عبدالقادر جيلاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
شيخ عبدالقادر الجيلاني [1]
بغداد ۾ شيخ عبدالقادر جيلاني رح جو مقبرو
عبدالقادر الجيلاني خطاطي نالو
مڪمل نالو السيد محي الدين ابو محمد عبدالقادر الجيلاني الحسني و الحسيني
پيدائش 1 رمضان ۴۷۰ ھ [2] يا مارچ 18, 1078ء[3] (1077)[4]
فقه حنبلي[5][6]
وفات 8 ربيع الاول ۵۶۱ ھ
جنوري 12، 1166ء[7][8]
جاء پيدائش گيلان, طبرستان, فارس (پرشيا)[9]
جاء تدفين روضه عبدالقادر، بغداد، عراق
پيءُ ابو صالح موسيٰ الحسني
ماءُ اُم الخير فاطمه
•• زالن جا نالا••
1. مدينه 2. صادقه 3. مومنه. 4. محبوبه
پٽن جا نالا 1. سيف الدين 2. شرف الدين 4. ابو بڪر 5. سراج الدین 6. يحييٰ 7.موسيٰ 8. محمد 9. ابراهيم 10. عبد اللہ 11.عبدالوهاب. 12. ابو ناصر موسيٰ
خاندان سيد
ٻيا لقبَ
  • ثموت الثقلين
  • باز اشھب
  • جنگي دوست
  • ابو محمد
  • الغوث الاعظم
  • سلطان الاولياء
  • بازاللہ

عبدالقادر جيلاني (انگريزي: Abdul Qader Jilani ) جنهن کي ان جا ساراهيندڙ محي الدين، شيخ عبدالقادر جيلاني جي نالن سان به سڏين ٿا. هڪ سُني حنبلي طريقي ۾ لاثري عقيدي جو صوفي شيخ ۽ صوفين جي قادري سلسلي جو باني آهي[10]۔

پيدائش[سنواريو]

1077ع ۾ فارس جي ڪيسپئن واري علائقي پيدا ٿيو[4] سندس ولادت ۲۹ شعبان ۴۷۰ ھ لڳ ڀڳ 1077ع ۾ موجود ايران جي صوبي گيلان جي ضلعي گيلان غرب جي شھر نائف ۾ ٿي[11].سندس پيدائش جي تاريخ ، مھيني ۽ سال تي اڃا پڪ ناھي ٿي. ڪجھ ماخذن مطابق 1077[10] ۽ ڪجھ مطابق 1078 ۾ پيدا ٿيو.[حوالو گھربل]

نالو ۽ خاندان[سنواريو]

سندس نالو سيد عبدالقادر ھيو. گيلان سان تعلق ھجڻ ڪري کيس گيلاني چوندا آهن. گيلان کي وري عربي ۾ جيلان سڏيو ويندو آهي جنھن ڪري عربي ۾ کيس جيلاني سڏين ٿا[12][13]. کيس دين کي زندہ ڪرڻ واري خدمت جي سلي ۾ محي الدين جو لقب ڏنو ويو[14] سندس بغداد ۾ مزار ھجڻ جي ڪري کيس بغدادي پڻ سڏيو ويندو آھي.[15][16][17] پاڻ سيد گھراڻي سان تعلق رکندڙ ھيو. ھن جو والدين جي پاسي کان شجرو حسن ۽ حسين سان ملڻ جي ڪري کيس الحسني والحسيني پڻ سڏيندا آهن[18][19] [20][21][22] ڏکڻ ايشيا جا ماڻھو کيس پيران پير ۽ دستگير پڻ سڏيندا آهن. سندس شجرو سيد ابو صالح موسي جنگي دوست بن عبد اللہ الجيلي بن يحيٰ زاهد بن محمد مورث بن داؤد بن موسي ثاني بن موسي الجون بن عبد اللہ ثاني بن عبداللہ المحض بن حسن المثنيٰ بن امام حسن بن علي سان ملي ٿو۔[23] ماءٌ جي پاسي کان سندس شجرو حسين سان ملي ٿو. ننڍپڻ ۾ پيءُ جي وفات کان پوء سندس پرورش ماءٌ ۽ ناني (ماءٌ جو پيءُ) ڪئي.

تعليم[سنواريو]

ھن ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ 1095ع ۾ ارڙھن سالن جي عمر ۾ ھي حنبلي فقه سکڻ لاء بغداد روانو ٿيو[24]. ننڍڙي عمر ۾ بغداد حنبلي فقه ۽ دينيات پڙھڻ لاء آيو جتي صوفي استادن جي تعليم کان متاثر ٿيو[4]. بغداد ۾ ابو سعيد مبارڪ مخزومي ۽ ابن عقيل سندس استاد ھيا.[25]. ابو محمد جعفر السراج کيس حديث جو علم سيکاريو. سندس روحاني استاد ابوالخير حماد ابن مسلم الداباس ھيو. [26]

عبادت ۽ خدمتون[سنواريو]

