حسن علي آفندي

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ناميارو تعليمدان، سياستدان، حسن علي آفندي 1830ع ڌاري، حيدرآباد جي مشهور آخوند ميمڻ گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو محمد احسان هو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، نوشهري فيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جو ڪلرڪ مقرر ٿيو. اتي هڪ ٻئي ڪلارڪ کان انگريزي تعليم حاصل ڪري، وڪالت جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيو. ان کان پوءِ پهرين حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ وڪالت جي پرئڪٽس شروع ڪيائين. ان وقت سنڌ ۾ انگريزن جو نئون نئون دؤر هو. پراڻي نظام جي جاءِ تي هڪ نئون نظام متعارف ٿي رهيو هو. سندس پٽ علي احمد ۽ اڪبر وڏا ٿيا ته کين عليڳڙهه ڪاليج ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ اتي وٺي ويو، جتي سندس ملاقات سر سيد احمد خان سان ٿي. ٻنهي جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان ملاقات جي ئي اثر هيٺ، حسن علي آفنديءَ 1885ع ۾ ”نئشنل محمدن ائسوسيئيشن“ جي قائم ڪيل بورڊ تحت ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جو بنياد وڌو. ائسوسيئيشن جو بنيادي مقصد، سرڪاري ادارن ۾ مسلمانن جي مناسب نمائندگي حاصل ڪرڻ هو. ائسوسيئيشن جو مڪمل انتظام حسن علي آفنديءَ جي حوالي هو. سندس محنتن سان ائسوسيئيشن، مختلف پليٽ فارمن تان مسلمانن جي حقن جي حاصلات جو هڪ مؤثر وسيلو بڻجي وئي. ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جي عمارت تعمير ڪرڻ لاءِ هن سر سيد احمد خان جي نقشِ قدم تي هلندي، پوري هندستان جو دورو ڪري، چندو گڏ ڪيو ۽ هيءُ مدرسو مستحڪم بنيادن تي ترقي ڪندو رهيو. هن مدرسي مان مشهور هستين، قائداعظم محمد علي جناح، سر شاهنواز ڀُٽي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ ٻين تعليم پرائي.
حسن علي آفندي، نه صرف تعليمي ميدان ۾ پاڻ پتوڙيو، پر هن ميونسپل ڪائونسلر بمبئي، اسيمبلي ميمبر ۽ نئشنل محمدن ائسوسيئيشن جي صدر جي حيثيت سان پڻ، مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪئي. سندس اعليٰ انساني خدمتن جي مڃتا طور، کيس ”خانبهادر“ جو خطاب مليو. ترڪيءَ ۽ روس جي جنگ دوران، پوري هندستان مان چندو گڏ ڪري، ترڪيءَ جي مدد ڪرڻ سبب کيس ترڪيءَ طرفان ”ترڪي قونصل“ جو اعزاز ڏنو ويو. ترڪيءَ جي سلطان طرفان ”تمغه مجديي“ ۽ 1889 ۾ ”اَفندي“ جو لقب پڻ مليس. 1895ع ڌاري سندس وفات ٿي.[1]