هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڪلڪ ڪيو.

ڪنواري مينار (باڪو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

لاءِ ٻيو استعمال, ڏسو Maiden Tower۔
ميڊن ٽاور
Qız Qalası
Torre de la Doncella, Baku, Azerbaiyán, 2016-09-26, DD 08.jpg
The Maiden Tower
ڪنواري مينار (باڪو) is located in Baku, Azerbaijan
ڪنواري مينار (باڪو)
باڪو جي اندر مقام
مقانيت 40°21′58″N 49°50′14″E / 40.3661°N 49.8372°E / 40.3661; 49.8372مڪانيت: 40°21′58″N 49°50′14″E / 40.3661°N 49.8372°E / 40.3661; 49.8372
جاءِ آڳاٽو شهر, باڪو, آذربائيجان
نمونو مينار يا بُرج
اوچائي 29.5 m (97 ft)
مڪمل ٿيو 12هين صدي
سرڪاري نالو شرونشاهس' شاهي محل ۽ ميڊن ٽاور ساڻ باڪو جو ڀت ڏنل شهر
قسم ثقافتي
معيار iv
عهدو 2000 (24هين ورلڊ هيريٽيج ڪميٽي|session)
حوالا نمبر. 958
رياستي پارٽي آذربائيجان
ڏيھه يورپ ۽ اتر آمريڪا
خطرو هيٺ 2003–2009

Maiden Tower (Baku) ميڊن ٽاور (باڪو) (ڪنواري ٽاور (باڪو) , ڪنواري منارو (باڪو))ڪنواري ٽاور (آذربائیجاني:(Qız qalası) باڪو جي پُراڻي شهر، آذربائيجان ۾ ٻارنهين صدي جي يادگار آهي. 15هين صدي عيسوي جي شيرواشانهس جو محل سان گڏ، اهو 2001 ۾ يونيسڪو عالمي ورثو تاريخي يادگارن جي فهرست هيٺ درج ثقافتي ملڪيت زمرو ٽيون جي تحت تاريخي يادگارن (ماڳن) جو هڪ گروهه ٺاهي ٿو. اهو آذربائيجان جو سڀ کان وڌيڪ مخصوص قومي نشان آهي، ۽ انهيءَ ريت آذري ڪرنسي نوٽ ۽ سرڪاري ليٽرهيڊس تي نمايان طور ظاهر ڪيل آهي.[1][2]

ڪنواري ٽاور يا دي ميڊن ٽاور ۾ هڪ ميوزيم گهر رکيو ويو آهي، جيڪو باڪو شهر جي تاريخي ارتقا جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو. ان ۾ تحفو وٺڻ وارو دڪان (گفٽ شاپ) پڻ شامل آهي. ڇِت جو نظارو پُراڻو اڇري شهر، بوليوارڊ، ڊي گُلي هائوس، ۽ باڪو بي جي مُنارن ۽ سوڙهي گهٽين جو ويڪرو نظارو ڏيکاري ٿو. ويجهن سالن ۾، نوروز ميلو جي راتين مهل مٿئيون آتش دان ٻاريو ويو آهي.[2]

جمهوريا آذربائيجان جي باڪو ۾ باڪو جو ڪنواري ٽاور هڪ افسانوي ماڳ ۽ دنيا جي مشهور جڳهه آهي. اهو ٽاور اسرار ۽ افسانن جي ڪڪرن سان ڍڪيل آهي،[3][4] جنهن جي پاڙ آذربائيجان جي تاريخ ۽ آذربائيجان جي قومي ثقافت ڏانهن جُڙيل آهي. ٽاور جي مهاڪهاڻي جو تلاءُ (حوض) ۽ ڏند ڪٿا آذربائيجان جي ثقافت ۽ قومي ورثو جو هڪ حصو آهي. واقعي (حقيقت ۾)، ڪجھ بهادري جون مهاڪهاڻيون آکاڙو يا ناٽڪ (ٿيٽر) جي ڊرامن ۽ ناٽڪ ۾ ناچ لاءِ هڪ موضوع بڻجي ويون. ميڊن ٽاور (بيليٽ) آذربائيجان جو ورلڊ ڪلاس ناٽڪ ناچ آهي، جنهن کي 1940 ۾ افسرياب بدالبيلي ٺاهيو هيو ۽ ناٽڪ ناچ جو ريميڪ 1999 ۾ نباهيو ويو هيو.

ڪيسپيئن سمونڊ جي سامونڊري ڪنارو پکڙجي وڃڻ جي نتيجي ۾، زمين جي هڪ پٽي اُڀري آئي.اها زمين نائين کان پندرنهين صديءَ دوران ترقي ڏني وئي، جڏهن پُراڻي شهر جي ڀِت، محلات، گڏوگڏ ميڊن ٽاور جي قلعي جو ٺلھ ( منارو) اَڏيو ويو هيو.[5]

اتهاس

ڪجھ سائنسي ذريعن اشارو ڪن ٿا تہ ڪنواري ٽاور زرتشت پسندي ۽ اسلام اڇڻ کان اڳ واري دور ۾ ايران ۽ آذربائيجان جي فنِ معماري (آرڪٽيڪچر) جو شاندار مثال آهي.[6][7]. پروفيسر ڊيوڊ.اي. آخوندوف قدیمہ آثار (آرڪيالاجيڪل) ۽ فن تعميراتي (آرڪيٽيڪچر) ثابتيون ڏئي ٿو ۽ اهو دليل ڏنو آهي ته ٽاور زرتشت ماڻهن جي باهه وارو مندر آهي، جنهن کي ٽاور جي چوٽي تي باهه کان ٻاهر نڪرڻ جا 7 ٻُنڀا آهن.[8] زرتشتين جو مڃڻ هيو تہ بهشت (جنت) تائين پهچڻ لاءِ 7 مرحلا يا 7 آڪاش (آسمان) آهن.

