مولانا اسلامي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مولانا اسلامي , جنھن کي مولانا ديبلي ۽ مولاءي اسلام ديبلي جي نالن سان به سڏيو ويو آھي . سو تاريخ سنڌ جو سڀ کان پھرين سنڌي مجاھد ھو ـ ھو ديبل جي ھڪ معزز ھندو گھراڻي ۾ ڄائو ھو ـ ديبل جي وڏن ھندو پنڊتن ۽ جوتشين ۾ شمار ڪيو ويندو ھو ـ حڪومتي ڪارھنوار جي نسبت سان سندس ۽ سندس پيء جو وقت جي حاڪم راجا ڏاھر جي درٻار ۾ حاضري ڀرڻ ٿيـندي ھءي ـ 93 ھجري ۾ جڏھن محمد بن قاسم ديبل تي ڪاھ ڪري قبضو ڪري ورتو ته مولانا صاحب اسلام قبول ڪري مجاھدن جي لشڪر ۾ شامل ٿيو ۽ مسلمانن کي سنڌ جي فتح ۾ مدد ڪءي ـ جيتوڻيڪ تاريخ ۾ سندس حالات تمام محدود بيان ٿيل آھي ـ پر انھن مان سندس جرءت , بھادري , ايماني غيرت ۽ فصاحت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ـ خصوصاً سندس ۽ راجا ڏاھر جي وچ ۾ ٿيل ان مڪالمي مان سندس بلند ڪردار ۽ حوصلي کي محسوس ڪري سگھجي ٿو ـ [1]

اصل نالو[سنواريو]

سندس نالو قبله بن مهتراج هو. پر اسلام قبول ڪرڻ کان پوء هن کي مولانا اسلامي ۽ مولائ اسلام ديبلي جي نالن سان سڏيو ويو.

ابتدائي حالات[سنواريو]

هو ديبل جو رهاڪو هو ۽ ديبل شهر جي قيدخاني جو جيلر هو. تنهن کانسواء هڪ عالم، اديب، مصنف، ڏاهو ۽ ڪيترن ئي علمن جو ماهر هو.

مسلمان قيدين جي نگهباني[سنواريو]

سريلنڪا کان عرب ويندڙ جن مسلمانن کي ڌاڙيلن لٽيو ۽ قيد ڪيو هو. انهن کي ديبل جي انهي جيل ۾ رکيو ويو هو، جنهن جو نگران قبله هو. اڳتي هلي بديل ۽ عبدالله بن نبهان جي اڳواڻي ۾ آيل لشڪر جا مسلمان سپاهي به هن جي نگراني ۾ رکيا ويا هئا.

مسلمان قيدين سان حسن سلوڪ[سنواريو]

قبله مسلمانن سان نهايت سهڻو ورتاء ڪيو ۽ سندن دين متعلق انهن کان پڇندو رهندو هو. قيدين کان هن کي اسلام بابت جيڪا ڄاڻ ملي ، تنهن مان هو بيحد متاثر ٿيو . ساڳي ريت انهن جي عبادتن جي طور طريقن مان ڪافي اثر ورتائين. نيٺ هو انهي دوران دلي طور اسلام قبول ڪري ورتو ۽ مسلمان قيدين کي دلاسا ڏئي چوڻ لڳو ته "اوهان بي فڪر رهو. خليفہ اسلام ضرور اوهان کي ڇڏائڻ لاء ڪو لشڪر ضرور موڪليندو.تيستائين آئون اوهان جي حفاظت ڪندو رهندس "

محمد بن قاسم جي قيد ۾[سنواريو]

آخرڪار 93 هجري ۾ محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ مسلمانن ديبل فتح ڪري ورتو ۽ راجا ڏاهر سڀني سپاهين کي قيدي بنائي ورتو . ساڳي ريت هن ديڀل جي قيدخاني مان مسلمان قيدين کي آزاد ڪرائي ورتو ۽ قبلہ سميت جيل جي حفاظت تي معمور سڀني سپاهين کي قيد ڪيو. محمد بن قاسم جيئن ته قبله جي حسن سلوڪ ۽ همدردي کان ناواقف هو، تنهنڪري قبله کي گهرائي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنائين ، ان تي قبله چيو "اي مسلمانن جا سردار! مونکي قتل ڪرڻ کان پهريان اهو ته معلوم ڪريو ته مون قيدين سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو آهي?" ان تي محمد بن قاسم هن کان پڇيو ته " ٻڌاء ته تو قيدين سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو هو?" ان تي چيائين "اي سردار! اهو توهان مسلمان قيدين کان پڇو، ته جيئن اوهان کي پوري پڪ ٿي سگهي." ان تي محمد بن قاسم قيدين کي گهرائي انهن کان پڇيو. جن قبله جي حسن سلوڪ جي تمام گهڻي تعريف ڪئي. اهو ڄاڻڻ کان پوء محمد بن قاسم قبله جيلر کي آزاد ڪري ڇڏيو.

