بشير احمد قريشي
| بشير احمد قريشي | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| ٻار | |
| عملي زندگي | |
| مادر علمي | |
| پيشو | |
| مادري ٻولي | سنڌي |
| ڪم جي ٻولي | سنڌي ،اردو |
| ترميم | |
بشير خان ولد غلام مرتضىٰ قريشي 10 آگسٽ 1959 تي رتو ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سنڌ جو قومپرست نوجوان ليڊر ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين ھو.[1]
شروعاتي جيون
[سنواريو]بشير خان جي پرورش هڪ وچولي گهراڻي ۾ ٿي. سندس والد ڳوٺ ۾ اٽي جي چڪي هلائيندو هو ۽ اناج جو واپار ڪندو هو. پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم رتيديري مان ئي حاصل ڪيائين. انٽر سي انڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان پاس ڪيائين.
بشير خان قريشي 1976 ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ داخلا ورتي. جتي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1980 ۾ جساف زرعي يونيورسٽي جو صدر چونڊيو ويو. بشير خان قريشي جي ايم سيد جي تمام ويجهو رهيو.
قريشي صاحب طبيعت ۾ سڌو سنئون ۽ کري قسم جو ماڻهو ھو. منجهس روايتي سياستدانن واريون چالون ڪو نه ھيون. پاڻ ڏاڍو خوش اخلاق، خوش مزاج، رلڻو ملڻو ۽ کل مک انسان ھو. هن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي قوم جي خوشحالي لاءِ جاکوڙيو. بشير قريشي ڪيترائي سال سنڌ جي حقن جو آواز اٿارڻ سبب قيد پڻ ڪاٽي.
سياسي جدوجھد
[سنواريو]بشير قريشي جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين ھيو، ھن 23 مارچ تي ھر سال ڪراچيءَ ۾ لکين سنڌي ماڻھن کي گڏ ڪري دُنيا جي وڏن ملڪن سميت گڏيل قومن کان سنڌ جي آزاديءَ جي گُھر ڪندو رھيو. جنھن تي آمريڪا پڻ نوٽيس ورتو ھيو. [حوالو گهربل]
موت
[سنواريو]بشير احمد خان قريشي کي مبينا طور 7 اپريل 2012ع تي زھر ڏئي ماريو ويو، سندس جسم جو پوسٽ مارٽم نہ ڪيو ويو ۽ سندس کاڌي جا جُزا مُبينا طور مَٽايا ويا.[حوالو گهربل]
حوالا
[سنواريو]- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد., اصل نسخو مان 2019-08-14 تي محفوظ ڪيل, 2019-12-17 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- CS1 errors: unsupported parameter
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون
- سنڌي اديب
- سنڌي سياستدان
- سنڌي سُورما
- سنڌي شخصيتون
- سنڌي قوم پرستي
- سنڌي مصنف
- قومپرست
- قوم پرست سياست
- لاڙڪاڻي ضلعي جا سياستدان
- 1959ع جون پيدائشون