مواد ڏانھن هلو

گوادر جي خريداري

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گوادر جي خريداري

گوادر جي علائقي جو سیٽيلائٽ جي مدد سان ورتل تصویر
قسم زمين جي خريداري
لکجڻ جي تاريخ 8 سيپٽمبر، 1958ع
مقام مسقط، عمان
عمل ۾ آيو 8 ڊسمبر، 1958ع
شرط
  • گوادر جي ماڻھن کي پاڪستاني شھريت ڏيڻ
  • گوادر جي تيل جي آمدني مان 1 سيڪڙو حصو ڏيڻ
  • گوادر مان عمان جي فوج لاءِ ماڻھو ڀرتي ڪرڻ
مذاڪرات ڪندڙ
  • فيروز خان نون
  • سعيد بن تيمور
ڌريون
امانت خانو  گڏيل بادشاھت

گوادر جي خريداري (انگريزي: Gwadar Purchase)، سال 1958ع ۾ سلطنت عمان کان پاڪستان جي حڪومت پاران بلوچستان لڳ گوادر جي علائقي کي خريد ڪرڻ جو نالو آھي. پاڪستان 15،210 چورس ڪلوميٽر (5,870 چورس میل) زمين، لڳ ڀڳ 5.5 ارب روپين (اڄ جی حساب سان 2 ارب آمريڪي ڊالر) جي عيوض حاصل ڪئي. رقم جو گهڻو حصو آغا خان ادا ڪيو ھو. اهو معاهدو پاڪستان جي وزيراعظم، فيروز خان نون ۽ عمان جي سلطان سعيد بن تيمور جي ڪوششن سان ٿيو. پاڪستان 8 سيپٽمبر، 1958ع تي زمين خريد ڪئي ۽ سرڪاري طور تي 8 ڊسمبر، 1958ع تي گوادر جي زمين پاڪستان جو حصو بڻجي ويو.[1][2]

پسمنظر

[سنواريو]

1783ع ۾ قلات جي خان، مير نوري نصير خان بلوچ، مسقط جي شڪست کاڌل سردار تيمور سلطان کي گوادر ڏنو، جتي ان کي قلات جي خان طرفان حڪومت ڪرڻي ھئي. جڏھن تيمور سلطان مسقط ۾ اقتدار جي جنگ کٽي، تنھن باوجود ھن گوادر کي پاڻ وٽ رکيو ۽ عماني انتظاميہ مقامي گورنرن جي ذريعي گوادر تي قبضو برقرار رکيو.[3] 1797ع ۾ سيد سلطان مسقط جو اڳواڻ ٿيو پر ھن بہ گوادر جي مالڪي قلات رياست جي حوالي نہ ڪئي، جنھن سبب سلطان ۽ قلات جي خان وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا. آخرڪار برطانوي حڪومت بہ ان اختلاف ۾ شامل ٿي ۽ گوادر تائين ٽيليگراف لائينون کڻي آئي. انگريزن گوادر جي علائقي کي پنھنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جي گهُر ڪئي، مسقط طرفان اھڙي اجازت ملڻ بعد انگريزن گوادر تي قبضو برقرار رکڻ ۾ مسقط جي مدد ڪئي.[4] 1863ع کان 1879ع تائين گوادر انگريزن جي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ جو مرڪز هئي. انگريزن جون ٻيڙيون هر ٻن هفتن کان پوءِ شهر ۾ اينديون هيون، ۽ ھنن اتي هڪ گڏيل پوسٽ ۽ ٽيليگراف آفيس پڻ قائم ڪئي هئي.[4]

1947ع ۾ پاڪستان جي آزاديءَ وقت گوادر عماني اختيار هيٺ ھو. ان جي باوجود، پاڪستان بلوچستان جي ٻين علائقن جھڙوڪ خاران، مڪران، لسٻيلا ۽ قلات جي رياست کي پاڪستان جي سرحدن ۾ شامل ڪري ورتو، ۽ ھاڻي پاڪستان جي دلچسپي گوادر ۾ وڌڻ شروع ٿي.[5][1] 1954ع ۾ پاڪستان آمريڪا جي جيولوجيڪل سروي جون خدمتون حاصل ڪيون تہ جيئن نئين ٺھيل ملڪ جي ساحلي پٽي جي سروي ڪئي وڃي. سروي ۾ گوادر کي نئين بندرگاھ لاءِ موزون جڳھہ قرار ڏنو ويو.[2]

معاهدو

[سنواريو]

آمريڪا جي جيولوجيڪل سروي جي رڪن ورٿ ڪانڊرڪ، سروي رپورٽ ڄاڻايو تہ گوادر پنهنجي منفرد هيمر هيڊ (مترڪي جھڙي شڪل) واري جزيره نما جي ڪري هڪ گھري پاڻي جي بندرگاهہ لاءِ مناسب جڳھ آھي. ان کان پوءِ پاڪستاني حڪومت عمان جي بادشاھ کي باضابطه درخواست ڪئي ته ھي گوادر کي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان معاملي تي چئن سالن تائين ڳالهيون ھليون.[6]