ڊيوڊ اي. آخندوف ۽ ڊاڪٽر حسن حسنيوف مطابق باهه-مندر جو ٽاور اندازي موجب اٺين صدي بي سي کان 7 صدي بي سي جي تاريخ وارو آهي.[9][10][11]

ڪنواري ٽاور پُراڻو ايچي شيهر جي ڏکڻ-اوڀر ۾ قائم ڪئي آهي، ان جي پراسرار ۽ ٻڍاپي تاريخ ۽ ڏند ڪٿا آهي، جيڪا ٻن دورن سان ڳنڍيل آهي، جيتوڻيڪ اهو حتمي طور تي قائم ناهي. اهو علائقو پهريون قديم [[پٿر جو دور|پٿر جو دور (پلائوليٿڪ دؤر)| ۾ آباد ٿيو هيو.[12]

آذربائيجاني مانات تي ميڊن ٽاور جي عڪاسي (1993)

پروفيسر ۽ ناميارو اتهاسڪار (مورخ) ۽ باڪو جي اتهاس جو ماهر سر اي اشوربيليءَ حساب لڳايو تہ ٽاور جي پيڙه (بنيادون)، جيڪي زميني مٿاڇرو کان 15 ميٽر هيٺ ۽ زميني ميدان کان مٿي ٽي منزلن تي پکڙيل آهي، اصل ۾ چوتھين ۽ ڇهين صدي CE جي وچ ۾ تعمير ڪيل آهي ۽ نشاندهي ڪري ٿي۔ وچئين دور جي شهر ۾ استعمال ٿيندڙ پٿر جي ڀيٽ ۾ ٽاور ۾ ڪم آندل پٿر ۾ چٽو فرق آهي.[13] تاريخيدان پروفيسر برتانيتسڪي طرفان جزوي طور ان نتيجو جي حمايت ڪئي آهي، جنهن جو موقفو آهي ته هي ٽاور 5 صدي کان 6 صدي ۾ اڌ ۽ باقي اڌ پوءِ 12 صدي عيسوي ۾ ٺهيل آهي.[13] سمجهيو وڃي تو تہ اهو ماڳ (سائٽ) اصل ۾ ساساني زمانو دوران زرتشتي [[|مندر طور استعمال ٿيندو هيو.[14] ڏکڻ ڀت تي 14 ميٽر مٿانهين موجود هڪ لکت جنهن ۾ هڪ پراڻو ڪوفي رسم الخط (ڪوفيڪ اسڪرپٽ) ۾ 12هين صدي عيسوي دوران سرگرم رازو يا معمار (آرڪٽيڪٽ) قبي مسعود ابن داؤد يا ڪيوبي مسعود ابن داؤد جو ذڪر ٿيل آهي، هي ان رازو (آرڪٽيڪٽ) جو پيءٌ آهي جنهن مرداڪان گول ٽاور بڻايو هيو.[15] ان هوندي به، اها نقش (پٿر تي لکيل اکر) تڪراري آهي، مادڪان ٽاور جي اُبتڙ حقيقت ۾ کيس معمار (آرڪٽيڪٽ) هئڻ جو انڪشاف ناهي ڪيو، جڏهن تہ عام طور ان ڳالهہ تي اتفاق ڪيو ويندو آهي تہ جديد ٽاور جو گهڻي حصو 12 هين صدي جو آهي.[13] پروفيسر احمدوف جو خيال آهي تہ ان ٽاور جي ٻيهر تعمير واري زماني کان ئي ٽاور کي فلڪيااتي مشاهدي گاهہ طور استعمال ڪيو ويندو هيو، انهيءَ ڪارڻ تہ ٽاور جي هيٺئين حصي تي پٿر جون 30 ڪٽيل جڳهون ۽ مٿانهين حصي ۾ 31 نقش نگار، جيڪي پٿر جي پٽي سان ڳنڍيل آهن اهي مهيني جي ڏينهن تائين لاڳاپو ڏيکارين ٿيون.[13]

تازي قديمہ آثارجي کوٽرائي مطابق، جيڪا 1962–63 ۾ سرنگهہ جي هيٺانهين منزل تي ڪئي وئي هئي، اهو ٽاور هڪ وڏي چوٽي تي تعمير ڪيو ويو هيو، جيڪو سامونڊري پاسي جهڪيل هيو، ۽ مُکيا ٽاور کان نڪرندڙ پُشتي ڍانچو ٽاور کي استحڪام ڏيندو هيو. وڌيڪ کوٽائي ۾ پڻ انڪشاف ٿيو آهي ته ٽاور جي پيڙه تي ڪاٺين جي لوهي ڪام يا پٽي، هر 14 ميٽر (46 فوٽ) 14 میٹر (46 ft) اوچائي تي آهي. اهو زلزلي جي مزاحمت ڊيزائن جي حيثيت ۾ ڄاڻايو ويو آهي. اهو پڻ اندازو لڳايو ويو آهي تہ ٽاور جي ويلڻ (سلينڊريڪل) شڪل ۾ 5 ميٽر (16 فٽ) 5 میٹر (16 ft) ٿُلهي پيڙه 4.5 ميٽر (15 فٽ) (4.5 میٹر (15 ft)) (4 ميٽر (13 فٽ) پڻ ذڪر ڪيل) ((4 میٹر (13 ft)) واري ڀتين کي ٺوس بنياد فراهم ڪري ٿي، جنهن تي ان صدين کان جياپو ڪيو آهي. جيئن ٻين عالمن (اسڪالرز) اندازو لڳايو تہ ٽاور مختلف وقتن ۾ ٺهيو، تنهن جي ڀيٽ ۾ اهو پڻ ٻُڌايل آهي تہ ٽاور مختلف وقتن ۾ نه پر هڪ ئي وقت ۾ ٺاهيو ويو.[16]

