وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/جيوگرافي ۽ جڳهون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌ جي تاريخ.

ھڪ قوم کي تھذيبي يافتہ قوم تڏھن چيو ويندو آھي جڏھن اھا قوم انسانن جي خوشحالي، آسودگي ۽ خيرخيريت (Welfare of the people) لاء ڪم ڪري، انھن لاء وڏي تعداد ۾ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري، ڳوٺ ۽ شھر تعمير ڪري، تجارت قائم ڪري، مذھب تي ايمان رکي، مضبوط حڪومتي نظام قائم ڪري، آرٽ ۽ ڪلچر کي وڌائي ۽ تعليم ۽ علم لاء راھ ھموار ڪري. اگر ھي سڀ عنصر جنھن قوم ۾ موجود ھوندا اھا قوم تھذيبي يافتہ قوم سڏبي. سڀ کان پھريان اسين نظر وجھنداسين دنيا ۾ انڊس ويلي سولائيزيشن (Indus valley Civilization) جي نقشي تي. پاڪستان جو ٽوٽل نقشو قديمي سنڌ يعني انڊس سولائيزيشن سان تمام مشابھت رکي ٿو. انڊس ويلي سولائيزيشن ۾ موجودہ دؤر جو ڪشمير، پنجاپ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ سنڌ شامل ھيا. يعني پورو اڄ جو پاڪستان. سنڌ جي تاريخ اٺ ھزار سال پراڻي آھي. جنھن جو شمار ميسوپوٽاميا (Mesopotamia) ۽ مصر (Egypt) سان گڏ دنيا جي ٽن شروعاتي تھذيبن ۾ ٿئي ٿو. سر جان مارشل (Sir, John Marshal) 1920 ۾ موئن جو دڙو ۽ ھڙاپہ جي کوٽائي سان ان ڳالھ کي ثابت ڪيو. وادي سنڌ ۾ وھندڙ وڏو درياء سنڌ ان تھذيب جو سڀ کان وڏو بنياد آھي. موئن جو دڙو ۽ ھڙاپہ کان بہ وڌيڪ قديمي آثار سنڌ جي تھذيب ۾ لڌا ويا آھن. اٺ ھزار سال قبل مسيح ۾ بلوچستان جي شھر مھرڳڙھ (Mahargarh) کان سنڌ جا ابتدائي آثار مليا ۽ اتان جي ماڻھن ئي انڊس ويلي سولائيزيشن کي بلند ڪيو. اڄ کان 3000 سال ق.م ۾ موئن جو دڙو ۽ ھڙاپہ جھڙا شھر آباد ڪيائون. جيڪي ان تھذيب جا مرڪز رھيا. دنيا جو پھريون انقلاب زرعي انقلاب ھيو. جيڪو سنڌ کان شروع ٿيو. جڏھن انسانن جنگلن کان نڪري ڳوٺ ۽ شھر ٺاھڻ شروع ڪيا تہ ان جو آغاز بہ سنڌ کان شروع ٿيو. 1500 سال ق.م ۾ ھن خطي ۾ آريان (Arayans) آيا ۽ اھي پنھنجي زبان ۾ درياء کي سنڌو سڏيندا ھئا. ان لاء آريان ھن تھذيب کي سنڌ جو نالو ڏنو. 1000 سال ق.م تائين ھن تھذيب جو مذھب ٻڌزم (Budhism) ھو. جنھن جا آثار اڄ بہ ٽيڪسيلا (Taxila) ۽ گندارا (Gandhara) ۾ موجود آھن. ان کان پوءِ ھن تھذيب جو مذھب ھندوزم (Hinduism) ۾ تبديل ٿئي ويو. ھندن جي طويل ۽ تاريخي نظم "مھاڀارت" ۾ بہ سنڌ جو ذڪر موجود آھي. 600 سال ق.م سنڌ ۾ پھرئين ايراني سلطنت داخل ٿئي. ۽ عظيم سائرس (Cyrus) بادشاھ سنڌ فتح ڪئي. ھن خطي ۾ ھندن جي اڪثريت ھجڻ جي ڪري ايرانين سنڌ کي ھند جي نالي سان سڏڻ شروع ڪيو. ۽ ھي ان تھذيب کي ڏنو ويندڙ ٻيو نالو ھيو. ايرانين کان بعد يورپ کان يوناني آيا ۽ 400 ق.