وڪيپيڊيا:بهترين مضمون
ميڊن ٽاور (باڪو) (ڪنواري ٽاور (باڪو) , ڪنواري منارو (باڪو) ڪنواري ٽاور (آذربائیجاني:(Qız qalası) باڪو جي پُراڻي شهر، آذربائيجان ۾ ٻارنهين صدي جي يادگار آهي. 15هين صدي عيسوي جي شيرواشانهس جو محل سان گڏ، اهو 2001 ۾ يونيسڪو عالمي ورثو تاريخي يادگارن جي فهرست هيٺ درج ثقافتي ملڪيت زمرو ٽيون جي تحت تاريخي يادگارن (ماڳن) جو هڪ گروهه ٺاهي ٿو. اهو آذربائيجان جو سڀ کان وڌيڪ مخصوص قومي نشان آهي، ۽ انهيءَ ريت آذري ڪرنسي نوٽ ۽ سرڪاري ليٽرهيڊس تي نمايان طور ظاهر ڪيل آهي. ڪنواري ٽاور يا دي ميڊن ٽاور ۾ هڪ ميوزيم گهر رکيو ويو آهي، جيڪو باڪو شهر جي تاريخي ارتقا جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو. ان ۾ تحفو وٺڻ وارو دڪان (گفٽ شاپ) پڻ شامل آهي. ڇِت جو نظارو پُراڻو اڇري شهر، بوليوارڊ، ڊي گُلي هائوس، ۽ باڪو بي جي مُنارن ۽ سوڙهي گهٽين جو ويڪرو نظارو ڏيکاري ٿو. ويجهن سالن ۾، نوروز ميلو جي راتين مهل مٿئيون آتش دان ٻاريو ويو آهي. جمهوريا آذربائيجان جي باڪو ۾ باڪو جو ڪنواري ٽاور هڪ افسانوي ماڳ ۽ دنيا جي مشهور جڳهه آهي. اهو ٽاور اسرار ۽ افسانن جي ڪڪرن سان ڍڪيل آهي، جنهن جي پاڙ آذربائيجان جي تاريخ ۽ آذربائيجان جي قومي ثقافت ڏانهن جُڙيل آهي. ٽاور جي مهاڪهاڻي جو تلاءُ (حوض) ۽ ڏند ڪٿا آذربائيجان جي ثقافت ۽ قومي ورثو جو هڪ حصو آهي. واقعي (حقيقت ۾)، ڪجھ بهادري جون مهاڪهاڻيون آکاڙو يا ناٽڪ (ٿيٽر) جي ڊرامن ۽ ناٽڪ ۾ ناچ لاءِ هڪ موضوع بڻجي ويون. ميڊن ٽاور (بيليٽ) آذربائيجان جو ورلڊ ڪلاس ناٽڪ ناچ آهي، جنهن کي 1940 ۾ افسرياب بدالبيلي ٺاهيو هيو ۽ ناٽڪ ناچ جو ريميڪ 1999 ۾ نباهيو ويو هيو. ڪيسپيئن سمونڊ جي سامونڊري ڪنارو پکڙجي وڃڻ جي نتيجي ۾، زمين جي هڪ پٽي اُڀري آئي.اها زمين نائين کان پندرنهين صديءَ دوران ترقي ڏني وئي، جڏهن پُراڻي شهر جي ڀِت، محلات، گڏوگڏ ميڊن ٽاور جي قلعي جو ٺلھ ( منارو) اَڏيو ويو هيو.
ايشيگ آذربائيجاني ٻوليءَ ۾ عورتن جي پهرين ڇپائي هئي. اخبار جو پهريون شمارو 22 جنوري 1911ع تي ڇپيو ۽ ان جي ڇپائي 1912ع جي پڇاڙيءَ تائين جاري رهي، جنهن دوران ايشيق جا 68 شمارا جاري ٿيا.ايشگ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڇنڇر تي ڇپجندو هو، جنھن ۾ سائنسي-تعليمي، ادبي، طبي ۽ گهريلو موضوعن کي شامل ڪيو ويندو هو. ٻارن جي پرورش، ساھتيہ، دوائن ۽ گهر اڏاوت سان گڏ، هن ۾ قانون، ثقافت، مذهبي قاعدن ۽ دنيا جي سماچار سان لاڳاپيل مختلف ڀاڱا پڻ شامل هئا. ميگزين جي پوش تي، هڪ نوجوان عورت جي تصوير هئي جنهن کي مٿو ڍڪيل ھو، جيڪا هڪ ٻار جو هٿ پڪڙي بيٺل ۽ اڀرندڙ سج ڏانهن اشارو ڪندي ڏيکاريل ھجي ٿي، جنھن مان روشني نڪري ھئي (اخبار جي عنوان جو حوالو: آذربائيجان ۾، "ايشيق" جو مطلب آهي "روشني").اخبار جو بنيادي مقصد عورتن کي وديا ڏيڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ هو. عورتون اڪثر ڪري اخبارن ۾ ليک ۽ نظم پيش ڪنديون هيون، جن ۾ عورتن جي زندگين ۾ ٿيندڙ انياءُ تي نندا ڪئي ويندي هئي.اها اخبار سڄي روس جي مسلمانن ۾ مشهور هئي. جيڪا ھن حقيقت جو ثبوت آهي ته اخبار جي اٽڪل 200 ڪاپيون قفقاز کان ٻاهر رڪنن ڏانهن اماڻيون ويون. روس جي اسٽيٽ لئبرريءَ وٽ سال 1911 لاءِ اخبار ايشيگ جو هڪ سيٽ آهي، جيڪو ايمپريس اليگزينڊررا فيودورونا کي پيش ڪيو ويو ھو. رپورٽن مطابق، اخبار جي بند ٿيڻ جي اميد ڀائنڻ جي ڪري، خديجه عليبيوفا ايشيگ جا پهرين کان 34 تائين شمارا ايمپريس ڏانهن موڪليا هئا.