مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:اڳوڻا بهترين مضمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آرڪائيو ٿيل
مُکبحثاميدوارجائزواعزازهدايتونمعيارشڪايتمدد


ڀاشا ديامير ڊيم، ڪنڪريٽ يا پٿرن سان جڙيل ڪشش ثقل ڊيم آهي، جيڪو هن وقت تعمير جي شروعاتي مرحلن ۾ آهي، هي ڊيم سنڌو درياهه مٿان گلگت بلتستان واري علائقي ۾ جوڙيو پيو وڃي. هن ڊيم جو افتتاح پاڪستان جي اڳواڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني 18 آڪٽوبر 2011ع تي ڪئي. تعمير کان پوءِ ديامير ڀاشا ڊيم ڪنڪريٽ سان جوڙيل دنيا جو سڀ کان وڏو ڊيم هوندو. هن ڊيم جو سلپ وي 272 ميٽر اوچو هوندو، جنهن ۾ 14 در لڳل هوندا، هر در جي ويڪرائي 11.5 ميٽر ۽ اوچائي 16.24 ميٽر هوندي. هن ڊيم ۾ 81،00،000 ايڪڙ فوٽ پاڻي محفوظ ڪري سگھجي ٿو جڏهن ته وهندڙ پاڻي 6،400،000 ايڪڙ فوٽ محفوظ ڪري سگھجي ٿو.


والٽئر فرانسيسي لکيڪ ۽ فلسفي هو، سندس جنم 21 نومبر 1694 تي پيرس ۾ ٿيو. هي مذهب ۽ سياست کي الڳ الڳ ڪري هلائڻ جو حامي هو، جنهن سبب هن چرچ مٿان ڇتي تنقيد ڪئي، هي اظهار جي آزادي جو پڻ وڏو وڪيل هو. هن جي والد جي خواهش هئي تھ هي قانوندان بڻجي پر هن جي دلچسپي هميشه لکڻ طرف هئي. 1778ع ۾ والٽئر لاڏاڻو ڪيو. پادرين هن جي لاش کي دفن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ۽ سندس دوستن کيس دفنايو. جڏهن 1791ع ۾ فرانس ۾ انقلاب رونما ٿيو ته والٽئر جو لاش کوٽي ڪڍي ان کي عزت ۽ احترام سان پئرس آندو ويو ۽ اڍائي لکن جي عوامي جلوس، گهوڙن تي سوار ۽ پيدل فوجي دستن سان گڏ فرانس جي هن عظيم انقلابي جي لاش کي پوري رات سلامي پيش ڪئي وئي.


جان سڊني مڪين ھڪ آمريڪي سياستدان ۽ آمريڪي بحريہ جو آفيسر ھيو. آمريڪا جي رياست ايرزونا مان 1987 کان پنھنجي وفات 25 آگسٽ 2018ع تائين آمريڪي سينيٽر رھيو. ان کان اڳ ٻہ دفعا آمريڪي ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز جو ميمبر پڻ رهيو. 2008 جي صدارتي اليڪشن ۾ آمريڪا جي ريپبلڪن پارٽي جو صدارتي اميدوار پڻ ھيو پر براڪ اوباما کان اليڪشن ھارائي ويو. جان مڪين 29 آگسٽ 1936 ۾ پاناما ۾ پاناما ڪئنال واري زون ۾ واقع آمريڪا جي نيول ايئر بيس ڪوڪو سولو ۾ پيدا ٿيو.ھن پنھنجي پيء ۽ ڏاڏي وانگر آمريڪا جي نيول اڪيڊمي مان 1958 ۾ گريجوئيشن ڪئي. سندس پيء جان ايس مڪين جونيئر ۽ ڏاڏو کان ايس مڪين سينيئر آمريڪي بحريہ ۾ ايڊمرل رھي چڪا هئا. 2017 ۾ مڪين دماغي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ ان بيماري جي ڪري 81 سالن جي عمر ۾ 25 آگسٽ 2018 تي وفات ڪري ويو.


