مواد ڏانھن هلو

ائينيمري شمل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ائينيمري شمل
(جرمن ۾: Annemarie Schimmel)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم
موت
شھريت
عملي زندگي
پيشو
ڪم جي ٻولي
نوڪريون بون يونيورسٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو employer (P108) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات

جرمنيءَ جي مشهور خاتون مستشرق ائينيمري شمل 1922ع ۾ پيدا ٿي. برلن يونيورسٽيءَ ۾ عربي، فارسي، -ترڪي- زبانن ۽ اسلامي علوم ۽ فنون جو مطالعو ڪيائين. اوڻٽيهن سالن جي عمر ۾ اسلاميات ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيائين. ٻي -جنگ- عظيم دوران دفتر امور خارجه ۾ مترجم رهي. 1951ع ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتائين. 1954ع ۾ -انقره- يونيورسٽي وئي ۽ اتي -تاريخ- ۽ مذهب جي پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 1961ع ۾ برلن يونيورسٽيءَ ۾ ۽ 1967ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي شعبي ”مسلم -تهذيب-“ ۾ پروفيسر رهي. 1965ع ۾ هن جي خدمتن جي اعتراف طور حڪومت -پاڪستان- طرفان کيس ”ستاره قائداعظم“ سان نوازيو ويو. 1982ع ۾ حڪومت پنجاب، لاهور جو هڪ خوبصورت روڊ هن جي نالي سان منسوب ڪيو. ڊاڪٽر شمل علامه اقبال جو خصوصي مطالعو ڪيو آهي ۽ کيس جرمن زبان جي ذريعي يورپ ۾ متعارف ڪرايو آهي، ۽ سنڌي ادب تي به متعدد تنقيدي ڪتاب لکي چڪي آهي. سندس هڪ ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، پروفيسر ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ، ”سنڌي ادب جي ارتقا“ جي نالي سان ڪيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو ڪجهه حصو جرمنيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو اٿس. شاهه لطيف ۽ -تصوف- تي کيس اٿارٽي مڃيو ويو آهي. 1983ع ۾ صدر -پاڪستان- طرفان هن کي ”هلال امتياز“ جو اعزاز ڏنو ويو. ڊاڪٽر شمل صاحبه پنهنجي وصيت ۾ ڄاڻا يو هو ته کيس مرڻ کان پوءِ مڪليءَ جي قبرستان ۾ سنڌ جي عظيم دانشور پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي. پر ائين ٿي نه سگهيو، کيس وفات کانپوءِ جرمنيءَ ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. البت پير حسام الدين جي مزار وٽ ائنيميري شمل جي علامتي قبر جي تختي لڳائي وئي آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]