رتوديرو
رتوديرو Ratudero | |
---|---|
شھر | |
پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°48′5″N 68°18′40″E / 27.80139°N 68.31111°Eمڪانيت: 27°48′5″N 68°18′40″E / 27.80139°N 68.31111°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | لاڙڪاڻو |
رتودیرو (سنڌي: رتوديرو شھر لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي رتوديرو جو صدر مقام آهي. شھر لاڙڪاڻي شھر کان 28 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.
تاريخ[سنواريو]
ھن شھر جو پراڻو نالو رتن ديرو ھيو جيڪو بعد م رتوديرو ٿي ويو. ھن شھر جو بنياد ڪلھوڙن جي دور ۾ پيو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[1] “ ھن شھر جي مونسپالٽي جو بنياد 1862 م پيو پر شروع ۾ ان جي ميمبرن کي نامزد ڪيو ويندو ھو پر 1935 واري گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ھيٺ بالغ راء دھي جي بنياد تي 1938 ۾ چونڊون ڪرايون ويون.[2].سال 1939 ۾ ھڪ خانگي ڪمپني رتيديري ۾ پاور هائوس لڳايو جنھن مان شھر جي وڏن رستن تي بجليءَ جا بلب ٻرندا هئا ۽ ڪجھ سرندي وارن کي بہ بجلي فراهم ٿيل ھئي. ان کان اڳ شھر ۾ رستن تي گاسليٽ تي ٻرندڙ فانوس لڳل ھيا جيڪي اسٽريٽ لائيٽ جو ڪم ڪندا ھئا.[3]
بينڪاري نظام[سنواريو]
رتوديرو ۾ ھيٺيون بينڪون واقع آھن:
مشھور ماڻھو[سنواريو]
- ذوالفقار علي ڀٽو
- بينظیر ڀٽو
- ممتاز علی ڀٽو
- میر مرتضٰی ڀٽو سربراھ پاڪستان پیپلز پارٽي (شھيد ڀٽو)
- بشیر قریشی سربراھ (جسقم)
ذريعا[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
- ↑ {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}
- ↑ { يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011 پيج نمبر 22}
- ↑ { يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011 پيج نمبر 24}
تحصیل اور یونین ضلع لاڑکانہ میں - گورنمینٹ آف of پاکستان
سانچو:نامکمل سانچو:پاکستان کے بڑے شہر زمرہ:سندھ کے شہر زمرہ:ضلع لاڑکانہ