1806 ۾ روسي حڪمراني جي دوران يونيسڪو جي فهرست تحت ٽاور ۽ ڀِت جا ٻيا ڍانچا پَڪا (مضبوط) ڪيا ويا ۽ پوءِ بچي ويا آهن.[17]

ميڊن ٽاور کي آذربائيجان جي 1992-2006 جي سِڪي جو سبتو پاسو 1 کان 250 منات بينڪ نوٽ [18] ۽ 2006 کانپوءِ جاري ڪيل 10 منات بينڪ نوٽ جي نقش [19] سان گڏوگڏ 1992-2006 جي دوران آذربائيجاني 50 ڪيوپڪ سڪو جي نقش تي ڏيکاريو ويو آهي.[20] ۽ 5 ڪيوپيڪ سِڪي جو ابتو پاسو تي 2006 کان ٽڪسال ڪيو ويو.[21]

علامتون ۽ اسرار

باڪو ڪنواري ٽاور سان لاڳاپيل مختلف اسرار ۽ افسانا جُڙيل آهن.جيتوڻيڪ، اصلي اسرار هي آهي تہ: ٽاور جو ڊزائين ۽ مقصد, تنهن وچ ۾، باڪو ڪنواري ٽاور سان لڳاپيل 20 ڏند ڪٿائون آهن. انهن مان هڪ وڏو تعداد باڪو جي اسلامي ۽ وچئين دور واري باڪو جي تاريخ سان لاڳاپيل آهي. پر ٻين جون پاڙون زرتشت يا اسلام کان اڳ واري آذربائيجان جي تاريخ، ڌرم، ۽ ثقافت سان گهڻو جڙيل آهن.[22] گهڻو ڪري، سڀ کان وڌيڪ مشهور ڏندڪٿا آتشي-وار رکندڙ ڪُنواري ناري جي آهي، جنهن باڪو جي ماڻهن کي غلامي کان بچايو هيو.اها بهادري جي ڪهاڻي ۾ زرتشت جي عقيدن ۽ ثقافت جي پاڙُن کي ڏيکاريو ويو آهي ۽ جيڪي جديد دور تائين پهچي چڪي آهي.

Baku's Holy Fire Temple- Tower (Maiden Tower), reconstruction by Davud Akhundov, The Architecture of Ancient and Early Medieval Azerbaijan, book, in Russian, Baku, 1986

