مواد ڏانھن هلو

ڪنگراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪنگراڻي
ٻوليون

سرائڪي ٻولي، بلوچي ٻولي ، سنڌي ٻولي، فارسي

مذھبَ

اسلام ۽ هندو مت

لاڳاپيل نسلي گروھ

بلوچ، سنڌي

ڪنگراڻي هڪ اهم ذات يا قبيلو آهي جيڪو ايران، هندستان کان علاوه پاڪستان جي صوبي سنڌ ۽ پنجاب ۾ رهي ٿو.

تفصيل

[سنواريو]

ايران ۾ ڪَنگراڻي(Kangrani), سنڌ ۾ ڪنگراڻي (Kingrani) سڏائي ٿو. ڪُنگراڻي (Kungrani) مري قبيلي جو پاڙو پڻ آهي. ڊاڪٽر بلوچ جامع سنڌي لغات ۾ ڪنگراڻي کي ڀلوچ لکي ٿو. ڪن محققن جو خيال آهي ته هيءَ قبيلو سماٽ آهي. هيءُ قبيلو هند ۽ سنڌ ۾ اڪثريت ۾ ڪنگراڻي (Kingrani) سڏائي ٿو ۽ مسلم توڙي هندو ڪميونٽي سان تعلق رکي ٿو.ديپڪ ڪنگراڻي هندستان جو مشهور ليکڪ ۽ اداڪار آهي.[1] سعيد ڪنگراڻي ايران جو مشهور آرٽسٽ هو.[2] سنڌ ۾ عزيز ڪنگراڻي ۽ ماڻڪ ڪنگراڻي سنڌ جا اهم ليکڪ آهن. ڪنگراڻي قبيلو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رهي ٿو. سنڌ جي ضلعي گھوٽڪي، دادو، سانگهڙ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد، ڪراچي کان علاوه ٻين ضلعن ۾ به رهي ٿو. هن قبيلي يا ذات سان تعلق رکندڙ پنجاب جي ضلعي ديري غازي خان جي واهي ڪنگراڻي ۽ وڏور ۾ به آباد آهي. وڏور جي ٽاڪرُو سلسلي مان وهندڙ واهي ڪنگراڻي پنجاب جو مشهور سياحتي ماڳ آهي.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Deepak Kingrani", IMDb (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 03 سيپٽمبر 2020۔ 
  2. "Saeed Kangarani", IMDb (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 03 سيپٽمبر 2020۔ 
  3. "ڪنگراڻي | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون", dic.sindhila.edu.pk, حاصل ڪيل 20 جولاءِ 2019۔