اروڙ ونسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اروڙ ونسي ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ موجب سنڌ جي راءِ گهراڻي ۽ براهمڻ گهراڻي وارن راجائن جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ (الور) هو، جو هن وقت هڪ ڳوٺڙو، روهڙيءَ کان اڍائي ڪوھ پري، زبون حالت ۾ آهي. 711ع ۾ عربن جي ڪاھ وقت اتي ڀاڄڙ پيئي، پوءِ ٿورو آباد ٿيو، تہ زلزلي سبب اتان ماڻهو ڀڳا. سندن نسل وارن مان گهڻا اڄ تائين بهاولپور ۽ ان جي پريان سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ۽ پنجاب جي پنجن ئي ندين جي ٻنهي ڪنارن تي، پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا آهن. انهيءَ مان ائين سمجهجي ٿو تہ الور ۾ جڏهن لڏ پلاڻ ٿي تڏهن اتان جا ڪيترائي رهاڪو، ٻيڙين ۾ چڙهي نڪتا، پوءِ جن کي جتي بهتر لڳو ڪنارن تي آباد ٿيا، هن وقت تائين اهي وڌي ويجهي اٽڪل پندرهن لک ٿيا آهن. منجهائن گهڻا گروءَ جا سک، ۽ ٿورا آريا سماجي، برهمو سماجي ۽ ديو سماجي آهن، پر سڀ اڄ تائين پاڻ کي ”اروڙونسي“ يعني اروڙ جي رهاڪن جو اولاد سڏائين ٿا. ڪي راجپوتانا ويا، ڪي سنڌ ڏي موٽيا ۽ شڪارپور کان قلات طرف ويا. وڌيڪ حقيقتن لاءِ ڏسو ”تواريخ اروڙنسي“، اردو ٻوليءَ ۾ لکيل، شربيت لالا رامچند وڪيل، لاهور ۽ مهتہ ٽيڪچند بجاج وڪيل، چيف ڪورٽ ملتان جي اهي ٻئي صاحب پاڻ به اروڙ ونسي آهن.

اروڙونسين جون ڪل 458 نکون ڄاڻايون اٿن، جن مان ڪن ٿورين جو ذڪر ڪجي ٿو.

′′′اروڙونسين جون نکون′′′: قديم سنڌ ۾ عام طرح نک جي نالي پٺيان ”جا“ لفظ گڏيندا هئا، جنهن جي سنسڪرت ۾ معنيٰ آهي ”جاتي، نسل، اولاد“ مثلا ”جاڙيجا“ معنيٰ ”جاڙي جو اولاد“ اهڙا ٻيا مثال بنيجا، تلريجا، پهوجا، جسوجا، ڪڪڙيجا، ماکيجا ۽ هندوجا آهن. ”ڌميجا (ڌميچا، ڌاميچا) ۽ ”وليجا“ (وليڇا) نالن ۾ ”ج“ جو اچار مٽجي ”چ“ ۽ ”ڇ“ ٿيو آهي.

سنڌ ۾ جوڻيجا، جهيجا، چنيجا، ڏيپارجا (ڏيپارچا)، سنڌوجا، ناريجا وغيره ذاتين وارا مسلمان آهن، پر اهي اصل ۾ هندو هئا، ۽ اهي سندن نکن جا نالا هئا. ڪي هندو پنهنجن نکن جي نالن پٺيان ”آڻي“ گڏيندا هئا. مثلا اجماڻي (جماڻي) بٽاڻي، ڀيٽاڻي، ڀڳتياڻي، گرسياڻي ۽ هريراڻي. ڪي هندو پنهنجي نکن پٺيان ”پال“ لفظ گڏيندا هئا. مثلا راجپال، ڪاٺپال، کترپال ۽ ناگپال. ڪن حالتن ۾ ”پال“ مان ”پ“ اکر نڪري ويو آهي. جنهن ڪري باقي ”آل“ جو اچار بچيو آهي. جهڙوڪ ٺڪرال ۽ منجال. اروڙ ونسين جي ٻين نکن جا نالا بجاج، سچديو، ناگديو، واسديو، منچنديا وغيره آهن. مطلب ته سنڌ جي جن آڪهين بابت چئون ٿا تہ ٻاهران آيون آهن، سي اصل سنڌ جون هيون، جي موٽي سنڌ ۾ آيون آهن، ۽ ڪيتريون آڪهيون اڃا پنجاب ۽ ٻين هنڌن آهن، تہ بہ ”اروڙونسي“ سڏجن ٿيون.[1]

حوالا[سنواريو]