م ۾ سڪندر اعظم (Alexander) سنڌ کي پنھنجي قبضي ۾ ڪيو. يورپين ھند کي اند (Indh) جي نالي سان سڏڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ انڊس (Indus) لفظ استعمال ٿيو. ۽ لفظ انڊيا بہ انڊس کان ورتل آھي. انڊس ھن تھذيب کي مليل ٽيون نالو ھيو. تقريباً 300 ق.م ۾ چندر گپت موريا (Chandra Gupt Maurya) انڊس ويلي سولائيزيشن ۾ آيو. يورپين جو قبضو اڌ سنڌ تي ھو ۽ ان کان اڳئين علائقن تي موريا (Maurya) سلطنت قائم ھئي انھن پنھنجي تھذيب کي ھند جي نالي سان سڏڻ شروع ڪيو. جيڪو سنڌ جو ٻيو نالو ھيو. ان طرح تاريخ ۾ ھند ۽ سنڌ ھڪ تھذيب جي باوجود بہ الڳ الڳ ٿيون. بعد ۾ جڏھن موريا سلطنت پنھنجي عروج تي پھتي تہ چندر گپت موريا يونانين کي شڪست ڏئي سنڌ کي پنھنجي قبضي ۾ ڪيو. چندر گپت موريا کان بعد مھاراجا اشوڪ (Asoka) بہ سنڌ تي حڪمراني ڪئي. مورين جي 100 سالن جي حڪومت کان بعد افغانين (Greek O Bactrian) سنڌ تي حڪومت قائم ڪئي. ان دؤر ۾ ٻڌھزم کي ٻيھر ڦھلجڻ جو رستو مليو ۽ روھڙي جي جڳھ تي انھن جا آثار بہ موجود آھن. پھرئين صدي عيسويءَ ۾ سيٿين (Scytia) ٿوري وقت لاءِ سنڌ تي سلطنت قائم ڪئي ۽ ان کان بعد ڪوشن (Kushan) سلطنت سنڌ ۾ داخل ٿئي۽ ان سلطنت جا آثار اڄ بہ کاھون جو دڙو (Kahu Jo daro) ميرپور خاص ۾ موجود آھن. ٽئين صدي عيسويءَ ۾ سيسينڊ (Sassaynd) سلطنت تي حڪمراني ڪئي. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ تي قبضو گپتا (Gupta) سلطنت جو رھيو. پنجين صدي عيسويءَ ۾ راء (Rai) خاندان ۽ ڇھين صدي عيسويءَ ۾ برھمڻ (Brahman) سنڌ تي حڪومت قائم ڪئي. راجا ڏاهر بہ برھمڻ حڪومت جو حصو رھيو. ستين صدي عيسويءَ ۾ عرب ۾ اسلامي انقلاب آيو. بنو اميہ جي دؤر ۾ ڪجھ باغي گروھ ھيا، جن کي برھمڻن پناھ ڏني. ان تنازعي جي ڪري اميوين (Ummayads) ۽ برھمڻن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي. سنڌ جي ساحلي پٽي تي ڪجھ سامونڊي ڌاڙيلن (Pirates) عربي قافلن جي ڦرلٽ شروع ڪئي. جنھن جو الزام بنو اميہ وارن برھمڻن تي لڳايو. ان کان پوءِ حجاج بن يوسف پنھنجي جوان ڀائيٽي محمد قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ عرب کان وڏي فوج سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪلي. اروڙ (روھڙي) جي مقام تي راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ جنگ لڳي ۽ محمد بن قاسم کي فتح حاصل ٿي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ اسلامي سلطنت جو آغاز ٿيو. عبدالله شاه غازي پھريون صوفي بزرگ هو جيڪو ان دؤر ۾ سنڌ آيو.