اسلام قبول ڪرڻ[سنواريو]

قبله جيڪو پهريان ئي اسلام مان متاثر ٿي چڪو هو. تنهن محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام قبول ڪري مسلمان ٿي ويو. جنهن کان پوء سندس نالو قبله مان "مولائ اسلام" رکيو ويو.

اسلام لاء خدمتون[سنواريو]

محمد بن قاسم سندس علمي قابليت کي ڏسندي ديبل جي نئين ناظم جو کيس خزانچي ۽ صلاحڪار مقرر ڪيو. راوڙ جي فيصله جنگ ۾ هو شريڪ هو ۽ وڏي بهادري ۽ دليري سان اسلامي جهنڊي هيٺ وڙهندو رهيو. تنهن کانسواء مقامي شهري ۽ اڳوڻو سرڪاري ملازم هجڻ جي حيثيت ۾ هن کيس سنڌ بابت گهڻي ڄاڻ هئي. هن ان جي روشني ۾ اسلامي لشڪر جي هر جاء تي رهنمائي ڪئي. اسلامي لشڪر جي نمائندگي ڪندي اسلامي سفارت جي ترجمان جي حيثيت هو راجا ڏاهر جي درٻار ۾ پڻ ويو هو.

راجا ڏاهر جي درٻار ۾[سنواريو]

چچ نامي ۾ مولائ اسلام جي راجا ڏاهر سان ملاقات جو هن ريت ذڪر آهي:

پوءِ محمد بن قاسم مهراڻ جي ڪناري تي منزل ڪري، شام جي بزرگن مان هڪ بزرگ ۽ مولاي اسلام ديبلي کي، جو محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام جي عزت سان مشرف ٿيو هو، موڪليو ته: جيڪي شامي چوي سو ڏاهر بن چچ کي ۽ جيڪوڏاهر جواب ڏئي سو هن کي سمجهائج. پيغام ڏيڻ شروع ڪرين ته اهو درٻار ۾ مکيه ماڻهن جي مجلس ۾ ادا ڪج ۽ صاف لفظن ۾ جواب جي طلب ڪج، جيئن حجاج جي فرمان جي منڍ ۾ لکيل آهي.

جڏهن شامي قاصد ۽ ديبل جو مولاي اسلام ڏاهر وٽ ويا، تڏهن مولاي اسلام ديبليءَ مٿو نوڙائي خدمت بجا نه آندي. ڏاهر کيس سڃاڻندو هو، سو کيس چيائين ته:

”ڇا لاءِ قانون موجب خدمت جو شرط پورو نه ڪيئي؟ شايد توکي روڪيو اٿن؟“
مولاي اسلام جواب ڏنو ته: ”جڏهن مان توهان جي طريقي تي هئس، تڏهن بندگيءَ جا شرط بجا آڻڻ مون تي واجب هئا، پر هاڻي جڏهن اسلام جي شرف سان مشرف ٿيو آهيان ۽ اسان جو تعلق اسلام جي بادشاهه سان قائم ٿي چڪو آهي، تڏهن ڪافر اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ واجب نه آهي.“

(اهو ٻڌي) ڏاهر چيو ته: ”جيڪڏهين تون قاصد نه هجين ها ته توکي سزا طور حڪم ڪري ڪهائي ڇڏيان ها.“ مولاي ديبلي فرمايو ته: ”منهنجي قتل ٿيڻ سان مسلمانن کي ڪوبه نقصان نه رسندو. البته منهنجو خون ضايع نه ويندو ۽ منهنجي قصاص وٺڻ وارا مسلمان موجود آهن."

