ائينيمري شمل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ائينيمري شمل
(جرمن ۾: Annemarie Schimmel خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 7 اپريل 1922[1][2][3][4][5][6][7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت 26 جنوري 2003 (81 سال)[1][2][3][4][5][6][7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت جرمني  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي جرمن ٻولي[8]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات

جرمنيءَ جي مشهور خاتون مستشرق ائينيمري شمل 1922ع ۾ پيدا ٿي. برلن يونيورسٽيءَ ۾ عربي، فارسي، -ترڪي- زبانن ۽ اسلامي علوم ۽ فنون جو مطالعو ڪيائين. اوڻٽيهن سالن جي عمر ۾ اسلاميات ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيائين. ٻي -جنگ- عظيم دوران دفتر امور خارجه ۾ مترجم رهي. 1951ع ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتائين. 1954ع ۾ -انقره- يونيورسٽي وئي ۽ اتي -تاريخ- ۽ مذهب جي پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 1961ع ۾ برلن يونيورسٽيءَ ۾ ۽ 1967ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي شعبي ”مسلم -تهذيب-“ ۾ پروفيسر رهي. 1965ع ۾ هن جي خدمتن جي اعتراف طور حڪومت -پاڪستان- طرفان کيس ”ستاره قائداعظم“ سان نوازيو ويو. 1982ع ۾ حڪومت پنجاب، لاهور جو هڪ خوبصورت روڊ هن جي نالي سان منسوب ڪيو. ڊاڪٽر شمل علامه اقبال جو خصوصي مطالعو ڪيو آهي ۽ کيس جرمن زبان جي ذريعي يورپ ۾ متعارف ڪرايو آهي، ۽ سنڌي ادب تي به متعدد تنقيدي ڪتاب لکي چڪي آهي. سندس هڪ ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، پروفيسر ڊاڪٽر حيدر سنڌيءَ، ”سنڌي ادب جي ارتقا“ جي نالي سان ڪيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو ڪجهه حصو جرمنيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو اٿس. شاهه لطيف ۽ -تصوف- تي کيس اٿارٽي مڃيو ويو آهي. 1983ع ۾ صدر -پاڪستان- طرفان هن کي ”هلال امتياز“ جو اعزاز ڏنو ويو. ڊاڪٽر شمل صاحبه پنهنجي وصيت ۾ ڄاڻا يو هو ته کيس مرڻ کان پوءِ مڪليءَ جي قبرستان ۾ سنڌ جي عظيم دانشور پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي ڀر ۾ دفن ڪيو وڃي. پر ائين ٿي نه سگهيو، کيس وفات کانپوءِ جرمنيءَ ۾ ئي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. البت پير حسام الدين جي مزار وٽ ائنيميري شمل جي علامتي قبر جي تختي لڳائي وئي آهي.[9]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  2. 2.0 2.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb131626600 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  3. 3.0 3.1 KNAW past member ID: http://www.dwc.knaw.nl/biografie/pmknaw/?pagetype=authorDetail&aId=PE00002823 — subject named as: Mrs. Annemarie Schimmel — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. 4.0 4.1 Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/schimmel-annemarie — subject named as: Annemarie Schimmel — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — مدیر: Bibliographisches Institut & F. A. Brockhaus۽ Wissen Media Verlag
  5. 5.0 5.1 Diamond Catalogue ID for persons and organisations: https://opac.diamond-ils.org/agent/18615 — subject named as: Annemarie Schimmel
  6. 6.0 6.1 Babelio author ID: https://www.babelio.com/auteur/wd/105481 — subject named as: Annemarie Schimmel
  7. 7.0 7.1 Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000016820 — subject named as: Annemarie Schimmel — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  8. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb131626600 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  9. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A6%D9%8A%D9%86%D9%8A%D9%85%D8%B1%D9%8A%20%D8%B4%D9%85%D9%84%20%20%DA%8A%D8%A7%DA%AA%D9%BD%D8%B1