اروڙ(انگريزي: Aror), يا الور(انگريزي: Alor) راءِ گهراڻي (494ع- 622ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (622ع- 712ع) جي دور ۾ سنڌ جو تختگاهه ھو. سنڌ جو هي قديم تخت گاهه/ قلعو /بندر روھڙي ضلعي سکر کان پنج ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. ھي ماڳ اتر ′27◦40 ۽ اوڀر ′68◦ 50 ڊگرين تي آهي.ماڳ جو دور پراچين تاريخ کان چوٿين صدي ھجريءَ تائين آهي. ٻڌ ڌرم وارن جو ھتي ڪافي زور ھو. هتي ئي ن کان اڳ واري نئين پٿر جي دور جا آثار به ملن ٿا. ويدن واري زماني ۾ به ھي شھر چڱو -آباد- ھو. اروڙ تي چندر ونسي راجائن ٤٥٠ع کان ٦٤٢ع تائين حڪومت ڪئي. جن کي راءَ گھراڻو سڏيو وڃي ٿو. چندر ونسي گھراڻي ١١٠٠ ق. م ۾ به ھن شھر تي حڪومت ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت ھتي جو راجا موسيڪانوس ھو. راءِ ساھسي جي وقت ۾ نيمروز ايرانيءَ ڪاھيو. ھي ھڪ وڏو -بندرگاهه- ھو، جنھن کي مضبوط حصار ڏنل ھو. عربن جي وقت به ھي شھر اوج تي ھو. عربن جي وقت ۾ توڙي جو ھي شھر تختگاهه نه رھيو، پر وڏو -بندرگاهه- ضرور ھو. ھي سنڌوءَ جي ھاڪڙي ڪپ تي ٻڌل ھو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ھاڪڙي جي رخ مٽائڻ ڪري ھي بندر ڦٽڻ لڳو. ھاڻي ھي بندر، تختگاهه، قلعو، ھڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آھي. اروڙ ماضيءَ جو بهشت برين ھو، جنھن جي ساراهه ابن خردازبه (٢٥٠ هه)، مسعوديءَ (٩٤٢ع)، ابن حوقل (٣٤٣هه) ۽ ٻين ڪئي آھي. ننڍي کنڊ جي پھرين مسجد محمد -بن قاسمجي وقت ۾ ھتي ٺھرائي وئي.


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2019/مهينو مئي


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2018/مهينو جون


وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2018/مهينو جولاءِ


ميڪسم گورڪي روسي ليکڪ ۽ اديب هو. هي 16 مارچ 1868 ۾ زار اليگزينڊر ٻيون جي دور ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ادب ۾ سماجوادي حقيقت پسنديءَ جي رجحان جو باني ۽ سياسي ڪارڪن پڻ ھو. ھي ادب جي نوبل انعام جي لاءِ پنج دفعا چونڊيو ويو. روس اندر اُٿندڙ سوشل ڊيموڪريٽڪ تحريڪ ۾ سرگرم رهيو ۽ کلي عام ھن زارشاھي جي حڪومت جي مخالفت ڪئي ۽ ان وقت جي بالشويڪي ڌر جي ولاديمير لينن ۽ اليگزينڊر باگدانوف جي ويجھو رهيو. گورڪي جي لکڻين ھن کي معاشري جو بي مثال آواز بڻائي ڇڏيو ۽ ھي روس جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تبديلي جو ھڪ سرگرم وڪيل بڻجي ويو. مئڪسم گورڪي پنھنجي عمر جو وڏو حصو جلاوطني ۾ گذاريو. 1932ع ۾ جوزف اسٽالن جي دؤر ۾ سندس ذاتي دعوت تي سوويت يونين موٽي آيو ۽ پوء اتي رھيو ۽ جون 1936 ۾ وفات ڪيائين.


اروڙ(انگريزي: Aror) راءِ گهراڻي (494ع- 622ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (622ع- 712ع) جي دور ۾ سنڌ جو تختگاهه ھو. سنڌ جو هي قديم تخت گاهه/ قلعو /بندر روھڙي ضلعي سکر کان پنج ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. ھي ماڳ اتر ′27◦40 ۽ اوڀر ′68◦ 50 ڊگرين تي آهي.ماڳ جو دور پراچين تاريخ کان چوٿين صدي ھجريءَ تائين آهي. ٻڌ ڌرم وارن جو ھتي ڪافي زور ھو. هتي ئي ن کان اڳ واري نئين پٿر جي دور جا آثار به ملن ٿا. ويدن واري زماني ۾ به ھي شھر چڱو -آباد- ھو. اروڙ تي چندر ونسي راجائن ٤٥٠ع کان ٦٤٢ع تائين حڪومت ڪئي. جن کي راءَ گھراڻو سڏيو وڃي ٿو. چندر ونسي گھراڻي ١١٠٠ ق. م ۾ به ھن شھر تي حڪومت ڪئي. سڪندر جي ڪاهه وقت ھتي جو راجا موسيڪانوس ھو. راءِ ساھسي جي وقت ۾ نيمروز ايرانيءَ ڪاھيو. ھي ھڪ وڏو -بندرگاهه- ھو، جنھن کي مضبوط حصار ڏنل ھو. عربن جي وقت به ھي شھر اوج تي ھو. عربن جي وقت ۾ توڙي جو ھي شھر تختگاهه نه رھيو، پر وڏو -بندرگاهه- ضرور ھو. ھي سنڌوءَ جي ھاڪڙي ڪپ تي ٻڌل ھو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ ھاڪڙي جي رخ مٽائڻ ڪري ھي بندر ڦٽڻ لڳو. ھاڻي ھي بندر، تختگاهه، قلعو، ھڪ ننڍي ڳوٺ جي صورت ۾ موجود آھي. اروڙ ماضيءَ جو بهشت برين ھو، جنھن جي ساراهه ابن خردازبه (٢٥٠ هه)، مسعوديءَ (٩٤٢ع)، ابن حوقل (٣٤٣هه) ۽ ٻين ڪئي آھي. ننڍي کنڊ جي پھرين مسجد محمد -بن قاسم جي وقت ۾ ھتي ٺھرائي وئي