باه-واري-وارن واري ڇوڪري جي ڏند ڪٿا

هڪ زماني ۾، هتي باڪو جو هڪ آڳاٽو (پراچين) ڳڙھ-شهر هو. هن ڳڙھ (قلعي) کي باهه-جو-مندر هو. گهڻو آڳاٽي زماني ۾، هڪ دشمن ان قلعو کي گهيري ۾ آندو هيو. دشمن باڪو جي ماڻهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر هنن انڪار ڪيو. انهي ڪري دشمن قلعي کي تباهه ڪرڻ ۽ سڀني رهاڪو (رهواسين) کي غلام طور تي گرفتار ڪرڻ لاءِ گهيرو شروع ڪيو. ڪيترائي قلعي جو بچاءُ ڪندڙ (محافظ) دشمن جي حملن کي روڪڻ جي جاکوڙ ۾ مارجي ويا. انهيءَ مهل، دشمنن جي سئناپتي (سپھ سالار، ڪمانڊر) پاڻي جي فراهمي جي قطار (لائين) کي ڪٽڻ جو حڪم ڏنو. تنهنڪري هر ڪو قلعي اندر اڃايل هو. ڪوبه پاڻي نه کاڌو، رُڳو رت ۽ موت. ۽ مکيا ماگي Magi، ٻين پادرين سان گڏجي، قلعي اندر باهه واري مندر ٽاور جي پوتر باهه جي پُوڄا ڪئي، ۽ اهورا مازدا Ahura Mazda جي خدا کان ماڻهن جي سهائتا لاءِ دعا گهُري. انهي ڏينهن رات اهورا مازدا کان دعا گهُرڻ لڳا تہ هو سندن جان بچائي ۽ دشمن کي پوئتي موٽائي. آخرڪار، هن سندن دعا ٻڌي. ٻئي ڏينهن تي، ماڻهن ڏٺو تہ پوتر باهہ جو هڪ وڏو ٽڪرو باهہ جي مندر واري ٽاور تان مٿان هيٺ ڪِري پيو. هڪ سُندري ڇوڪري باهه منهجان نروار ٿي آئي، ان کي ڊگها باهه جي رنگ وارا وارَ هيا ماڻهن جو ميڙُ گوڏن ڀَر ڪِري پيو، ۽ سندس پُوڄا ڪرڻ لڳا، هن چيو:"فڪر نہ ڪريو، آئون توهان جي سهائتا ۽ حفاظت ڪنديس، مونکي تلوار ۽ مٿو لوهہ وارو ٽوپ (هيلمٽ) ڏيو. دشمن منهنجي ڇوڪراڻا وار نہ ڏسڻ گهرجن، قلعو جو دروازو کليل هجي." انهيءَ مهل، دشمن جو سئناپتي ٻاهر قلعي جي پهلواڻ سان آمهون سامهون ويڙهہ جي انتظار ۾ هيو. جيڪڏهن قلعي جو پهلواڻ ويڙهہ کٽي وڃي ها، تہ پوءِ دشمن جي سئنا (لشڪر، آرمي) پوئتي هٽي وڃي ها، پر جيڪڏهن دشمن کٽيو، تہ پوءِ اهي قلعي تي قبضو ڪندا ۽ سڀئي رهواسي غلام ٿي وڃن ها. قلعي جو دروازو کوليو ويو ۽ دشمن جي سئناپتي ڏٺو تہ هڪ پهلواڻ کيس وڙهڻ اچي رهيو هو. ڳري جنگ هلي. خدا جي برڪت واري لمحن مان هڪ ۾، قلعي جي پهلواڻ دشمن کي گهوڙي تان هيٺ ڪيرايو ۽ ان جي ڳچيءَ ۾ ڇُري (چاقو) سڌو سنئون وڌائين. دشمن جي سئناپتي (سپهہ سالار) رڙ ڪندي چيو:"توهان کٽيو! توهان ڪير آهيو؟ پنهنجو لوهي ٽوپلو (هيلمٽ) لاهيو. مان توهان جو مُنهن کي ڏسڻ چاهيان ٿو، پهلواڻ!". هن مٿي تي پاتل لوهي ٽوپلو (هيلمٽ) لاٿو، ان ڏٺو تہ قلعي جو پهلواڻ وڏن آتشي رنگ جي وارن واري هڪ سُندر ناري هُئي. هن اچرج مان چيو:"ابول، تون هڪ ڇوڪري آهين! تون بهادر ۽ خوبصورت ڇوڪري آھين! جيڪڏھن باڪو جون ناريون ايتريون بهادر هونديون آھن، تہ توھان جي قلعي تي ڪڏهن بہ محاصرو نہ ڪندس، سُهڻي! مون کي قتل نہ ڪريو!. هو سندس حسن ۽ بهادري سبب سندس پيار ۾ پئجي ويو. هن کيس ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ چيو. بلڪل، ڇوڪري کيس قتل نہ ڪيو. هوءَ پڻ هن جي کُليل دل سبب سندس پيار ۾ پئجي وئي. اهڙي ريت، دشمن باڪو تي قبضو نہ ڪيو ۽ مقامي ماڻهن ان ٽاور جو نالو ان سُهڻي ڇوڪري جي نالي طور ڪُنواري ٽاور (ميڊن ٽاور) رکيو.[23]

Maiden Tower, painting, Tahir Salahov

ڏند ڪٿا باڪو ٽاور جي باهہ ٻرڻ ڇاڪاڻ بند ڪيو

ايندڙ ڏند ڪٿا جون پاڙون پڻ زرتشي آهن: هڪ دفعي، هڪ دشمن باڪو جي قلعي جو گهيراءٌ ڪيو. بهرحال، باڪو جي ماڻهن دشمن جي درخواست تي هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪيو. انهن وڙهڻ ۽ پنهنجن جانين ۽ قلعي جو دفاع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تنهنڪري باڪو جي ماڻهن وڏي بهادري سان لڙائي ڪئي پر قلعي اندر صورتحال ويتر جوکائتي(خطرناڪ) ٿيندي وئي. دشمنن قلعي جي محافظن جو تخت اٽلائڻ لاءِ هڪ سخت گهيراءٌ ڪيو. دشمنن قلعجي ڏانهن پاڻيءَ جي فراهمي ڪٽي ڇڏي، پاڻي ۽ کاڌو نہ هجڻ ڪري محافظن جي بچڻ جو ڪوبہ امڪان نہ بچيو انهيءَ مهل، مُکيا ماگھي ٻين پادرين سان گڏجي قلعو جي پوتر باهہ جي فائر ٽيمپل-ٽاور ۾ دعا گهري. سڀني گڏجي، اهورا مازدا جي خدا کان دعا گهري تہ هو ماڻهن جي حفاظت ۽ سهائتا ڪري، ڪيترائي ڏينهن دعا گهرڻ کانپوءِ، ان پادرين جي پوڄا ۽ دعا ٻُڌي، هڪ زبردست ۽ تباهي آڻندڙ زلزلو آيو، جنهن جي نتيجي ۾ دشمن لشڪر جا هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجهہ بچيل پري ڀڄي ويا، اهڙي ريت، باڪو جا ماڻهو غلامي کان بچي ويا، پر باهہ واري مندر جي چوٽي تي پوتر باهہ ٻرڻ بند ٿي وئي. [24]

"ڪنواري ٽاور" نالو جو ماخذ

پروفيسر مهير خليفا-زادا جو خيال آهي ته ڏند ڪٿائن کانسواءِ، تاريخي وضاحتن يا آڳاٽن آثارن يا لکتن جي ثابتين آڌار اهو ڳولهڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ته ان ٽاور کي ڪنواري ٽاور ڇو سڏيو ويو. مهاڪهاڻي پس منظر کانسواءِ، اها ڳاله ڀروسي لائق آهي ته لفظ "ڪنواري (ميڊن)" جو مطلب هي آهي ته ٽاور کي ڪنهن به دشمن تباهه نه ڪيو هيو ۽ اهڙي ريت ان جو مطلب (مذهبي نقطي نظر) کان آهي ته انگرا مينيا(Ahriman)جي بڇڙائي ان کي ناپاڪ نه ڪيو، "ڪنوار" يا "ڪنواري" جي جڳهه، زرتشتن جي خدا اهورا مازدا جو مندر آهي.[23]

