واهي پانڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
واهي پانڌي
شهر
ڪوٽيرو دڙو، واهي پانڌي
ڪوٽيرو دڙو، واهي پانڌي
واهي پانڌي is located in سنڌ
واهي پانڌي
واهي پانڌي
واهي پانڌي is located in Pakistan
واهي پانڌي
واهي پانڌي
جاگرافي بيهڪ: 26°39′36″N 67°21′18″E / 26.66°N 67.355°E / 26.66; 67.355مڪانيت: 26°39′36″N 67°21′18″E / 26.66°N 67.355°E / 26.66; 67.355
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو دادو

واهي پانڌي (انگريزي: Wahi Pandhi) سنڌ جي دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جو اهم تاريخي شهر آهي[1] جيڪو ڪاڇي جي صحرا ۾ کيرٿر جبلن جي سلسلي منجهان نئي نليءَ ۾ وهي ايندڙ چشمن جي پاڻيءَ جي واهيءَ جي ڪناري قائم آهي [2][3]جنهن ڪري مٿس نالو واهي پيو. بعد ۾ پانڌي خان لغاري هن شهر ۾ آباد ٿيو ته سندس نالي پويان واهي پانڌي سڏجڻ لڳو.[4] واهي پانڌي جوهي تعلقي جو اهم ۽ قديم وارپاري شهر آهي.[5] واهي پانڌي گورک هل اسٽيشن کي قريب ترين شهر آهي جيڪو قديم رماني ۾ ڪوٽيرو دڙو تي قائم هو.[6] آثار قديمه جي مشهور ماهر اين. جي. مجمدار برطانوي هندستان جي ورهاڱي کان اڳ کوجنا وسيلي، واهي پانڌي لڳ ڪوٽيرو دڙي مان آمري (قديم آثار)، بلوچستان جي قُلي ۽ نال تهذيب جي دور جاآثار ڳولي لڌا هئا.[7] واهي پانڌي شهر جي آبادي 50،000 جي قريب آهي. [8]واهيءَ ۾ ڊگري ڪاليج[9] به آهي ته اسپتال پڻ آهي.[10]

تاريخ[سنواريو]

هيءَ وسندي موهن جي دڙي جي شهر تمدن کان اڳ جو هڪ ننڍو ڳوٺ يا واهڻ آهي. کوٽائي دوران اتان ٻه تهه مليا آهن. [11] هيٺيون تهه، جيڪو ڳوٺاڻي ثقافت واري دور جو آهي، اتان آمريءَ جي دؤر وارا ٿانون مليا آهن. جڏهن تہ مٿئين تھ مان هڙاپا دور جا مخصوص ٿانو ڳاڙهي تر تي ڪاري چٽسالي وارا مليا آهن. قديم آثارن جي ماهر فليم جي راءِ ۾ ته اهو ضرورري ناهي ته اهڙي چٽسالي واري ٿانو فقط هڙاپا دور سان واسطو رکندڙ هجن. جڏهن تہ هتان ملندڙ ڪن ٿانون جو واسطو ڏاکڻي بلوچستان سان به آهي.[12] ٿانون کان سواءِ هتان افغانستان جي قديم آثار منڊيگڪ مان لڀندڙ قيمتي مڻيا، نيزا، چقمقي پهڻ وارا اوزار پڻ مليا آهن. چٽن ۾ پپر جو پن، مڇين جا ڇلر ۽ ڍڳن جا چٽ عام آهن. ڍڳي جو نمونو بلوچستان جي ڪلي-ميهي ڪلچر سان واسطو رکندڙ آهي. جڏهن ته مڇين جا ڇلر موهن جي دڙي سان واسطو رکندڙ آهن.

وسنديءَ ۾ ٻن قسمن جا گهر ملن ٿا. هن وسندي جا مرڪزي گهر جيڪي ننڍڙي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن ۽ هڪ قدرتي مٿانهين دڙي تي آهن. انهن گهرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تک هيءُ گهر جيڪي مرڪز ۾ آهن، اهي ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ سندس عزيزن جا هوندا ۽ ان مرڪزي رهائشي ايراضيءَ جي چوڌاري پري پري تائين چوٿائي کن ميل ۾ اڪيلا گهر يا گهرن جا ميڙاڪا لڌا ويا آهن، جيڪي ٻئي قسم جي گهرن ۾ شامل آهن، جتان ڪافي انداز ۾ ڀڳل ٿانون، قيمتي چقمقي پهڻ جا اوزار مليا آهن. اهي گهر وسنديءَ جي هارين نارين ۽ مالوندن جا هوندا. پانڌي واهي وسنديءَ جا رهواسي هاري ۽ مالدار هئا. پنهنجو گهڻو وقت مال چارڻ ۽ زراعت ڪرڻ تي صرف ڪندا هئا.[13][14][15]

حوالا[سنواريو]

  1. "بريڪنگ نيوز: واهي پانڌي: بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ڏاڏي ۽ پوٽو فوت - Awami Awaz" (ur ۾). Awami Awaz. https://awamiawaz.com/246780/. 
  2. "Forgotten people of Wahi Pandhi - Daily Times" (en-US ۾). Daily Times. 2018-01-19. https://dailytimes.com.pk/183896/forgotten-people-of-wahi-pandhi/. 
  3. "Wahi Pandhi needs attention" (en-US ۾). The Nation. 2018-04-05. https://nation.com.pk/05-Apr-2018/wahi-pandhi-needs-attention. 
  4. Ancient sites, towns and villages | Aziz Kingrani
  5. Wahi Pandhi - Wikipedia
  6. "Kotero Daro, Dadu". heritage.eftsindh.com. حاصل ڪيل 2020-08-12. 
  7. Google Maps
  8. "Forgotten people of Wahi Pandhi - Daily Times" (en-US ۾). Daily Times. 2018-01-19. https://dailytimes.com.pk/183896/forgotten-people-of-wahi-pandhi/. 
  9. "Wahi Pandhi college   - The Express Tribune" (en-US ۾). The Express Tribune. 2016-09-22. https://tribune.com.pk/story/1186661/wahi-pandhi-college/. 
  10. Newspaper, From the (2018-02-02). "Wahi Pandhi hospital" (en-US ۾). DAWN.COM. https://www.dawn.com/news/1386690. 
  11. Louis Flame, “The Paleography & Prehistoric Settlement Pattern in Sind” (CA 4000-2000 B.C)
  12. dissertation in South Asia Regional Studies, Pennsylvania, 1818, P-271
  13. لئمبرڪ، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص- 98-99
  14. Panhwar, M.H, “Chronological Dictionary of Sindh
  15. سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2019-08-09