وڪيپيڊيا:بهترين مضمون لاءِ اميدوار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مُکبحثاميدوارجائزواعزازهدايتونمعيارشڪايتمدد

بهترين مضمونن جي نامزدگي جي لاءِ وڪيپيڊيا:بهترين مضمون لاءِ اميدوار ڏسو۔

هي ستارو جنهن جي هڪ ڪُنڊ ٽُٽل آهي، اهو ظاهر ڪري ٿو ته لاڳاپيل مواد بهترين هجڻ جو اُميدوار آهي.
هي ستارو جنهن جي هڪ ڪُنڊ ٽُٽل آهي، اهو ظاهر ڪري ٿو ته لاڳاپيل مواد بهترين هجڻ جو اُميدوار آهي.

هتي اسان ان ڳالهه جو ڪاٿو لڳائڻ چاهيون ٿا ته ڪهڙا مضمون بهترين مضمون جي معيار تي پُورا لهن ٿا. بهترين مضمون وڪيپيڊيا جي بهترين ڪارڪردگي جو نمونو آهن ۽ نامزد ٿيل مضمون هر لحاظ کان وڪيپيڊيا جي بهترين مضمون جي معيار تي پورا لهڻ گهرجن، نه ته ِ انهن کي هن فهرست مان ڪڍيو ويندو.
ڪنهن به مضمون کي نامزد ڪرڻ کان اڳ نامزد ڪندڙ ٻين واپرائيندڙن جي راءِ پڇڻ گهرجي. نامزد ڪندڙ جي لاءِ ضروري آهي ته وڪيپيڊيا جي قاعدن ۽ ضابطن سان آگاهي رکندڙ آهي ۽ بهترين مضمون جي مرحلي کان گذرڻ جي دوران مضمون جا سڀ اعتراض ۽ ڪمزور پاسن کي پَري ڪري سگهجي. اهڙي نامزد ڪندڙن جو نامزد ڪيل مضمون جي لکت ڀاڱيدارين ۾ شامل نه هجي، اهي مهرباني ڪري نامزد ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل مضمون جي لکندڙن کان ضرور راءِ وٺن. نامزد ڪندڙن کان آس ڪجي ٿي ته اهي تنقيد جو هاڪاري جواب ڏيندا ۽ ان سلسلي ۾ اُٿاريل سڀني سوالن ۽ اعتراضن کي دور ڪرڻ ۾ سچائي سان ڪوشش ڪندا.

اختصار:
وپ:بهترين مضمون لاءِ اميدوار

سانچو:بهترين مضمون صفحا

نامزدگي جو طریقۂ ڪار

  1. نامزدگي کان اڳ ان ڳالهه جي پَڪ ڪريو ته گُهربل مضمون بهترين مضمون جي معيار پٽاندڙ هُجي، ۽ ان تي لاڳاپيل مضمون جي لکندڙن ‘ يا ڀاڱيدارن جي راءِ سانڍي وئي آهي.
  2. نامزدٿيل مضمون جي بحث صفحي جي مٿان {{ابم}} لکو ۽ صفحو سانڍيو.
  3. مضمون تي {{بهترين مضمون لاءِ اميدوار}} جو سانچو وِجهي سانڍيو.
  4. مضمون جي لکندڙن کي ٻُڌايو ته ان مضمون کي بهترين مضمون جي لاءِ نامزد ڪيو پيو وڃي.
  5. بعد ۾ هيءَ سِٽَ {{وڪيپيڊيا:بهترين مضمون لاءِ اميدوار/هتي مضمون جو نالو درج ڪريو}} هن صفحي ۾ درج ڪري محفوظ ڪريو.

تائيد ۽ تنقيد

مهرباني ڪري نامزد ڪيل ڪنهن به مضمون تي تائيد ۽ تنقيد ڪرڻ کان اڳ هيٺين ڳالهين کي ڌيان سان پڙهو.

  1. ڪنهن به نامزدگي تي ردِ عمل جي اظهار جي لاءِ نامزد ڪيل جي سامهون کاٻي پاسي تي ڏنل “ترميم“ يا سنوار جي بٽڻ تي ٺِڙڪ ڪريو (نڪي صفحي جي مٿي پاسي ڏنل “ترميم، يا، سنواريو“ جو آپشن جيڪو پوري صفحي کي سنوارڻ جي لاءِ آهي.).
  2. ڪنهن به مضمون جي تائيد ڪرڻ جي لاءِ {{تائيد}} لکو ۽ گڏوگڏ تائيد ڪرڻ جو ڪارڻ به لکو. جيڪڏهن توهان ان مضمون جي ڀاڱيدارين يا لکڻ ۾ شامل رهي چُڪا آهيو ته به نشاندهي ڪريو.
  3. ڪنهن به مضمون تي تنقيد ڪرڻ جي لاءِ {{تنقيد}} لکو ۽ گڏوگڏ تنقيد ڪرڻ جو ڪارڻ به لکو. مضمون جي اُنهن اوڻاين جي نشاندهي ڪريو جيڪي دور ڪرڻ تي مضمون کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
  4. تائيد ۽ تنقيد جي هن مرحلي جي دوران ذاتيات کان قطعاًََ کان پاسو ڪريو ۽ پنهنجي تائيد يا تنقيد جو علمي ڪارڻ بيان ڪريو. گڏوگڏ خيالي يا تصوراتي شڪن کان پاسو ڪريو.
  5. ڪنهن به مضمون تي ٽيڪا ٽٻڻي ڪرڻ جي لاءِ {{تبصرو}} لکو ۽ مضمون جي باري ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو، جيڪو مضمون تي تنقيد يا تائيد کانسواءِ هُجي.
چاٻي