فنِ معماري (آرڪٽيڪچر)

Baku's Holy Fire Temple-Tower, reconstruction, by Davud Akhundov, The Architecture of Ancient and Early Medieval Azerbaijan, book, in Russian, Baku, Azerbaijan
The entrance
Architectural details of the Maiden Tower

ان ٽاور کي "باڪو جو سڀ کان وڌيڪ شاندار ۽ پراسرار يادگار"، گيز گيليسي" طور بيان ڪيو ويو آهي، سامونڊي ڪناري تي مضبوط پٿر جي بنيادن تي ٺهيل، عربي، پارسي ۽ عثماني اثر جو ميلاپ کي ظاهر ڪن ٿا. اهو قدرتي تيل سان گڏو گڏ تعمير ٿيو هو.[25] اهو هڪ ويلڻ (سلينڊريڪ) جي شڪل جو اٺ منزل وارو ڍانچو آهي، جيڪو 29.5 ميٽر (97 فٽ) 29.5 میٹر (97 ft) اوچائي تي پهچي ٿو، جنهن جو بنيادي قطر ڊيگهه ۾ 16.5 ميٽر (54 فٽ) 16.5 میٹر (54 ft) آهي. ان ٽاور ۾ 200 ماڻهن جي سهنج لاءِ مناسب داخلي جگهہ آهي. مُکيا ٽاور ڏانهن هڪ ڊگهو وڌارو جو منهن اوڀر طرف آهي، جيڪو سج اڀرڻ ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي، جنهن اهو نتيجو ڪڍيو ويندو آهي ته اهو هڪ فلڪياتي ٽاور وانگر ٺاهيو ويو آهي. جڏهن ته ٽيڪ اوڀر طرف اٿس، ٽاور تائين پهچڻ واري دروازي جو منهن ڏکڻ اوڀر آهي. ان ٽاور جي ھر منزل تي ھڪڙي تراکڙو گنبذ ڇت آھي، "ھڪڙو پٿر پيالو" جيڪو مرڪز ڏانهن کلي ٿو. ڀتين جي ٿولهہ 5 ميٽر (16 فٽ) 5 میٹر (16 ft) ۾ ويلڻ واري شڪل جي فيٿ پيڙهہ کان مٿئيون فرش 3.2-4.2 ميٽر (10-14 فٽ) 3.2–4.2 میٹر (10–14 ft) آهي. سڀ منزلون ڏاڪڻ وسيلي جڙيل آهن جيڪي گول ڀت سان لڳولڳ آهن ۽ سوڙهي دَري ۽ جارو (طاقي) اندر ٽمڪن ٿيون. پٿر جي چوٽين ۾ بڻيل بناوٽ ۾ مختلف سطحن جي نمائش ٿئي ٿي، جنهن ۾ مقامي ڀوري رنگ جي چوني وارا پٿر شامل آهن. جپسم پلاسٽر ۾ رکيل پٿرن جي هڪ ڪاري ۽ اڇي پٽي متبادل رخ جو اثر ڏين ٿيون. ٽاور جو اتر اولهه حصو مٿاڇري جي اصل تڪميل کي برقرار رکي ٿو. اتي هڪ چُهنب-وانگر ٻاهر تي نڪتل حصو آهي، هڪ پشتي، شڪل ۾ مڙيل، رازي جو ڪم سان ٺهيل آهي. اڳ ذڪر ڪيل پٿر سان ٿيل ڪم چورس ڪنارن ۾ آهي.[2][26][27]

آڳاٽن آثارن جي ماهرن طرفان ٽاور جي تعميراتي خصوصيتن جو هڪ تفصيلي جائزو اهو ٻُڌائي ٿو تہ ان جي اندروني ۽ ٻاهرئين مٿاڇرن تي ٻنهين پٿرن جي عمارت سازي ڊائمنڊ جي شڪل واري آهي ۽ ٽاور جي ڀت جي هيٺئين حصي ۾ پڻ مٿي ڏيکارجي ٿي. هيري (ڊائمنڊ) جي شڪل جو ڪٽ سجاوٽ جي خصوصيت طور نظر اچي ٿو، خاص طور اولهه جي ڀت جي ٻاهرئين مهاڙ تي ، اوپر طرف آرائشي آهي ۽ ڀت جي هيٺ سنئون ميدان آهي. پوري ٽاور ۾ نوٽ ڪيل هڪ تيزفهم خصوصيت منجهان پروڙ پئجي ٿي تہ انکي هڪ هڪ پٿر جو ٿنڀو يونٽ طور بڻايو ويو هيو، تنهن هوندي، تازي سڌارو کي ڪچو بيان ڪيو ويو آهي.[26]