چچ نامي ۾ ذڪر[سنواريو]

محمد بن قاسم جو شامي قاصد ۽ مولاي اسلام (1)

کي موڪلڻ

پوءِ محمد بن قاسم مهراڻ جي ڪناري تي منزل ڪري، شام جي بزرگن مان هڪ بزرگ ۽ مولاي اسلام ديبلي کي، جو محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام جي عزت سان مشرف ٿيو هو، موڪليو ته: جيڪي شامي چوي سو ڏاهر ]بن[  چچ کي ۽ جيڪوڏاهر جواب ڏئي سو هن کي سمجهائج. پيغام ڏيڻ شروع ڪرين ته اهو درٻار ۾ مکيه ماڻهن جي مجلس ۾ ادا ڪج ۽ صاف لفظن ۾ جواب جي طلب ڪج، جيئن حجاج جي فرمان جي منڍ ۾ لکيل آهي.

شامي قاصد جو ڏاهر وٽ وڃڻ

جڏهن شامي قاصد ۽ ديبل جو مولاي اسلام ڏاهر وٽ ويا، تڏهن مولاي اسلام ديبليءَ مٿو نوڙائي خدمت بجا نه آندي. ڏاهر کيس سڃاڻندو هو، سو کيس چيائين ته: ”ڇا لاءِ قانون موجب خدمت جو شرط پورو نه ڪيئي؟ شايد توکي روڪيو اٿن؟“ مولاي اسلام جواب ڏنو ته: ”جڏهن مان توهان جي طريقي تي هئس، تڏهن بندگيءَ جا شرط بجا آڻڻ مون تي واجب هئا، ]136[ پر هاڻي جڏهن اسلام جي شرف سان مشرف ٿيو آهيان ۽ اسان جو تعلق اسلام جي بادشاهه سان قائم ٿي چڪو آهي، تڏهن ڪافر اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ واجب نه آهي.“

ڏاهر جو ڊيڄارڻ

(اهو ٻڌي) ڏاهر چيو ته: ”جيڪڏهين تون قاصد نه هجين ها ته توکي سزا طور حڪم ڪري ڪهائي ڇڏيان ها.“ مولاي ديبلي فرمايو ته: ”جيڪڏهن تون اسان جي ڪــهڻ تــــي تيار آهين ته انهيءَ ڪري عربن جو نقصان ڪونه ٿيندو، ۽ خون جي]عوض[ گهرڻ لاءِ بدلو وٺندڙ موجود آهن، جيڪي توسان پڄي پورا ٿيندا.“

شاميءَ جو پيغام ادا ڪرڻ

پوءِ شاميءَ زبان کولي ته: ”اسان امير جي پاران توڏانهن قاصد ٿي آيا آهيون، ۽ اسان کي هيءُ پيغام تنهنجي حاڪمن ۽ راڻن جي روبرو ادا ڪرڻ جو حڪم آهي.“ ڏاهر وراڻيو ته: ”چئي ڏي، ڇاڪاڻ ته قاصد پنهنجي مخدوم جو پيغام پهچائيندڙ ۽ فرمان ادا ڪندڙ آهي.“ چيائين: ”امير محمد بن قاسم هن طرح فرمايو آهي ته تون مختار آهين، جيڪڏهن ]درياءُ[ لنگهي اچين ته رستو کليل آهي ۽ ڪابه روڪ نه آهي. نه ته ٻيءَ صورت ۾ رستو کليل رکو ته عرب جو لشڪر درياءُ ٽپي توهان جي سامهون ٿئي.“[2]

پهريون مولانا[سنواريو]

علامه غلام مصطفي قاسمي لکي ٿو ته "حضور ڪريمﷺ جي عام تعليم جو اهو اثر ٿيو، جو پهرين هجري صديءَ جي پوئين ڏهاڪي ۾ جيڪو دنيا جو پهريون مولانا ٿيو، سو هن سنڌ خطي جي لاڙ واري علائقي ۾ پيدا ٿيو هو. هن جو پورو  نالو مولانا ديبلي[3] هو. پهرين هو هندو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿيو. اهوئي مولانا ديبلي راجا ڏاهر جي درٻار ۾ پڻ ويو هو. انهيءَ دؤر ۾ مولانا ديبلي کي غور ۽ فڪر لاءِ صرف قرآن حڪيم هو. نه بخاري، نه مسلم ۽ نه ئي ترمذي وغيره جهڙو حديث تي ڪو ڪتاب هو. اهڙيءَ طرح انهيءَ دؤر ۾ قرآن حڪيم جي علمي برڪت پهرين هن خطي ۾ پهتي، جيڪا هتي جي سر زمين جي هڪ وڏي تاريخي ميراث آهي."[3]

حواله جات[سنواريو]

حوالا[سنواريو]