چارلس جيمس نيپئر (Charles James Napier) انگريز جنرل 10 آگسٽ 1782ع تي فوجي ڪرنل ’جارج‘ جي گھر ۾، انگلينڊ ۾ ڄائو. هيءُ اڃا ٽن سالن جو مس هو ته سندس خاندان لنڊن (برطانيا) ڇڏي ڊبلن, آئرلينڊ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ وڃي آباد ٿيو. نـنـڍي هـونـدي سـاڻـس هـڪ حـادثـو پيـش آيـو، جنهنڪري هيءُ بيمار رهڻ لڳو ۽ بيمار رهڻ ڪري اڪثر جسماني طور ڪمزور ۽ طبيعت ۾جذباتي ٿي پيو، پر هُو ننڍي هوندي کان تمام ذهين ۽ چالاڪ هو. جنوري 1794ع ۾ ڪميشن پاس ڪري شاهي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ پنجن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ترقي ڪري 1803ع ڌاري ڪئپٽن ٿيو. چارلس نيپئر بدترين مصيبتن ۽ ذلتن جو شڪار رهيو. 1809ع واري اسپين جي جنگ ۾ جنگي قيدي ٿيو. 1810ع ڌاري قيدين جي مٽاسٽا ۾ آزادي ماڻي، مائٽن سان ملي، وري اچي پنهنجي ريجمينٽ ۾ شامل ٿيو. ساڳئي سال ’بساڪو‘ واري جنگ ۾ حصو ورتائين. جنگ ۾ سندس هڪ هٿ جو چنبو ڀڄي پيو. 1811ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل مقرر ٿيو. 1815ع ۾ وري فرانس واري جنگ ۾ حصو ورتائين. جنگ تان موٽندي جيتوڻيڪ فوجين جو جهاز ٻڏي ويو، پر هيءُ محفوظ رهيو. 1820ع ۾ سِيڪريٽ سروس ۾ شموليت اختيار ڪيائي. يونان ۾ هاءِ ڪمشنر جي هٿ هيٺ سياسي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ مقامي ماڻهن جي چڱي سهائتا ڪيائين.



سنڌو لکت (انگريزي ٻولي: Indus script)، نشانين جو مجموعو آهي، جيڪا سنڌو تهذيب جي ماڻهن، ڪوٽڏجي ۽ هڙاپا واري دور ۾ 3500 کان 1900 قبل مسيح ۾ جوڙي هئي. جن مُهرن تي اها لکت لکيل آهي اهي بيحد ننڍا آهن، ان لاءِ اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهي نشانيون لکت سرشتو آهي يا نه، ڪيترن ئي ڪوشش باجود ان لکت کي ڪير پڙهي نه سگھيو آهي، تنهن باوجود ان تي ڪوششون هلندڙ آهن. سنڌو لکت سان ميل کائيندڙ ٻي ڪا به لکت اڃان تائين موجود ناهي نه ئي ڪا گھڻ لساني مُهر موجود آهي، جنهن جي ذريعي لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪجي. لکت ۾ ڪجهه تبديلون آهن، جن جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو ته مختلف جڳهن تي لکت ڪجهه تبديل ٿيندڙ هئي. هڙاپا لکت واري پهرين مُهر جي اشاعت 1875ع ۾ اليگزينڊر ڪننگھام جي چٽيل عڪس ذريعي ڪئي وئي. ان کان پوءِ 4 هزار کان وڌيڪ لکت واريون مُهرون لڌيون ويون، جن مان ڪيترا ميسوپوٽيميا جا همعصر آهن. 1970ع ڌاري ايراوٿم مهاديون 3700 مُهر ۽ 417 نشانين کي مخصوص انداز ۾ ترتيب ڏئي پيش ڪيو. جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته عام اکرن ۾ اڪثر 5 نشانيون آهن، وڏي سٽ صرف 14 نشانين تي مشتمل آهي. هن ئي سنڌو لکت متعلق ٻڌايو ته اها ساڄي کان کاٻي پاسي لکي ويندڙ رسم الخط هئي.