پاڻي جو کوهہ

پاڻي جو کوهہ, ٽاور ۾ نظر ايندڙ هڪ ٻيو ذڪر لائق عمارت 0.7 ميٽر (2.3 فٽ)0.7 میٹر (2.3 ft) قطر (ڊائميٽر diameter) جو پاڻي جو کوهہ آهي، جيڪو 21 ميٽر (69 فٽ) 21 میٹر (69 ft) اونهو آهي (ان جي اونهائي پاڻي وارو ڀريل- ايڪويفر aquifer (پاڻي وارو ڀريل- جالارو جَرُ - مٽيءَ جو جَر جي پاڻيءَ مان آسانيءَ سان ٿيندڙ گذر)تائين آهي)، جنهن کي ٽاور جي ٻئي منزل تي پڌرو ڪيو ويو آهي. زميني مٿاڇرو تي پڻ ان جو لنگهه (دروازو) آهي، جنهن کي پراچين آثار جي ماهر عباس اسلاموف ٽاور جي تازي تحقيق دوران ڳولهي لڌو هيو. ان کوهہ کي مينهن (برسات) جي پاڻي کي جمع ڪرڻ جي بناوٽ سان تعبير ڪيو ويو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته هي پاڻي صاف ۽ تازو آهي (جڏهن ته هي سمنڊر جي ويجهو آهي). ٺڪر (سيرامڪ پائپ) (30 سينٽي ميٽر (12 انچ) قطر (ڊائميٽر) ۾ 30 سینٹیمیٹر (12 in)) پلمبنگ جو ڪم ٽاور جي جارن مان هيٺ کوهہ ۾ وهندڙ پاڻي فراهمي وسيلي طور آهي. جيئن ته چيو وڃِ ٿو ته پراچين (آڳاٽو) پلمبنگ سسٽم پنهنجي اصل شڪل ۾ آهي، تنهنڪري ان کي صاف ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي بناوٽ جي نيٽورڪ کي وضاحت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ان جي اڀياس وسيلي معلوم ڪجي جيڪو اصل ۾ مينار (منارو، ٽاور) جي حصي طور بڻايو ويو آهي. پلمبنگ سسٽم جي ٺڪر (سيرامڪس) ۽ ان ۾ جمع ڪيل لٽ (رءُ، مٽي يا سِلٽ)، ٿرمو-لومينيسيسي ٽيڪنيڪ ڪم آڻي ٽاور جي ڄمار ٺيڪ ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ٿي.[26][27] ٻئي منزل ۽ ستين منزل جي وچ ۾، هر منزل تي نيم گولائي (سيمي سرڪيولر) شڪل جو گٽر آهي، جيڪو منارو (ٽاور) ۾ پڻ نظر اچي ٿو. اهو سيرامڪ پائپن سان ٺهيل آهي جيڪو هڪٻئي جي مٿان لڳل آهي ۽ ان ۾ چونو گچ (لائم مارٽر) پڻ شامل آهي. پائپن کي ڪنڀار جي ڦيٿو ٽيڪنيڪ سان تيار ڪيو ويو آهي. اهي 20-25 سينٽي ميٽر (7.9 9.8 انچ)20–25 سینٹیمیٹر (7.9–9.8 in) قطر ۾ 2.2 سينٽي ميٽر (0.87 انچ 2.2 سینٹیمیٹر (0.87 in)) ٿلهي ڀت سان آهي ۽ هر ڦاڪ 40-45 سينٽي ميٽر (16-18 انچ 40–45 سینٹیمیٹر (16–18 in)) ڊگهي آهي. ساڳئي ريت گٽر گرائونڊ فلور تان فائونڊيشن ليول تائين ڏيک ڏين ٿا،پر چار ڪُنڊن وارو سيرامڪ پائپ 22 سينٽِي ميٽر (8.7 انچ) × 18 سينٽي ميٽر (7.1 انچ 22 سینٹیمیٹر (8.7 in) × 18 سینٹیمیٹر (7.1 in)) قد سان آهي، جيڪو ڀت سان ٻاهر نڪري ٿو.[16]

بحالي

منارو (ٽاور) ۽ شهر جي ڀتين سميت پوري ثقافتي ملڪيتن جي يونيسڪو عالمي ورثو ماڳ طور اعلان کانپوءِ، 2000 ۾، هڪ زلزلو آيو، جنهن سان ملڪيتن کي هاڃو (نقصان) پهتو. يونيسڪو، ان ثقافتي ورثو جي مناسب طريقي سان بچاءٌ (تحفظ) لاءِ قومي اختيارين جي ڪوششن جي گهٽتائي کي نوٽ ڪندي ان يادگارن کي 2004 کان 2009 تائين "خطري ۾ عالمي ورثو جي فهرست" جي تحت درج ڪيو، جنهن ۾ ان تبصري ساڻ چيو ويو تہ "2000 ۾ زلزلي ۽ شهري ترقياتي دباءَ سبب صداقت جو وڃائجي وڃڻ". تنهن هوندي، لاڳاپيل اختيارين ڪنزرويشن ماسٽر پلان تيار ڪيو ۽ ملڪيت جي مناسب تحفظ ۽ انتظام جو يقين ڏيارڻ کانپوءِ، ورثو سائٽ سان لاڳاپيل "خطري ۾" ٽيگ کي يونيسڪو 2009 ۾ هٽائي ڇڏيوهيو. اها به درخواست ڪئي وئي هئي تہ اسٽيٽ پارٽي پڻ ورلڊ هيريٽيج سينٽر کي، 1 فيبروري 2010 تائين، ملڪيت جي تحفظ جي حالت ۽ 2010 ۾ پنهنجي 34 هين اجلاس ۾ عالمي ورثو ڪاميٽي جي غور هيٺ اڳڀرائي بابت هڪ تازو ترين رپورٽ پيش ڪري.[17][28][29][30]

