عوامي ليگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عوامي ليگ
بنگلاديش عوامي ليگ
بنگلاديش پيپلز ايسوسيئيشن
مخفف اي ایل
صدر حسینه واجد
جنرل سيڪريٽري عبیدالقادر
باني عبدالحمید خان ڀاشاني
یار محمد خان
شمس الحق
بنياد 23 جون 1949؛ 74 سال اَڳُ (1949-06-23)
ڌڙابندي مسلم لیگ
پيشرو آل پاڪستان عوامي مسلم لیگ
صدر مقام *پارٽي آفيس
23، بنگابنڌو ایونیو
ڍاڪا 1000
  • پارٽي صدر جي آفيس
    ھاؤس 51/اي, روڊ نمبر 3 اي
    ڌنموندي آر/اي
    ڍاڪا 1209
اخبار اُترن
ٿنڪ ٽئنڪ مرڪز تحقیق و معلومات
شاگردن واري شاخ ڇتر لیگ
نوجوان واري شاخ عوامي جبو لیگ
عورتن جي شاخ مھيلا عوامي لیگ
ھاري ونگ ڪریشڪ لیگ
ٽریڊ یونین لیگ جاتیه سرامڪ لیگ
رضاڪار ونگ عوامي سویساسبڪ لیگ
فوج مڪتي باھني (1971)
نظريو بنگالي قوم پرستي
لادینیت
اشتراڪیت
سياسي پاسو وچولي کاٻي ڌر
ڏيهي وابستگي عظیم اتحاد
بين الاقوامي وابستگي ڪابه نہ
رنگ      سبز
نعرو "جئي بنگلا" (بنگالي)
”بنگال زندہ باد
ترانو "پرایولاس" (بنگالي)
"تباہ ڪن بشاشت"
جاتیه سنگسد ۾ سيٽون
300 / 350
چونڊن لاءِ نشان
بي اي ایل پارٽي علامت
پارٽي جو جھنڊو
ويب سائيٽ
albd.org

عوامي ليگ (انگريزي: Awami League ) بنگلاديش جي ٻن سٻ کان وڏين جماعتن مان هڪ اھم سياسي جماعت آهي. 2014 جي عام چونڊون ۾ ھي جماعت اڪثريت سان کٽي آئي۔[1]

قيام[سنواريو]

پراڻي ڍاڪا ۾ واقع روز گارڊن محل جتي 1949 ۾ عوامي مسلم ليگ جو بنياد پيو

23 جون 1949[2] ۾ پاڪستان جي اوڀر بينگال صوبي جي مسلم ليگ جي ڪانفرنس جو اجلاس ڍاڪا جي ٽيڪاٽولي روڊ جي ڪاس داس واري ڳلي ۾ ڪي ايم داس روڊ جي اوڀر پاسي واقع روز گارڊن محل ۾ حسين شھيد سھروردي ۽ عبدالھاشم جي سربراهي ۾ منعقد ٿيو جنھن ۾ 27 جون تي ھڪ نئين جماعت عوامي مسلم ليگ جي نالي سان بنياد وڌو ويو، ۽ مولانا عبدالحميد ڀاشاني کي صدر ۽ شمس الحق کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. سن ڪانفرنس جي منعقد ڪرائڻ ۾ شوڪت علي وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس ئي دعوت تي حسين شھيد سھروردي ڍاڪا آيو جنھن شوڪت علي کي مسلم ليگ ڇڏي نئين پارٽي ٺاھڻ جي صلاح ڏني. شمس الحق، مولانا عبدالحميد ڀاشاني، قمرالدين احمد، تاج الدين احمد، عطاء الرحمان خان، عبدالاول، شيخ مجيب الرحمان، محمد الماس ۽ شمس الضحي ان سرگرم ڪيمپ جو حصو ھيا[3]. پعد ۾ مولانا عبدالحميد ڀاشاني جي پارٽي کي سيڪيولر رکڻ واري قدم سان ان جي مشوري تي پارٽي جي نالي مان مسلم لفظ خارج ڪيو ويو. [4]ٻولي واري تحريڪ بعد 27 جون 1949 ۾ ملڪ جي وڏي جماعت مسلم ليگ مان ھڪ ڌڙي ڌار ٿي عوامي مسلم ليگ قائم ڪئي جنھن جو پھريون صدر مولانا عبدالحميد ڀاشاني ، پھريون جنرل سيڪريٽري شمس الحق ، پھريان نائب صدر عطاء الرحمان خان، شوڪت حسين ۽ علي احمد پھريان جوائنٽ سيڪريٽري شيخ مجيب رحمان، خندڪر مشتاق احمد ۽ رفيق الحسين ۽ پھريون خزانچي يار محمد ٿيا. ساڳي وقت پارٽي جي آل پاڪستان عوامي مسلم ليگ جو صدر حسين شھيد سھروردي ٿيو. شيخ مجيب بعد ۾ ان پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1952 ۾ عوامي مسلم ليگ ۽ ان جي شاگرد ونگ بنگالي ٻولي واري تحريڪ ھلائي.