پاڪستان پاران گوادر جي حصول ۾ دلچسپي جي اظهار کانپوءِ، پاڪستان عمان سان واپاري معاهدي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، پاڪستان ان معاملي ۾ برطانيا حڪومت کان مدد جي درخواست ڪئي. شروعاتي طور پاڪستان جي مدد واري درخواست کي برطانيا رد ڪري ڇڏيو، پر 1958ع ۾ آخر ڪار ڌرين جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرائندڙ طور شامل ٿيو.[4] پاڪستان جي وزيراعظم فيروز خان نون ۽ سندس گهرواري وقار النسا نون 1958ع ۾ عمان جي سلطان سيد بن تيمور سان ڳالهيون ڪيون، ان دوران عمان جي سلطان گوادر کي 5.5 ارب رپين ۾ پاڪستان جي حوالي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ھن رقم جو گهڻو حصو چوٿين آغا خان ادا ڪيو.[1][7]

معاهدي موجب، گوادر ۾ تجارتي طور تي قابل عمل مقدار ۾ تيل دريافت ٿيڻ جي صورت ۾، پاڪستاني حڪومت کي ڪل آمدني جو هڪ حصو سلطان کي ادا ڪرڻو پوندو. گوادر جي رهواسين کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ جڏھن تہ انھن جي عماني شهريت پڻ برقرار رھندي، سلطان جي هٿياربند فوج ۾ گوادر جي رهواسين کي ڀرتي ڪرڻ، فوجي اهلڪارن کي پاڪستاني ٽيڪنيڪل اسڪولن ۾ تربيت حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ، عمان جي باغین کي واپس عمان حوالي ڪرڻ ۽ عمان ڏانھن چانورن جي تجارت کي عام تجارتي قميت ۾ جاري رکڻ.[4]

پاڪستان ڏانهن منتقلي

[سنواريو]

7 سيپٽمبر، 1958ع تي پاڪستان جي وزير اعظم فيروز خان نون ريڊيو پاڪستان تي هيٺيون اعلان ڪيو:

پاڪستان جي حڪومت هڪ پڌرنامو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي تہ گوادر جي بندرگاهہ ۽ ان جي ڏورانهن علائقن جو انتظام جيڪو سال 1784ع کان مسقط ۽ عمان جي سلطان جي قبضي ۾ هو، اڄ مڪمل خودمختياري سان پاڪستان جي قبضي ۾ آهي، گوادر جا ماڻهو پاڪستان جي عوام سان شامل ٿي ويا آهن ۽ سڄو گوادر هاڻي اسلامي جمهوريہ پاڪستان جو حصو بڻجي چڪو آهي. مون کي خبر آهي تہ گوادر ۾ رهندڙن سميت پوري پاڪستان جي عوام ان اعلان کي وڏي خوشي سان ٻڌو آهي. آئون گوادر جي عوام کي پاڪستان جي جمهوريہ ۾ ڀليڪار ڪريان ٿو ۽ انهن کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو تہ انهن کي، بغير ڪنهن مذهب، ذات يا نسل جي تفریق جي، سڀني پاڪستاني شهرين سان برابري جا حق ۽ مراعتون حاصل هونديون. اهي جمهوريت جي شان ۽ خوشحالي ۾ برابر جا شريڪ هوندا، جنهن سان هو هاڻي تعلق رکن ٿا. گوادر جا رهواسي، جن مان اڪثريت جو تعلق بهادر بلوچ برادريءَ سان آهي، جن جا پاڪستان سان ويجها نسلي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان جي رياست سان الحاق سندن سياسي خواهشن جو حقيقي مظهر آهي. آئون هن موقعي تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي طرفان برطانيہ جي راڻي جي حڪومت جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جن جي مدد ۽ تعاون سان عمان ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿيون.[6]

منتقلي کان پوءِ

[سنواريو]

گوادر جي منتقلي بعد، ان کي اولھہ پاڪستان جو حصو بڻايو ويو، ان کي مڪران ضلعي جي تعلقي جي حيثيت ڏني وئي. بعد ۾ 1 جُولاءِ 1977ع تي مڪران کي ڊويزن جي حيثيت ڏئي ان ۾ تربت (اڳوڻو نالو ڪيچ) پنجگور ۽ گوادر ضلعا شامل ڪيا ويا.[8]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 "Who do we thank for Gwadar?". Daily Times. حاصل ڪيل 2022-12-13. 
  2. 2.0 2.1 "Economic & Strategic Significance of Gwadar Port". Daily Times. حاصل ڪيل 2022-12-13. 
  3. "International trade networks: The Omani Enclave of Gwadar. - Conference on German and International Research on Oman, Bonn 1998: abstracts". www.oman.org. حاصل ڪيل 23 July 2024. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 "Unravelling Gwadar town". وقت 2013-09-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2022-12-13. 
  5. "How Balochistan became a part of Pakistan – a historical perspective". The Nation. حاصل ڪيل 2022-12-13. 
  6. 6.0 6.1 Rafaqat, Hussain. "Gwadar in Historical Perspective". MUSLIM Institute. https://www.muslim-institute.org/newsletter-op-gwadar.pdf. 
  7. "Another contribution of Aga Khan". The Nation. حاصل ڪيل 2022-12-13. 
  8. "BHC :: Gawadar > History of District". bhc.gov.pk. حاصل ڪيل 2022-12-13.