مشهور سڀيتا ۾

بادشاهہ جي افسانوي ڪهاڻي پنهنجي ڌيءُ کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان پرڻو ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي، جنهن سان هوءَ محبت نٿي ڪري، جنهن کان بچڻ لاءِ هوءَ پنهنجي پيءٌ کان پهرين کيس لاءِ هڪ منارو (ٽاور) تعمير ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي، ۽ جڏهن اهو تيار ٿي وڃي ٿو ته هوءَ ان مينار جي چوٽي تان ٽپو ڏئي پنهنجو پاڻ کي ماري (خودڪشي ڪري) ٿي، جيڪو واقعو آذربائيجان جي ڪيترن ئي نظمن ۽ ناٽڪن جو موضوع بڻجي وڃي ٿو. بهرحال، "ڪنواري مينار" يا "ميڊن ٽاور" نالي سان هي ناٽڪ جو بيت، آذربائيجان جو پهريون ڀيرو بيت (نظم) هو، جيڪو 1940ع ۾ آفسراياب بدالبيلي پاران جوڙيو (ڪمپوز) ويو هيو.اهو ناٽڪ بيت باڪو اوپيرا ۽ بيت منڊلي (ٿيٽر) ۾ پيش ڪيو ويو.جڏهن ته، ڪهاڻي جي ڏند ڪٿا (اسٽوري لائين) ٿوري ڦيرڦار سان ٻيهر ترتيب ڏنل نسخو آهي. ناٽڪ بيت جي ٻيهر ترتيب ڏنل نسخو موجب، بادشاهہ جي جنگي مهم کان واپس موٽڻ تي سندس گهرواري (زال) پُٽ بدران ڌيءٌ کي ڄڻيو هيو. هو ڪاوڙ ۾ ڇتو ٿي پيو ۽ پنهنجي ڪڪي (ڌيءٌ) کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. تنهن هوندي بہ، ٻار جي ناني کيس پري ڳجهي جگهہ تي کڻي وڃي لڪائي ڇڏيو هو، جتي هوءَ هڪ سُهڻي ناري بڻجي وڏي ٿي هئي. سترهن سالن جي عمر ۾ هوءَ هڪ عاشق سان رڌل رهي. انهيءَ ٽاڻو (مهل) تي، بادشاهہ کيس ڏسڻ جو موقعو ماڻيو، کيس سان پرڻو ڪرڻ چاهيو ۽ انهيءَ ڪارڻ کيس کڻي ويو ۽ کيس ميڊن ٽاور يا ڪنواري مينار ۾ رکيائين. ناريءَ جو عاشق ان واقعي تي ڪاوڙ ۾ ڏاڍو ڇتو ٿي پيو ۽ هو بادشاهہ کي مارڻ ۾ سوڀارو ٿيو. انکانپوءِ هو پنهنجي پريميڪا کي بچائڻ لاءِ ميڊن ٽاور ڏانهن ڊوڙيو. انهيءَ مهل، جڏهن ڇوڪريءَ مينار ڏانهن قدم وڌڻ جو آواز ٻُڌي سمجهيو ته بادشاه ئي کيس ڏسڻ لاءِ اچي رهيو آهي، ۽ هن سُتت (تُرت) ئي ٽاور تان ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي.[16][27]

2011 تائين، منارو موسمياتي تبديلين خلاف هڪ مهم "ارٿ آور" ۾ حصو پڻ ورتو، جنهن ۾ وڏيون عمارتون هڪ ڪلاڪ لاءِ "اونداهيون" ٿي وينديون آهن ته جيئن ان مقصد ڏانهن سُجاڳي آڻي سگهجي.[31]