1953 م ٻولي واري تحريڪ دوران ھڪ جلوس ۾ مولانا ڀاشاني ۽ شيخ مجيب الرحمان پيرين اگھاڙي ھلندي ڏيکايل


عوامي مسلم ليگ جي قيام وقت پارٽي جو جهنڊو

مجيب الرحمان جي صدارت کان اڳ[سنواريو]

1954 جي ليجسليٽو اسيمبليءَ واري اليڪشن کان اڳ ھن پارٽي ٻين بينگالي پارٽين سان گڏجي يونائيٽيڊ فرنٽ ڪوئليشن نالي اتحاد ٺاھي اليڪشن ۾ حصو ورتو. پارٽي روايتي بنگالي ٻيڙي کي پنھنجي چونڊ جو نشان پڻ ھن اليڪشن ۾ اپنايو جيڪو اڄ تائي. ان جو ساڳيو نشان آھي[5]. 1954 جي اليڪشن ۾ اوڀر بينگال مان ليجسليٽو اسيمبليءَ جي 237 سيٽن مان يونائيٽيڊ فرنٽ 223 سيٽون کٽي آيو جن ۾ عوامي ليگ جون کٽيل 143 سيٽون پڻ شامل ھيون. مخالف مسلم ليگ ڪل 9 سيٽون کڻي سگھي. نورالامين چونڊ ۾ ھڪ نوجوان شاگرد اڳواڻ خالق نواز خان کان وڏي مارجن سان ھارائي ويو. اوڀر بينگال جي صوبائي حڪومت بينگالي وزيراعظم محمد علي بوگرہ کان وڌيڪ صوبائي خودمختياري جو مطالبو ڪري ڇڏيو ۽ بنگالي ٻولي جي آئيني مڃتا جي گھر ڪئي.

1954 ۾ عوامي ليگ جي اوڀر بينگال صوبي جي اي اڪي فضل الحق جي ڪابينه جا وزير ساڻس گڏ ڏيکاريل

يونائيٽيڊ فرنٽ ڍاڪا ۾ بنگالي اڪيڊمي جو بنياد وڌو. 29 مئي 1954 ۾ گورنر جنرل غلام محمد يونائيٽيڊ فرنٽ جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو[5]. سيپٽمبر 1956 ۾ عوامي ليگ ريپبلڪن پارٽي سان اتحاد ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ انھن حڪومت ٺاھي ۽ عوامي ليگ جو صدر حسين شھيد سھروردي ملڪ جو وزيراعظم ٿيو جنھن اوڀر پاڪستان ۽ اولھ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي نابرابري کي ختم ڪرڻ جي پاليسي کي فروغ ڏنو[5]. ان حڪومت آمريڪا سان تعلقاتن کي مضبوط ڪيو ۽ ملڪ کي سيٽو ۽ سينٽو وارن فوجي اتحادن ۾ شامل ڪيو. پارٽي جي باني اڳواڻ مولانا عبدالحميد ڀاشاني حڪومت جي ان فيصلي جي مذمت ڪئي ۽ پارٽي کان ڌار ٿي الڳ کسٻي ڌر جي جماعت نعپ نعپ يعني نيشنل عوامي پارٽي ٺاھي[5].1957 ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي تحريڪ شروع ٿي وئي. نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي قيام جي مسئلي تي اولھ پاڪستان جي سرمائيدارن جو اعتراض ھيو تہ ان سان آمريڪا کان ورتل لکين ڊالر رڳو اوڀر پاڪستان ۾ خرچ ٿيڻا ھيا. جڏھن حالات خراب ٿي ويا تہ سھروردي کان اسڪندر مرزا استعفي ورتي باوجود ان جي تہ ھو اسيمبلي مان ٻيھر اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ تيار ھيو[6]. 7 آڪٽوبر 1958 ۾ اسڪندر مرزا مارشلا لڳائي جنرل ايوب خان کي چيف مارشلا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ۽ ان وري کيس معزول ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو[7]. ايوب خانپوليٽيڪل پارٽيز اليڪٽيڊ باڊيز ڊسڪئاليفائيڊ آرڊيننس لاڳو ڪري عوامي ليگ سميت سمورين سياسي پارٽين تي بندش وجھي ڇڏي. عوامي ليگ جي سموري قيادت گرفتار ٿي وئي ۽ کين 1963 تائين حراست ۾ رھي. 1962 ۾ ايوب خان پنھنجو آئين ٺاهي لاڳو ڪيو جنھن بعد سھروردي نورالامين ۽ خواجه ناظم الدين، مولوي فريد احمد ۽ مولوي حميد الحق چوڌري سان گڏجي ايوب خان جي خلاف ۽ جمھوريت جي بحالي لاء نئون اتحاد نيشنل ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي نالي سان جوڙيو. 5 ڊسمبر 1963 تي حسين شھيد سھروردي لبنان جي شھر بيروت جي ھڪ ھوٽل ۾ مشڪوڪ حالت ۾ فوت ٿيل مليو ۽ اھا افواهه ھلي رھي ھئي تہ کيس زھر ڏئي ماريو ويو ھو[5].

