽ پروڊيسر هو. سندس پيش ڪش ۾ ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ۾ ڊارما ٽيليويزن سينٽر ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا جيڪي عوام ۾ مقبول ٿيا.[1][2][3]

زندگي ۽ تعليم

[سنواريو]

محمد بخش سميجو جو اصل نالو بشير احمد هو پر سندس اسڪول رڪارڊ ۾ محمد بخش درج ڪيو ويو. هي 5 فيبروري 1946ع تي سنڌ جي دادو ضلعي جي ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻُٽَ سرائي ۾ فقير محمد سميجو جي گهر ۾ جنم ورتو.[4][1][2] سندس پيءُ پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪند وهو. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس خاندان اباڻي ڳوٺ مان لڏي اچي دادو شهر جي جڳت آباد پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن مئٽرڪ ، انٽر ۽ بي.اي کان پوءِ ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۾ 1964ع ۾ پاس ڪئي. هيءُ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀان سيدآباد ۾ استاد طور مقرر ٿيو پر 1972ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪرڻ بعد استادي پيشو ترڪ ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين. 75-1974ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن سينٽر تي اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو. ترقي ڪندي پروڊيوسر جي عهدي تي فائز ٿيو.[1][2]

خدمتون

[سنواريو]

محمد بخش سميجو جي هدايتڪاري ۽ پيش ڪش ۾ ڪيترائي سنڌي ٻولي ءُ اردو ۾ پِي ٽِي وِي ڪراچي سينٽر تان ڪيترائي ڪامياب ڊرامه نشر ٿيا. هن ڪيترائي اداڪار ۽ ليکڪ متعارف ڪرايا جن فن جي دنيا ۾ نالو ڪمايو. کيس خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا.[1][2] کيس 1996ع ۾ سٺن ڊرامن عيوض جرمني ۾ سَنَدُون ڏنيون ويون.[3]

وفات

[سنواريو]

محمد بخش سميجو دل جي تڪليف سبب اسپتال داخل ٿيو. ڪافي ڏينهن اسپتال ۾ رهڻ کان پوءِ 13 سيپٽمبر 2004ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو. کيس دادو شهر ۾ دفن ڪيو ويو.[1][2]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 "New Page 1". www.thekawish.com. Retrieved 2019-06-01.
  2. 1 2 3 4 5 "سميجو محمد بخش : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2019-06-01.
  3. 1 2 بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16822&BookTitle=Bakhshu%20Lagharti%20Khan%20Baltimore%20Taeen. Retrieved 2019-06-03. آرڪائيو ڪيا ويا 2019-06-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. Retrieved 2019-06-01.