تصويري گيلري

پڻ ڏسو

حوالا

  1. "Walled City of Baku with the Shirvanshah's Palace and Maiden Tower". Unesco.org. حاصل ڪيل November 10, 2019. 
  2. 2.0 2.1 2.2 "Baku (Azerbaijan); Evaluation Report" (pdf). Unesco.org. حاصل ڪيل November 10, 2019. 
  3. Baku's Maiden Tower Legendary Monument of Mystery, Azerbaijan International, Los Angeles Office Box 5217, Sherman Oaks, CA 91413, USA, http://www.azer.com/aiweb/categories/magazine/42_folder/42_articles/42_maidentower.html
  4. Maiden Tower Secrets of the Maiden Tower: What They Reveal about Early Man's Beliefs, Azerbaijan International, Los Angeles Office Box 5217, Sherman Oaks, CA 91413, USA , http://www.azer.com/aiweb/categories/magazine/ai143_folder/143_articles/143_mt_secrets.html
  5. Blair, Sheila (1992). The monumental inscriptions from early Islamic Iran and Transoxiana. BRILL. p. 155. ISBN 90-04-09367-2. https://books.google.com/books?id=4U0fCVfM8q8C&pg=PA155&dq=Maiden+Tower+originally+on+the+shore+of+the+Caspian+Sea.&hl=en&ei=qu_xTKvqNZCsugOi7JSPDg&sa=X&oi=book_result&ct=result&resnum=1&ved=0CCsQ6AEwAA#v=onepage&q&f=false. Retrieved November 11, 2019. 
  6. D.A.Akhundov, On the origins, purposes and dating of the Baku tower-temple (qiz qalasi), in Russian, Baku, 1974, pp18-19,O proiskhozhdenii, naznachenii i datirovke Bakinskogo Bashennogo khrama (Qiz qalasi), in Russian, Baku, 1974, pp.18-19
  7. Sara Ashurbeyli, New evidences on the history of Baku and the Maiden Tower, in Azerbaijani, Journal of Arts, N2 (14), Azerneshr publishing house, 1972, Ашурбейли С. Б. Новые изыскания по истории Баку и Девичьей башни. Гобустан. Альманах искусств №2(14). Азернешр, 1972 (на азерб. языке)
  8. Davud A.Akhundov, The Architecture of the Ancient and Early-Medieval Azerbaijan, In Russian, Baku, 1986,ISBN 5-94628-118-6, Azerneshr publishing house, pages-311, Ахундов Д. А. Архитектура древнего и раннесредневекового Азербайджана. Баку, Азернешр, 1986, ISBN 5-94628-118-6, стр-311 http://www.ebooks.az/book_0NetTl4d.html?lang=ru
  9. Davud A.Akhundov, The Architecture of the Ancient and Early Medieval Azerbaijan, In Russian, Baku, 1986, ISBN 5-94628-118-6, Azerneshr publishing house, pp-311, Ахундов Д. А. Архитектура древнего и раннесредневекового Азербайджана. Баку, Азернешр, 1986, ISBN 5-94628-118-6, стр-311, http://www.ebooks.az/book_0NetTl4d.html?lang=ru
  10. Hassan Hassanov, Baku's Maiden Tower. A Pagan Monument of Baku, in Russian, ISBN 9789952273793, Baku, 2014, Гасан Гасанов, Девичья башня : Бакинская Девичья Башня; Языческий комплекс Баку, 2014, стр 487, ISBN 9789952273793, https://library.ada.edu.az:444/search~S0?/cNA1492.72+.B35+F38313+2013/cna+1492.72+b35+f38313+2013/-3%2C-1%2C0%2CE/frameset&FF=cna+1492.72+b3+g27+2014&1%2C1%2C
  11. Jonathan M. Bloom and Sheila S. Blair, The Grove Encyclopedia of Islamic Art and Architecture, Oxford University Press, 2009, Vol N2. ISBN 9780195309911, page-239, http://www.oxfordreference.com/view/10.1093/acref/9780195309911.001.0001/acref-9780195309911
  12. Lonely Planet 1000 Ultimate Experiences. لونلي پلينيٽ. 2009. p. 191. ISBN 1-74179-945-7. https://books.google.com/books?id=IZBcCIixzIIC&pg=PA191&dq=Maiden+Tower+baku&hl=en&ei=xKnvTJywFdWAhAfTg7GRDA&sa=X&oi=book_result&ct=result&resnum=5&ved=0CD8Q6AEwBA#v=onepage&q=Maiden%20Tower%20baku&f=false. 
  13. 13.0 13.1 13.2 13.3 Ibrahimov, Dr. Kamil. "The Mystery of the Maiden Tower". Visions of Azerbaijan. صفحا. 22–26. حاصل ڪيل November 11, 2019. 
  14. Avesta. History of Zoroastrism آرڪائيو ڪيا ويا 2010-04-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  15. Ашурбейли Сара. История города Баку: период средневековья. Баку, Азернешр, 1992, p. 149
  16. 16.0 16.1 16.2 Dr. Kamil Ibrahimov. "The Mystery of the Maiden Tower". Visions of Azerbaijan. حاصل ڪيل November 11, 2019. 
  17. 17.0 17.1 "Walled City of Baku". يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو. وقت March 6, 2004 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل November 11, 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  18. Central Bank of Azerbaijan. National currency: 1, 5, 10, 50, 100 and 250 manat. – Retrieved on November 11, 2019.
  19. Central Bank of Azerbaijan. National currency: 10 manat. – Retrieved on November 11, 2019.
  20. Michale, Thomas (2019). 2019 Standard Catalog of World Coins WORLD 1901-2000. Stevens Point, WI: Krause Publications. pp. 148. ISBN 978-1-4402-4858-0. 
  21. Central Bank of Azerbaijan. National currency: New generation coins. – Retrieved on November 11, 2019.
  22. Azerbaijan. Pre-Islamic History, Encyclopedia Iranica, http://www.iranicaonline.org/articles/azerbaijan-iii
  23. 23.0 23.1 Mahir Khalifa-zadeh and Leyla Khalifazadeh, The Legend of Baku Maiden Tower (Zoroastrian legends), http://www.azglobalcontext.org/2017/02/the-legend-of-baku-maiden-tower_17.html
  24. Mahir Khalifa-zadeh, On the Problem of Ancient Baku's Location, edited by Prof Ziya Bunyatov, Newspaper Bakinsky Rabochiy, in Russian, Baku, Nov 24, 1988,https://ca.linkedin.com/in/prof-mahir-khalifa-zadeh-02a43844[مستقل ڳنڍڻو نه لڌو]
  25. Peoples of Western Asia. Marshall Cavendish Corporation. 2006. p. 53. ISBN 0-7614-7677-6. https://books.google.com/books?id=FZ2_aYHMl4IC&pg=PA53. 
  26. 26.0 26.1 26.2 Ronnie Gallagher and Betty Blair. "Secrets of the Maiden Tower:What They Reveal about Early Man's Beliefs". Azerbaijan International. حاصل ڪيل November 11, 2019. 
  27. 27.0 27.1 27.2 "The Maiden Tower". Window to Baku. حاصل ڪيل November 11, 2019. 
  28. "Decision – 27COM 7B.59 – Walled City of Baku with the Shirvanshah's Palace and Maiden Tower (Azerbaijan)". Unesco.org. 
  29. "Decision – 28COM 15A.29". Unesco.org. 
  30. "Decides to retain the Walled City of Baku with the Shirvanshah's Palace and Maiden Tower (Azerbaijan) on the List of World Heritage in Danger". Unesco.org. 
  31. Rustamov, Elshan. "Девичья башня на час останется без света ради природы". 1news.az. وقت 26 March 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 November 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)

خارجي ڳنڍڻا