ٺلهه ڳوٺ ڪنگراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٺلهه ڳوٺ ڪنگراڻي

ٺلهه ڳوٺ ڪنگراڻي انگريزي (Thul Village Kingrani) جوهي تعلقي، دادو ضلعي، سنڌ پاڪستان ۾ شهر جوهي کان 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جوهي-ڀان روڊ لڳ قديم ڳوٺ ڪنگراڻي[1] ۾ واقع آهي جيڪو ڳوٺ هاڻ ڳوٺ گل محمد گنب جي نالي سان مشهور آهي. جوهي تعلقي جي روينيو رڪارڊ ۾ اڃا تائين ڳوٺ ڪنگراڻي طور درج آهي. هيءُ ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي جي وڏڙن آباد ڪيو هو جنهن بعد ۾ لڏي اچي موجوده ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻي ٻَڌو. قديم ڳوٺ ڪنگراڻي جي ڏکڻ ۾ ٺلهه موجود آهي جيڪو ٻڌمت مذهب جو يادگار آهي. ٺلهه 60 فوٽ اونچو ۽ اٽڪل 30 فوٽ ويڪرو تعمير ڪيل آهي. ٺلهه ڪچين سرن ۽ چِيڪِي مٽيءَ سان جوڙيل آهي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ٺلهه هوتو مست جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو هو. موجوده وقت ۾ ماڻهن ٺلهه کي سراسر اڌ جيترو ڊاهي ڇڏيو آهي ۽ ڍلهه مٿان هڪ تربت جوڙي ان کي عقيدت طور پِيرُ سڏڻ شروع ڪيو آهي. [2]

حوالا[سنواريو]