زرتشت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
زرتشت


Faravahar, believed to be a depiction of a Fravashi (guardian spirit), to which the month and day of Farvardin is dedicated

زرتشت/زوروستر (انگريزي ٻولي: Zoroaster) آڳاٽو فارس (پرسيا يا ايران) جو مفڪر, فلسفي ۽ مذهبي پيشوا هيو، جنهن اسلام کان اڳ، 6هين عيسوي صدي کان اڳ (قبل مسيح) ۾ آڳاٽي فارس جو ''هڪ خدا کي مڃيندڙ'' مذهب قائم ڪيو هيو. هو پرسيا يا ايران واري پاسي جو مذهبي پيشوا ۽ فلسفي زرتشت هو. هن ابراهمڪ مذهبن جي اچڻ کان به سوين سال اڳ واحد خدا، جنت ۽ دوزخ، آخرت، نمازن، ذڪر ۽ تسبيح، حلال ۽ حرام جانورن، قرباني، عيد، روح ۽ فرشتن جو تصور ڏنو هو ۽ پنهنجي پوئيلڳن کي اهو به ٻڌايو هو ته ڪنهن سان شادي ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن سان نه. [1]

زرتشت مذهب ۾ معراج جو واقعو (c. 300-400 AD)[سنواريو]

ايردا يراف جو ڪتاب (Book of Arda Viraf) پارسي ڌرم جي مکيه ۽ اهم ڪتابن مان هڪ آهي. ان ڪتاب ۾ اردا نالي هڪ پارسيءَ جو واقعو لکيل آهي، جيڪو پنهنجي خدا آهورا مزدا (آحورا مزادا) (Ahura Mazda) سان ملڻ آسمان تي وڃي ٿو. اردا جو اهو سفر جسماني ڪونهي، پر روحاني آهي. هن جو روح سفر تي وڃي ٿو ۽ ڇھ ڏيهاڙن کانپوءِ سندس روح جسم ۾ موٽي اچي ٿو. ان سفر دوران اردا کي پُل چينوت (Chenvat Bridge) يا پُل صرات تان گذرڻو ٿو. ان پُل تان جڏهن نيڪوڪارَ گذرن ٿا ته اها پُل ويڪري ۽ موڪري ٿي وڃي ٿي ۽ جڏهن گنهگار گذرن ٿا ته اها تلوار جي ڌار کان به تيز ۽ تکي ٿي وڃي ٿي ۽ ان تان لنگھندڙ گنهگار وڍجي وڍجي هيٺ دورخ ۾ ڪِري ٿي پيا. ان روحاني سفر ۾ اردا جو ٻانھ ٻيلي اَطر (Atar) نالي هڪ فرشتو آهي. ان سفر دوران اردا کي جنت ۽ دوزخ جي مختلف ڀاڱن جو سير ڪرايو ويو هو. اهو اُتي مختلف ماڻهن سان ملي ٿو جن پنهنجي حياتي ۾ گناھ يا ثواب جا ڪم ڪيا هئا. ان روحاني سفر تان واپس موٽي اچڻ تي کيس خدا (يزادا) جي طرفان هدايت ڏني وڃي ٿي ته زرتشتيت (Zoroastrianism) ئي واحد حق وارو دين آهي، تنهنڪري اهو ڌرتيءَ تي زرتشت مذهب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري ۽ ماڻهن کي ڏينهن ۾ پنج وقت عبادت جي تلقين ڪري. [2]

زرتشت مذهب ۾ پنج وقت عبادت کان پهرين جسم جا عضوا ڌوئي پاڪ صاف پَوِتر ڪرڻ ضروري آهن. ماڻهن کي عبادت جي لاءِ پنج ئي ڀيرا گھنٽي وڄائي گھرايو ويندو آهي. زرتشت مذهب ۾ ان جي اصل ٻولي يعني اوستا ٻوليءَ (Avestan language) ۾ عبادت ڪرڻ جي عمل کي وڏائي يا فضيلت حاصل آهي.
وقت زرتشت مذهب جي نمازون
فجر هاوان (Havaan)
ظهر رپتون (Rapithwan)
عصر ايزران (Uziren)
مغرب سروثرم (Aiwishuthrem)
عساءِ اوشهي نااي (Ushaen)

حوالا[سنواريو]

  1. Zoroastrianism - Wikipedia
  2. ايردا و يراف نمگ

[1]

  1. Zoroastrian calendar - Wikipedia