واهي پانڌي ۾ قديم قبرون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
واهي پانڌي ۾ قديم قبرون
واهي پانڌي ۾ قديم قبرن جي پٿر تي لفظ بحادين اڪريل
واهي پانڌي ۾ قبرن ۾ ڪالم نماقبر

واهي پانڌي ۾ قديم قبرون انگريزي (Ancient Graves in Wahi Pandhi) قديم قبرون آهن جيڪي واهي پانڌي شهر لڳ کيرٿر جبل جي اولهندين ٽڪرين تي نئي نلي جي ڪناري سان جوهي تعلقي، دادو ضلعي، سنڌ پاڪستان ۾ واقع آهن. هيءُ قديم قبرون ڪالمن جي نموني پٿرن جي وڏن سليبن سان جڙيل آهن. قبرون پاسن توڙي مٿان پڻ پٿرن جي بلاڪن سان ڍڪيل آهن. قبرن ۾ مڙھ قبرن اندر رمين تي ٺهيل پٿرن جي فرش تي ظاهر رکيا ويندا هئا. انهن جي اندر ظاهر پيل هڏا سولائي سان ڏسي سگهجن ٿا. هڪ قبر تي لفظ بحادين (Behdin) اڪريل آهي.[1] انڪري اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هيءُ قديم قبرون زردشتي مذهب وارن جون آهن.[2][3] ڇاڪاڻ ته لفظ بحادين (Behdin) جو مطلب سٺي يا تازي مذهب وارو آهي جيڪو زرتشت جي پوئلڳ مذهب وارن سان لاڳاپيل يا منسوب ڪيل آهي.[4]

تاريخ[سنواريو]

نئي نليءَ جي ٻنهي ڪنارن سان ٻه الڳ قبرستان آهن جن ۾ هيءُ قديم قبرون موجود آهن. مقامي طور رومين جون قبرون سڏجن ٿيون. ٻئي قبرستان مختلف دؤرن سان تعلق رکن ٿا.[2] ڳوٺ هليلي ڀرسان نئي هليلي جي ڪناري مقامي طور سماعيل فقير سان مشهور جي ڇٽي تمام وڏن گهڙيل پٿرن جي ٿنڀن سان جوڙيل آهي جيڪا ڪاڇو ۾ زردشتي آثارن جو نادر نمونو آهي. ٿنڀن يا ڇٽي ۾ گھڙيل ڳرا پٿر چيرولي يا گِل وغيره توڙي ڪنهن ٻئي مصالحي کان سواءِ سٿيل يا بيهاريل آهن. ڇٽيءَ جي ڇت جي اندر نهايت شاندار اُڪر ٿيل آهي جنهن ۾ سج جي شعاعي لڪيون جهڙي اُڪر ٿيل آهي. [2] قبرن جي پٿرن تي ڪيترائي نالا يادگار طور اڪريل آهن جيڪي يقينن ڪوفي يا فارسي زبان ۾ اُڪريل آهن.[2] اهو ڀروسي سان چيو وڃي ٿو ته هيءُقديم قبرون رومي فاتح سڪندر اعظم جي 327 قبل مسيح ۾ سنڌ تي حملي جي دؤر سان تعلق رکن ٿيون. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته هيءُ قبرون بلوچ قبيلي جون آهن پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڪهڙي بلوچ قبيلي وٽ وڏن گهڙيل پٿرن جي سليبن منجهان ڪالم نما کليل قبرن ۾ ظاهر ظهور يا ٻاهر مڙھ رکڻ جي روايت هئي؟ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي هنن قبرن کي زردشتي قبرون قرار ڏئي ٿو. سنڌ ۾ ايران جي قبضي ۽ حڪمراني جو تاريخي ذڪر دارا اول کان ملي ٿو.[5][2] سن 637ع ۾ جنگ قادسيه يا قدسيه مسلمانن ايران فتح ڪيو.[6] زردشتين کي مسلمانن گبر مطلب ناستڪ ڪوٺيو ان جي رد عمل ۾ زردشتين پاڻ کي بحادين سڏيو.ڪيترائي گبر بند کيرٿر جبل جي نئين آڏو يا کيرٿر جابلو سلسلي ۾ گبر بند جوڙيل آهن جيڪي زردشتين جي ياد تازي ڪن ٿا.[2] زردشتي يا پارسي اڄ به سنڌ، پاڪستان[7] توڙي هندستان [5] ۾ موجود آهن. تاريخي تذڪرن ۾ واضع لکيل آهي ته زردشتين ايران کان سنڌ ۽ پنجاب، پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي.[8]

اڏاوت[سنواريو]

قديم قبرون وڏن ۽ اُڪريل پٿرن جي سليبن سان جڙيل آهن. ٽڪريءَ جي سطح تي پٿرن جو ٿلهو ٺهيل آهي. جنهن تي لاش رکيو ويندو هو. قبرن جا پاساپٿر جي سليبن سان اٽڪل ٻه کان ٽي فوٽ مٿي اڏيل آهن. اڪثر قديم قبرن جي سيراندي ۽ پيراندي کليل آهي پر ڪن قبرن جي سيراندي ۽ پيراندي سليبن سان ڍڪيل پڻ آهي، نليءَ نئي جي ساڄي ڪناري ققبرن جي پٿرن تي اڪر گھٽ ٿيل آهي. پٿرن جا سليب هڪٻئي مٿان سٿيل آهن جن جي وچ ۾ گِل، گارو، يا ڪو ٻيو مصالحو ڪم آيل نه آهي. جڏهن ته نئي جي کاٻي ڪناري وارين قبرن جي پٿرن تي اُڪر وڌيڪ ٿيل آهي. هنن قبرن جي پٿرن تي اڪريل نالا ايراني لڳن .هنن قبرن تي ڪوفي يا اريني لپي ڪم آيل آهي. جڏهن ته الله نالي کانسواءِ قراني آيتون پڻ اڪريل آهن. جن لاءِ گمان غالب آهي ته بعد ۾ اهي زردشتي مذهب وارا مسلمان ٿي مقامي ماڻهن ۾ ضم ٿي ويل ڀانئجن ٿا.[9]

محل وقوع[سنواريو]

هيءُ قديم قبرون واهي پانڌي کان اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولهه طرف نئي نلي جي ساڄي ۽ کاٻي ڪناري سان مٿاهين ٽڪرين تي هڪٻئي جي اتر ڏکڻ ۾ آهن جيڪي زرتشتين جي ٽاور آف سالينس جي نموني جو ڏيک ڏيڻ ٿيون.[2]

حوالا[سنواريو]