اوڀر پاڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اوڀر پاڪستان 1947 ۽ 1971 جي وچ ۾ پاڪستان جو اوڀر وارو صوبائي ونگ هو، جنهن علائقي تي جديد ملڪ بنگلاديش جو حصو ٻَڌل آهي. ان جون زميني سرحدون ھندوستان ۽ برما سان گڏ، خليج بنگال يا بنگال نار تي ھڪ سامونڊي ڪناري سان لڳنديون ھيون. اوڀر يا مشرقي پاڪستاني ”پاڪستاني بنگالي“ جي نالي سان مشهور هئا؛ هن علائقي کي هندستان جي رياست اولهه بنگال (جيڪو پڻ ”انڊين بنگال“ طور سڃاتو وڃي ٿو) کان ڌار ڪرڻ لاءِ، اوڀر پاڪستان ”پاڪستاني بنگال“ جي نالي سان مشهور هو.

بنگال جو اُڀرندو ڀاڱو 1947 ۾ هندستان جي ورهاڱي دوران پاڪستان جو حصو بڻجي ويو ۽ اوڀر پاڪستان (East Pakistan) سڏجي ويو. پاڪستان جي انهن ٻن حصن جي وچ ۾ فاصلو 1600 ڪلوميٽر هو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صرف هڪ ئي تعلق اسلام جو هو، جيتوڻيڪ اهي نسلي ۽ لساني طور تي بلڪل مختلف هئ. اولهه پاڪستان جي حڪومت ان نسلي ۽ لساني تعصب کي جاڳايو ۽ بنگلاديش شيخ مجيب الرحمٰن جي سرواڻي ۾ 16 ڊسمبر 1972ع تي پاڪستان کان ڇوٽڪارو (آزادي) حاصل ڪئي. ڀارت 1972ع ۾ بنگلا ديش کي پُٺڀرائي (حمايت) ڪئي ۽ ائين پاڪستان جا ٻه ٽُڪرا ٿي ويا.

حوالا[سنواريو]