حسام الدين راشدي

Wikipedia طرفان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا
عڪس:Pir Hassam-ud-Din Rashidi.jpg
حسام الدين راشدي

تعارف[سنواريو]

سنڌي تاريخدان، محقق، ۽ دانشور حسام الدين شاهه راشديءَ جو جنم 20 سيپٽمبر 1911ع ۾ نئين ديري ڀرسان ڳوٺ بمهڻ ۾ ٿيو. راشدي صاحب جي ٻاراڻي تربيت نج ڳوٺاڻي ماحول ۾ ٿي جتي علم حاصل ڪرڻ جو رواج به بنهه گهٽ هو. ٻنهي ڀائرن علي محمد شاهه راشدي ۽ حسام الدين شاهه راشدي جي پرورش سندن ڏاڏي ڪئي. حسام الدين راشديءَ شروعاتي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ، مولوي محمد الياس پنهور ۽ مولوي سيد علي شاهه لڪياريءَ وٽان حاصل ڪئي. انهن بزرگن وٽ چار درجا سنڌيءَ جا ۽ سڪندر نامي تائين پڙهيو. راشدي صاحب کي پڙهڻ جو چاهه سندس وڏي ڀاءَ علي محمد راشديءَ جي ڪري پيدا ٿيو جنهن جا گهرايل ڪتاب پڙهڻ سان کيس ابتدائي فيض حاصل ٿيو. ھن فارسيءَ جي تعليم سندس استاد حاجي خادم لاڙڪاڻويءَ کان حاصل ڪئي.

ادبي ڪردار[سنواريو]

راشديءَ جي ادبي زندگيءَ جي شروعات شاعري ۽ ڪهاڻي سان ٿئي ٿي. جڏهن سندس عمر 13 سال هئي تڏهن ٻنهي ڀائرن گڏجي 1928ع ۾ پنهنجي ڳوٺ بهمڻ مان ”الراشد“ نالي رسالو جاري ڪيو. ان وقت حسام الدين راشدي سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪندو هو.

عملي زندگي[سنواريو]

راشديءَ جي عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت سان ٿئي ٿي. ”الراشد“ رسالي کان پوءِ پاڻ محمد ايوب کهڙي جي اخبار ”سنڌ زميندار“ سکر ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. اڳتي هلي ٻنهي ڀائرن سکر مان 1934ع ڌاري پنهنجي اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪئي. راشديءَ ان وقت جي ٻين اخبارن ۾ پڻ ڪم ڪيو جهڙوڪ، ”الوحيد“، ”توحيد“ ۽ ”قرباني“ وغيره. سندس انسيت جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان گهڻي هئي.

بحيثيت صحافي[سنواريو]

حسام الدين شاهه راشدي سنڌ جو بيباڪ ۽ وطن دوست دانشور هو. سندس ساراهه جا ڍڪ هر علمي ۽ ادبي شخص ڀريا آهن. راشدي صاحب کي پنهنجو ڪوبه اولاد ڪونه هو، هن وڏي ڀاءَ علي محمد راشديءَ جي وڏي پٽ حسين شاهه راشدي ۽ وڏي نياڻي حسنا بيبيءَ کي گود وٺي پاليو ۽ انهن کي ئي سموري ملڪيت جو وارث بڻايائين. راشدي صاحب ٻه شاديون ڪيون. پهرين گهرواريءَ مان کيس هڪ نياڻي پيدا ٿي جيڪا فوت ٿي وئي وري کيس ڪڏهن به اولاد ڪونه ٿيو. راشدي صاحب جو گهر ۾ سڏجندڙ نالو ”ڏنل شاهه“ هو.

حسام الدين شاهه راشديءَ جي سموري حياتي علم، ادب ۽ سنڌ جي تاريخ سان عشق جو هڪ داستان آهي. هن صاحب علم شخص ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ چڱو ناماچار پيدا ڪيو.

حوالا[سنواريو]

  • ڪتاب، ”منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني“ ليکڪ: جي ايم سيد
  • رسالو، ”سنڌ رويو“ ڪراچي