مجيب الرحمان جي صدارت ۾[سنواريو]

1966 ۾ لاھور ۾ مجيب الرحمان ڇھ نقاطي منشور جو اعلان ڪندي


مجيب الرحمان جي قيادت ۾ ھن پارٽي 1970 جي عام چونڊن ۾ پنھنجي ڇھ نقطن واري پروگرام جي بنياد تي بينگال صوبي ۾ زبردست ڪاميابي سان کٽي آئي ۽ پاڪستان جي حڪومت ٺاھڻ جي حيثيت ۾ اچي وئي. عوامي ليگ قومي اسيمبلي ۾ اوڀر پاڪستان جي 169 سيٽن مان 167 سيٽون کٽي آئي ھئي پر کيس اولھ پاڪستان جي 138 سيٽن مان ھڪ بہ سيٽ ڪانہ ملي. اوڀر پاڪستان جي صوبائي اسيمبلي جي 300 سيٽن مان ھن پارٽي 288 سيٽون کٽيون[8][9]. پارٽي قومي اسيمبلي جي ڪل 313 سيٽن مان اڌ کان وڌيڪَ اڪثريت حاصل ڪرڻ بعد حڪومت ٺاهڻ جي قابل ٿي چڪي ھئي. پارٽي کي اقتدار نہ ملڻ ڪري تحريڪ شروع ٿي وئي جيڪا سول نافرماني کان پوءِ بنگال جي آزادي جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ انڊيا جي فوج سندن مدد ڪئي[2]. پارٽي قيادت انڊيا ۾ پناه ورتو پر مجيب الرحمان 25 مارچ 1971 ۾ گرفتار ٿي چڪو ھيو ۽ ان مٿان بغاوت جو مقدمو شروع ڪيو ويو[2]. 16 ڊسمبر 1971 ۾ عوامي ليگ بنگلاديش جي قومي حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو اھڙي طرح بنگلاديش جو قيام ٿيو. مجيب کي پاڪستان ازاد ڪري ڇڏيو[2]. 1973 ۾ بنگلاديش جي پھرين عام چونڊن ۾ ھي پارٽي کٽي آئي ۽ مجيب الرحمان ملڪ جو پھريون وزيراعظم ٿيو. ملڪ جو آئين جمھوريت، سوشلزم، سيڪيولرازم ۽ قومپرستي جي بنيادن تي ٺاھيو ويو[2]. 1974 ۾ ڏڪار جي ڪري 70000 ھزار ماڻھو مري ويا. ملڪ غير جانبدار تحريڪ جو رڪن ٿيو پر حڪومت جو لاڙو سوويت بلاڪ طرف ھيو. ڪيوبا تي معاشي پابندين باوجود حڪومت ان کي سڻي جي برآمد جاري رکي جنھن تي آمريڪا بنگلاديش ڏي اناج جي درآمد تي پابندي لڳائي جنھن سان ڏڪار جي حالت ۾ اضافو ٿي ويو ۽ مجيب الرحمان جي ڏڪار سبب عوامي حمايت ۾ ڪمي اچي وئي[2]. جنوري 1975 ۾ مجيب الرحمان مظاھرن کي روڪڻ لاءِ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري عوامي ليگ جو نالو تبديل ڪري بنگلاديش ڪرشڪ سرامڪ عوامي ليگ (بنگلاديش جي مزدورن۽ ھارين جي عوامي ليگ) رکي ٻين سمورين سياسي جماعتن تي بندش لڳائي ڇڏي، ۽ ملڪ جي پارلياماني نظام کي صدارتي نظام ۾ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 15 آگسٽ 1975 تي ان جي سياسي ۽ معاشي ناڪامي جي ڪري فوج سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو[2]. ميجر فرخ رحمان ۽ ميجر راشد مجيب الرحمان ۽ سندس سموري خاندان سميت، جن ۾ سندس زال ۽ ھڪ صغير پٽ شامل ھيو، قتل ڪري ڇڏيو. مجيب الرحمان جون ٻہ ڌيئرون شيخ حسينه ۽ شيخ ريحانه ملڪ کان ٻاهر ،اولھ جرمني ۾، ھجڻ سبب بچي ويون. بنگلاديش ڪرشڪ سرامڪ عوامي ليگ مجيب الرحمان جي قتل سان گڏ ٽٽي وئي.

