مواد ڏانھن هلو

يادگارِ پاڪستان

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

يادگارِ پاڪستان
Pakistan Monument
رات جي وقت يادگار جو ھڪ ڏيک
عام معلومات
قسمعوامي يادگار
طرزِ اڏاوتمغل
مڪانيتاسلام آباد، پاڪستان
مڪانيت33°41′36″N 73°04′06″E / 33.69345°N 73.068309°E / 33.69345; 73.068309
اڏاوت شروع ٿيڻ جي تاريخ25 مئي 2004ع
افتتاح23 مارچ 2007ع
مالڪثقافت کاتو
Landlordڪيپٽل ڊولپمنٽ اٿارٽي
ڊزائن ۽ تعمير
آرڪيٽيڪٽعارف مسعود
(آرٽ ورڪ گوچرنگ) (ماربل اينڊ گرينائيٽ ورڪس اسٽون فارايوار پرائيويٽ لميٽڊ)
انجنيئرسيد محمود خالد
بناوٽي انجنيئرمشتاق ۽ بلال
ٻيا ڊزائنرخصر حيات اصغر
مک ٺيڪيداريونيورسل ڪارپوريشن
(پراجيڪٽ ڊارئڪٽر: برگيڊيئر مقبول احمد خان )

يادگارِ پاڪستان (انگريزي: Pakistan Monument) ھڪ قومي يادگار آھي، جيڪو اسلام آباد ۾ شڪرپڙيان جبلن ۾ واقع آھي. ھي يادگار پاڪستان جي ماڻھن جي ٻڌي ۽ ايڪي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٺاھيو ويو. ھي يادگار انھن پاڪستانين جي نالي ڪيو ويو جن پنھنجو حال مستقبل لاءِ قربان ڪيو.

ھن يادگار ۾ چار گلن جي پنکڙين وانگر ٺھيل منارا پاڪستان جي چار وڏين ثقافتن، پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پختون کي ظاھر ڪن ٿا. ٽي ننڍا منارا، اقليتي، آزاد ڪشمير، ۽ گلگت بلتستان جي ثقافتن کي اجاگر ڪن ٿا. ھي يادگار ھڪ سياحتي مرڪز آھي جيڪو اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان پڻ نظر ايندو آھي.[1]

خيال

[سنواريو]

قومي يادگار ٺھرائڻ جو خيال پھرين دفعي حڪومت پاڪستان پيش ڪيو، جنھن جي معاونت ممتاز مفتي جي پٽ عڪسي مفتي ڪئي. حڪومت پاڪستان جي ثقافت واري کاتي کي آرڪيٽڪٽس ۽ ٽائون جي منصوبابندي ڪندڙن وٽان يادگار جي ڊزائين ٺھرائڻ لاءِ مقابلي جو ڪم سونپيو ويو. مقابلي جو بنيادي نقطو طاقت، اتحاد، پاڪستان جي ماڻھن جو آزاد قوم ۽ آزادي لاءِ قربانيون ڏيڻ ھو.[2] ڪُل 21 ڊزائينن مان 3 ڊزائينن کي آخري مرحلي لاءِ چونڊيو ويو. عارف مسعود پاران ٺاھيل ڊزائين کي 10 جولائي 2003ع تي مقابلي جو فاتح قرار ڏنو ويو. يادگار جي پيڙھ جو پٿر 25 مئي 2004ع تي رکيو ويو، جڏھن تہ يادگار 2006ع تي جوڙي راس ٿيو. 23 مارچ 2007ع تي پاڪستان جي تڏھوڪي صدر پرويز مشرف يادگار جو افتتاح ڪيو.[3][4]

ڊزائين

[سنواريو]

يادگار 6.9 ايڪڙن تي مشتمل آھي، يادگار ننڍي کنڊي جي مغل طرزِ اڏاوت تحت ٺيھل آھي. گل جي پنکڙين جيان ٺھيل ڊزائين مغل طرزِ اڏاوت جي مقرنس مان کنيل آھي، جيئن يادگار جي آرڪيٽڪٽ جو چوڻ آھي تہ ”اسان ماضي مان سکون ضرور، پر ماضي ۾ رھون نہ“ ھن ٽيڪنالاجي جي مدد سان قديم مقرنس کي جديد شڪل ڏني.

عجائب گهر

[سنواريو]

يادگار جي ڀرسان يادگارِ پاڪستان عجائب گهر آھي، جنھن ۾ ھڪ عجائب گهر ميڻ سان ٺھيل تحريڪ پاڪستان جي اھم واقعن بابت آھي. ان کانسواءِ ھڪ حوالا لائبريري، آواز ۽ بصري رڪارڊ، ان سان گڏ 62 سيٽن تي مشتمل ھڪ ڪانفرنس ھال، جنھن کي پينوراما ھال چيو ويندو آھي، پڻ موجود آھن.[5] ڪامپليڪس ۾ سرسري 1500 سياح روز اچن ٿا، 2015ع ۾ ايندڙ سياحن جو تعداد 0.57 ملين ھو،[6] جڏھن تہ 2018ع ۾ ايندڙ جو تعداد 514944 ھو.[7]

تصويرون

[سنواريو]

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "National Monument: Structure reflects history of Pakistan". The Express Tribune (in انگريزي). 28 August 2013. Retrieved 19 June 2024.
  2. Ministry of Culture, Pakistan آرڪائيو ڪيا ويا 2007-11-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Retrieved on 23 March 2008
  3. Kiani, Khaleeq (2006-08-24). "Rs67bn new schemes approved". ڊان. Retrieved 2021-10-08.
  4. "A brief history of the national monuments of Pakistan". جيو نيوز (in انگريزي). 2018-08-13. Retrieved 2023-02-11.
  5. "Pakistan Monument Museum attracts people". Daily Times. Associated Press of Pakistan. 3 May 2016. Retrieved 2023-02-11.
  6. Hussain, Syed Danish (7 June 2012). "Visiting Pakistan Monument no more free now". The Nation (in آمريڪي انگريزي). Retrieved 2016-06-13.
  7. "Pakistan Monument Museum tops popular site with 514,944 visits during 2018". Dunya News (in انگريزي). 2019-10-10. Retrieved 2023-02-11.