هاڻوڪا بهترين مضمون مُک صفحي لاءِ

"ايشيق اخبار جو پھريون شمارو"
خديجه علي بايوفا، ايڊيٽر ايشيگ اخبار

ايشيگ آذربائيجاني ٻوليءَ ۾ عورتن جي پهرين ڇپائي هئي. اخبار جو پهريون شمارو 22 جنوري 1911ع تي ڇپيو ۽ ان جي ڇپائي 1912ع جي پڇاڙيءَ تائين جاري رهي، جنهن دوران ايشيق جا 68 شمارا جاري ٿيا.ايشگ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڇنڇر تي ڇپجندو هو، جنھن ۾ سائنسي-تعليمي، ادبي، طبي ۽ گهريلو موضوعن کي شامل ڪيو ويندو هو. ٻارن جي پرورش، ساھتيہ، دوائن ۽ گهر اڏاوت سان گڏ، هن ۾ قانون، ثقافت، مذهبي قاعدن ۽ دنيا جي سماچار سان لاڳاپيل مختلف ڀاڱا پڻ شامل هئا. ميگزين جي پوش تي، هڪ نوجوان عورت جي تصوير هئي جنهن کي مٿو ڍڪيل ھو، جيڪا هڪ ٻار جو هٿ پڪڙي بيٺل ۽ اڀرندڙ سج ڏانهن اشارو ڪندي ڏيکاريل ھجي ٿي، جنھن مان روشني نڪري ھئي (اخبار جي عنوان جو حوالو: آذربائيجان ۾، "ايشيق" جو مطلب آهي "روشني").اخبار جو بنيادي مقصد عورتن کي وديا ڏيڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ هو. عورتون اڪثر ڪري اخبارن ۾ ليک ۽ نظم پيش ڪنديون هيون، جن ۾ عورتن جي زندگين ۾ ٿيندڙ انياءُ تي نندا ڪئي ويندي هئي.اها اخبار سڄي روس جي مسلمانن ۾ مشهور هئي. جيڪا ھن حقيقت جو ثبوت آهي ته اخبار جي اٽڪل 200 ڪاپيون قفقاز کان ٻاهر رڪنن ڏانهن اماڻيون ويون. روس جي اسٽيٽ لئبرريءَ وٽ سال 1911 لاءِ اخبار ايشيگ جو هڪ سيٽ آهي، جيڪو ايمپريس اليگزينڊررا فيودورونا کي پيش ڪيو ويو ھو. رپورٽن مطابق، اخبار جي بند ٿيڻ جي اميد ڀائنڻ جي ڪري، خديجه عليبيوفا ايشيگ جا پهرين کان 34 تائين شمارا ايمپريس ڏانهن موڪليا هئا.مذهبي قدامت پسندن جي دٻاءَ جي نتيجي ۾ اخبار کي مالي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. ليکڪن، عالمن ۽ مذهبي قدامت پسندن کان محتاط ٿي، اخبارن ۾ چٺيون، مضمون ۽ نظم موڪلڻ بند ڪري ڇڏيا، جڏهن ته پڙهندڙن کي رڪنيت وٺڻ بند ڪري ڇڏي. اشگ اخبار لاءِ رڳو مواد ۽ رڪنن جي کوٽ ئي مسئلو نه هئي. جنوري 1912ع ۾، مولا روح الله محمد زاده جي قتل کان پوءِ، جنهن اخبار کي انتهاپسند عالمن کان بچايو، اخبار پنهنجي ”پختگي“ وڃائي ويٺي ۽ ٽن مهينن بعد پنھنجي ڇپائي زوريءَ بند ڪرڻ تي مجبور ٿي. اهڙيءَ ريت اشگ اخبار پنهنجي آخري شماري سان 21 اپريل 1912ع تي پنهنجي سرگرميءَ جي پُڄاڻي ڪئي. ايشيگ اخبار جي مکيه محققن مان هڪ اماليا قاسمووا جي مطابق، سوويت حڪومت جي دور ۾، آذربائيجان ۾ عورتن جي پريس جي بانيڪار جي حيثيت سان اخبار تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ قائم رهڻ ۾ اسڦل ٿي ڇاڪاڻ ته، اخبار کي "بورجوا پريس" سمجهيو ويندو هو ۽ تحقيق کان ٻاهر رھجي وئي ۽ ميگزين سرگ گديني (آذربائيجاني گديني) ديس جي عورتن جي پھرين پريس جي حيثيت سان شايع ڪيو ويو.


نامزد مضمون