حسينه واجد جي صدارت ۾[سنواريو]

عوامي ليگ جي چوٽي واري قيادت مان 3 نومبر 1975 تي سيد نذرالسلام ، تاج الدين احمد، ڪيپٽن محمد منصور علي ۽ اي ايڇ ايم قمرالزمان کي ڍاڪا سينٽرل جيل ۾ قتل ڪيو ويو. عوامي ليگ مختلف ڌڙن ۾ ورھائجي وئي. شيخ حسينه کي برطانيا ۾ سياسي پناه ملي ويو ۽ 1981 ۾ کيس صدر ضياء الرحمان ملڪ اچڻ جي اجازت ڏني. واپسي بعد پارٽي جي صدر چونڊجي آئي. 7 مئي 1986 جي اليڪشن ۾ پارٽي حصو ورتو.1990 ۾ جمھوريت جي بحالي کانپوءِ عوامي ليگ وري ھڪ وڏي جماعت بڻجي سامھون آئي. 1991 جي عام چونڊن ۾ پارٽي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي وڏي پارٽي بڻجي آئي. 1996 ۾ ھي پارٽي ٻيھر اقتدار ۾ آئي ۽ شيخ حسينه واجد ملڪ جي وزيراعظم چونڊجي وئي جيڪا 2001 تائين ان عھدي تي رھي[2]. آڪٽوبر 2001 جي اليڪشن ۾ پارٽي اسيمبلي جي 300 مان 62 سيٽون کٽي آئي.

پارٽي جو نظريو[سنواريو]

نظرياتي طور تي ھي پارٽي جا بنيادي اصول ۽ پاليسيون جمھوريت، سوشلزم، سيڪيولرازم ۽ قومپرستي تي ٻڌل آهن. ھاڻي لبرل معيشيت جو پروگرام رکندڙ پارٽي آهي.

تنظيم[سنواريو]

پارٽي جا مکيه عھديدار
Sheikh Hasina
شيخ حسينه واجد , 16 فيبروري 1981 کان وٺي عوامي ليگ جي صدر آھي
Obaidul Quader
عبيدالقادر, 23 آڪٽوبر 2016 کان پارٽي جو جنرل سيڪريٽري

پارٽي جو سڀ کان وڏو ادارو نيشنل ڪانفرنس آھي جنھن جو اجلاس ھر ٽئين سال ٿيندو آهي. پارٽي جو پنھنجو آئين آھي جنھن تحت پارٽي جي قيادت جي چونڊ نيشنل ڪانفرنس ڪندي آهي. نيشنل ڪانفرنس کان پوء ادارو پارٽي جي مرڪزي مجلس عامله آهي. پارٽي جي پاليسي جي نظرثاني ۽ آئين ۾ ترميم جو اختيار نيشنل ڪانفرنس کي مليل آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. بیری, ایلن (6 جنوری 2014). "Bangladesh's Governing Party Wins Vote Amid Unrest". دی نیو یارک ٹائمز. Archived from the original on 2018-12-25. https://web.archive.org/web/20181225043239/https://www.nytimes.com/2014/01/07/world/asia/bangladeshi-premiers-party-wins-election-amid-unrest.html?_r=0%20. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 76-77,
  3. [http: //www.thedailysangbad.com/print_news.php? news_id]
  4. [[1]] (www.prothomalo.com)
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 Hussain, Ahmede (31 July 2009). "Promises to Keep". The Daily Star. http://archive.thedailystar.net/magazine/2009/07/05/cover.htm.  -
  6. "H. S. Suhrawardy Becomes Prime Minister". Story of Pakistan. Retrieved 30 April 2013.
  7. ] "Ouster of President Iskander Mirza". Story of Pakistan. Retrieved 8 April 2016.
  8. "General Elections 1970". Story of Pakistan. -
  9. "Islamic Pakistan". ghazali.net. -