جيئي سنڌ قومي محاذ
جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) Jeay Sindh Qoumi Mahaz | |
|---|---|
جسقم جو جهنڊو | |
| باني | عبدالواحد آريسر بشير احمد قريشي شفيع محمد برفت رياض چانڊيو گل محمد خان جکراڻي |
| بنياد | جون, 1995 سن شهر ۾ |
| صدر مقام | سن, سنڌ |
| شاگردن واري شاخ | جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن(جسقم) |
| نظريو | سنڌي قومپرستي |
| رنگ | ڳاڙهو |
| نعرو | سنڌوديش مقدر آ، جي ايم سيد رهبر آ |
جيئي سنڌ قومي محاذ (انگريزي: Jeay Sindh Qoumi Mahaz مخفف: جسقم) سنڌ جي هڪ سياسي جماعت آهي، جيڪا پاڪستان کان سنڌ جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. هي تنظيم جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ 1995ع ۾ جوڙي وئي.
جسقم جو قيام
[سنواريو]جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ الڳ الڳ ڪم ڪندڙ تنظيمن، جسقم جي نالي ۾ هڪ اتحاد جوڙيو. جي ايم سيد جي وفات ڌڙن ۾ ورهايل تحريڪ کي جسقم جي نالي ۾ گڏ ڪيو، ۽ عبدالواحد آريسر ان جو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو. اهو اتحاد صرف 5 سال ئي هلي سگھو.[1]
جسقم ۾ بحران
[سنواريو]2000ع، اتحاد جي پنج سالن بعد شفيع برفت ۽ سندس ساٿين جسقم کان اڳ ٿي، جسمم ٺاهي.[2] عبدالواحد آريسر، بشير احمد قريشي تي الزام هنيو ته هو پاڻ مرادو پارٽي جو اڳواڻ ٿي ويٺو آهي، ۽ پارٽي جي ادارن جي فيصلن کي اهميت نٿو ڏي،[3] 2006ع ۾ آريسر جسقم ڇڏي جسقم (ا) جوڙي.[4] 2010ع ۾ جسقم جو جنرل سيڪريٽري صفدر سرڪي پڻ جسقم ڇڏي جيئي سنڌ تحريڪ جوڙي.[5]
آزادي مارچ
[سنواريو]23 مارچ 2012ع، قرارداد پاڪستان واري ڏينهن جسقم جي ڪارڪنن هڪ ريلي ڪڍي جنهن کي آزادي مارچ چيو ويو، جنهن ۾ ڪارڪنن قرارداد پاڪستان خلاف نعرا هنيا. جسقم جي تڏهوڪي چيئرمين بشير احمد قريشي اتي سنڌ جي آزادي جو اعلان ڪيو ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي چيو ته اهي سنڌ جو حصو ٿين.[6]
اڳواڻ
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو بشير احمد قريشي
بشير احمد قريشي 1998ع کان سندس وفات 2012ع تائين جسقم جو چيئرمين رهيو، هي سڪرنڊ لڳ، 54 سالن جي عمر ۾ پراسرار نموني وفات ڪري ويو.هن جو مکيه آخري سياسي پروگرام 23 مارچ 2012ع ۾ ڪراچي ۾ ڪيل آزادي مارچ هو.
صنعان خان قريشي
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو صنعان خان قريشي
بشير احمد قريشي جي وفات کان پوءِ سندس وڏي پٽ صنعان خان قريشي کي پارٽي جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو.[7] هن کي چيئرمن مقرر ڪرڻ کي ڪيترائي تنقيدنگار بادشاهت جي علامت ڪوٺين ٿا، ۽ خانداني سياست کي سيد جي نظريي جي خلاف قرار ڏين ٿا.[8]
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Analysis: Sindhi nationalists stand divided", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), 4 December 2014, حاصل ڪيل 9 February 2017۔
- ↑ "Nationalist Party JSMM Launched - JSMM", JSMM, 27 November 2000, حاصل ڪيل 9 February 2017۔
- ↑ "HYDERABAD: Bashir blamed for crisis in JSQM", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), 12 February 2007, حاصل ڪيل 9 February 2017۔
- ↑ "HYDERABAD: JSQM in disarray after senior leader quits" (en ۾). DAWN.COM. 7 November 2006. http://www.dawn.com/news/217885. Retrieved 9 February 2017.
- ↑ "Qadir Magsi urges JSMM to give up armed struggle in Sindh", DAWN.COM (ٻولي ۾ انگريزي), 3 December 2014, حاصل ڪيل 9 February 2017۔
- ↑ "’سندھ کو پاکستان سے آزاد کروانا ضروری‘" [’It Is Necessary To Release Sindh From Pakistan‘] (ٻولي ۾ Urdu), BBC Urdu, 24 مارچ 2014, حاصل ڪيل 07 جون 2018۔
- ↑ "Show must go on: JSQM vows to hold Freedom March - The Express Tribune", The Express Tribune, 22 March 2014, حاصل ڪيل 9 February 2017۔
- ↑ "قومپرست پارٽيون! ڪڏهن کان خانداني ۽ ون مين شو پارٽيون پيون ٿين؟ وينگس", انڊس ٽريبون, 21 February 2015, حاصل ڪيل 9 February 2017۔