ڪجه عالم، جي.آر هنٽر، ايس. آر. رائو، جوهان نيوبيري، ڪرشنا رائو ۽ سڀاش ڪاڪ جي دليل مطابق سنڌو لکت، برھمي رسم الخط سان ملندڙ جهلندڙ آهي. پر ٻيا ماهر جيئن ايراوٿم مهاديون، ڪامل زوئليبيل، آسڪو پارپولا جي مطابق سنڌو لکت دراوڙي ٻولين جي نسل مان آهي. ريمنڊ الچين لاڳاتار ان خيال جو حامي آهي ته ڀل ڪيترن جي خيال مطابق برھمي مٿان، آرامي لکت جو اثر هجي، پر برهمڻي لکت مٿان ڪجه سنڌو لکت جو اثر پڻ آهي.



ڪنواري مينار (باڪو) ڪنواري ٽاور (آذربائیجاني:(Qız qalası) باڪو جي پُراڻي شهر، آذربائيجان ۾ ٻارنهين صدي جي يادگار آهي. 15هين صدي عيسوي جي شيرواشانهس جو محل سان گڏ، اهو 2001 ۾ يونيسڪو عالمي ورثو تاريخي يادگارن جي فهرست هيٺ درج ثقافتي ملڪيت زمرو ٽيون جي تحت تاريخي يادگارن (ماڳن) جو هڪ گروهه ٺاهي ٿو. اهو آذربائيجان جو سڀ کان وڌيڪ مخصوص قومي نشان آهي، ۽ انهيءَ ريت آذري ڪرنسي نوٽ ۽ سرڪاري ليٽرهيڊس تي نمايان طور ظاهر ڪيل آهي.

ڪنواري ٽاور يا دي ميڊن ٽاور ۾ هڪ ميوزيم گهر رکيو ويو آهي، جيڪو باڪو شهر جي تاريخي ارتقا جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو. ان ۾ تحفو وٺڻ وارو دڪان (گفٽ شاپ) پڻ شامل آهي. ڇِت جو نظارو پُراڻو اڇري شهر، بوليوارڊ، ڊي گُلي هائوس، ۽ باڪو بي جي مُنارن ۽ سوڙهي گهٽين جو ويڪرو نظارو ڏيکاري ٿو. ويجهن سالن ۾، نوروز ميلو جي راتين مهل مٿئيون آتش دان ٻاريو ويو آهي.

جمهوريا آذربائيجان جي باڪو ۾ باڪو جو ڪنواري ٽاور هڪ افسانوي ماڳ ۽ دنيا جي مشهور جڳهه آهي. اهو ٽاور اسرار ۽ افسانن جي ڪڪرن سان ڍڪيل آهي، جنهن جي پاڙ آذربائيجان جي تاريخ ۽ آذربائيجان جي قومي ثقافت ڏانهن جُڙيل آهي. ٽاور جي مهاڪهاڻي جو تلاءُ (حوض) ۽ ڏند ڪٿا آذربائيجان جي ثقافت ۽ قومي ورثو جو هڪ حصو آهي. واقعي (حقيقت ۾)، ڪجھ بهادري جون مهاڪهاڻيون آکاڙو يا ناٽڪ (ٿيٽر) جي ڊرامن ۽ ناٽڪ ۾ ناچ لاءِ هڪ موضوع بڻجي ويون. ميڊن ٽاور (بيليٽ) آذربائيجان جو ورلڊ ڪلاس ناٽڪ ناچ آهي، جنهن کي 1940 ۾ افسرياب بدالبيلي ٺاهيو هيو ۽ ناٽڪ ناچ جو ريميڪ 1999 ۾ نباهيو ويو هيو.

ڪيسپيئن سمونڊ جي سامونڊري ڪنارو پکڙجي وڃڻ جي نتيجي ۾، زمين جي هڪ پٽي اُڀري آئي.اها زمين نائين کان پندرنهين صديءَ دوران ترقي ڏني وئي، جڏهن پُراڻي شهر جي ڀِت، محلات، گڏوگڏ ميڊن ٽاور جي قلعي جو ٺلھ ( منارو) اَڏيو ويو هيو.