مذهبي قدامت پسندن جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ اخبار کي مالي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. ليکڪن، عالمن ۽ مذهبي قدامت پسندن کان محتاط ٿي، اخبارن ۾ چٺيون، مضمون ۽ نظم موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا، جڏهن ته پڙهندڙن کي رڪنيت وٺڻ بند ڪري ڇڏي. اشگ اخبار لاءِ رڳو مواد ۽ رڪنن جي کوٽ ئي مسئلو نه هئي. جنوري 1912ع ۾، مولا روح الله محمد زاده جي قتل کان پوءِ، جنهن اخبار کي انتهاپسند عالمن کان بچايو، اخبار پنهنجي ”پختگي“ وڃائي ويٺي ۽ ٽن مهينن بعد پنھنجي ڇپائي زوريءَ بند ڪرڻ تي مجبور ٿي. اهڙيءَ ريت اشگ اخبار پنهنجي آخري شماري سان 21 اپريل 1912ع تي پنهنجي سرگرميءَ جي پُڄاڻي ڪئي. ايشيگ اخبار جي مکيه محققن مان هڪ اماليا قاسمووا جي مطابق، سوويت حڪومت جي دور ۾، آذربائيجان ۾ عورتن جي پريس جي بانيڪار جي حيثيت سان اخبار تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ قائم رهڻ ۾ اسڦل ٿي ڇاڪاڻ ته، اخبار کي "بورجوا پريس" سمجهيو ويندو هو ۽ تحقيق کان ٻاهر رھجي وئي ۽ ميگزين سرگ گديني (آذربائيجاني گديني) ديس جي عورتن جي پھرين پريس جي حيثيت سان شايع ڪيو ويو. انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو يا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) (انگريزي ٻولي: Universal Declaration of Human Rights) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ ڏنو. پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي. ڪُجھ قانوني اسڪالرز دليل ڌنا تہ "ڇاڪاڻ ته مُلڪَ 50 سال کان لاڳاتار ان پڌرنامو جي حمایت ڪندا آيا آهن، تنهنڪري هي رواجي بين الاقوامي قانون (customary international law) جو هڪ لازمي (بائنڊنگ) حصو بڻجي ويو آهي". تنهن هوندي، گڏيل آمريڪي رياستون، جي سوسا ڀيٽ الواريز-مچين (2004) ۾ سپريم ڪورٽ هي نتيجو ڪڍيو (اخذ ڪيو) آهي تہ هي پڌرنامو "انٽرنيشنل قانون جي معاملي طور پنهنجي ذميدارين تي لازمي فرض لاڳوُ نٿو ڪري. "ٻين مُلڪن جي عدالتن پڻ اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ هي پڌرنامو گهريلو قانون (ڊوميسٽڪ لا) جو ڀاڱو ناهي. انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو يا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) (انگريزي ٻولي: Universal Declaration of Human Rights) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ ڏنو. پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي. ڪُجھ قانوني اسڪالرز دليل ڌنا تہ "ڇاڪاڻ ته مُلڪَ 50 سال کان لاڳاتار ان پڌرنامو جي حمایت ڪندا آيا آهن، تنهنڪري هي رواجي بين الاقوامي قانون (customary international law) جو هڪ لازمي (بائنڊنگ) حصو بڻجي ويو آهي". تنهن هوندي، گڏيل آمريڪي رياستون، جي سوسا ڀيٽ الواريز-مچين (2004) ۾ سپريم ڪورٽ هي نتيجو ڪڍيو (اخذ ڪيو) آهي تہ هي پڌرنامو "انٽرنيشنل قانون جي معاملي طور پنهنجي ذميدارين تي لازمي فرض لاڳوُ نٿو ڪري. "ٻين مُلڪن جي عدالتن پڻ اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ هي پڌرنامو گهريلو قانون (ڊوميسٽڪ لا) جو ڀاڱو ناهي. وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو جولاءِ وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو آگسٽ وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو سيپٽمبر وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو آڪٽوبر وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو نومبر وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو ڊسمبر هن منصوبي ۾ صفائي جي ضرورت آهي. وڌيڪ ڏسو اوزار جو صفحو ۽ وڪي منصوبن جي فهرست. |