ذھد ۾ دنيا تياڳ ڪري کوڙ سال عراق جي رڻپٽ ۾ اڪيلائي ۾ گذاريائين ۽ پوءِ بغداد موٽي اچي عالم ۽ مشھور مبلغ بڻيو ۽ مريدن جو ھڪ وڏو تعداد ھن جي عقيدتمندن ۾ شامل ٿيو جن ۾ کوڙ عيسائي ۽ يھودي پڻ شامل ھيا جيڪي مسلمان ٿي ويا[4]. ھن تعليم پوري ڪري 25 سال عراق جي بيابان ۾ عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريا.[27]. 11 1127 ۾ واپس بغداد موٽي تبليغ شروع ڪيائين[28]. پنھنجي استاد المخزومي جي مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ شاگردن ۾ ھردلعزيز ٿي ويو. صبح جي وقت حديث ۽ تفسير پڙهائيندو ھو ۽ منجھند بعد اندر اجارڻ ۽ قرآن جي فضائلن تي درس ڏيندو هيو[28]. ھن جي مصروفيت جو مرڪز ھن جو مدرسو ھيو جتي ھي دين جو علم سيکاريندو هو ۽ بطور مفتي پڻ ڪم ڪندو هو. ھن پنھنجي خطبن ۾ غريبن ۽ محتاجن جي مدد جي تلقين ڪئي ۽ اسلامي فقھي تقاضائن کي روحانيت جي مطابقت ۾ آڻڻ جو درس ڏنو[4].سندس تعلق حنبلي فقه سان ھو.

وفات[سنواريو]

1166ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس سندس مدرسي ۾ دفن ڪيو ويو جيڪو ھڪ پاڪ زيارت گاھ بڻجي ويو[4].

سندس بغداد ۾ مزار ۽ مسجد جي 1925 ۾ نڪتل تصوير

پاڻ 21 فيبروري 1166 ۾ اڱاري ڏينهن، ۱۱ ربيع الثاني ۵۶۱ ھ ۾ شام جي وقت 91 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. کيس بغداد ۾ باب الشيخ رسافا لڳ دجله جي ڪناري پنھنجي مدرسي ۾ دفن ڪيو ويو.[29][30][31] صفوي گھراڻي جي بادشاھ شاھ اسماعيل پھرين جي دؤر ۾ ھن بزرگ جي مزار ڊاٿي وئي[32]. 1535 ۾ سلطان سليمان اعظم ھن جي مزار ٺھرائي جيڪا اڄ تائين پڻ موجود آهي.[33]

عرس[سنواريو]

ھن جو جنم ڏينھن پھرين رمضان تي ۽ عرس يا ورسي ۱۱ ربيع الثاني تي ملھائي ويندي آهي جنھن کي ڏکڻ ايشيا ۾ سندس عقيدتمند يارنهين شريف سڏي ملھائيندا آهن.[34]

قادري سلسلو[سنواريو]

سندس وفات بعد ان جي مريدن سندس معجزن جون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون پکيڙيون جنھن سان جي وفات کان پوء ھڪ صدي اندر ھي اسلامي دنيا جي ھڪ تمام وڏي صوفي طور سڃاڻجڻ لڳو[4] ۽ صوفين جي قادري سلسلي جو باني ٿي ويو جنھن جون شاخون وچ اوڀر، آفريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ انڊونيشيا تائين ڦهليل آھن[4].

حوالا[سنواريو]

  1. www.al-baz.com, www.al-baz.com. "Titles". www.al-baz.com. 
  2. "Birth Date". 
  3. "Birth Hijri and Gregorian Year". 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 4.6 4.7 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages #54 ,
  5. John Renard, The A to Z of Sufism. p 142. ISBN 081086343X
  6. Juan Eduardo Campo, Encyclopedia of Islam, p. 288. ISBN 1438126964
  7. Shad, Abdur Rahman. Ali Al-Murtaza. Kazi Publications; 1978 1st Edition. Mohiyuddin, Dr. Ata. Ali The Superman. Sh. Muhammad Ashraf Publishers; 1980 1st Edition. Lalljee, Yousuf N. Ali The Magnificent. Ansariyan Publications; Jan 1981 1st Edition.
  8. "Hijri Date". 
  9. "Birth Place". 
  10. 10.0 10.1 [Encyclopedia of Islam Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor; Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001--page no:4]
  11. Britannica|693|'Abd al-Qadir al -Jilani
  12. Encyclopaedia of religion and ethics: volume 1. (A – Art). Part 1. (A – Algonquins) pg 10. Hastings, James and Selbie, John A. Adamant Media corporation. (2001), "and he was probably of Persian origin."
  13. The Sufi orders in Islam, 2nd edition, pg 32. Triingham, J. Spencer and Voll, John O. Oxford University Press US, (1998), "The Hanafi Qadirriya is also included since 'Abd al-Qadir, of Persian origin was contemporary of the other two."
  14. Mihr-e-munīr: biography of Hadrat Syed Pīr Meher Alī Shāh pg 21, Muhammad Fādil Khān, Faid Ahmad. Sajjadah Nashinan of Golra Sharif, Islamabad (1998).
  15. Devotional Islam and politics in British India: Ahmad Riza Khan Barelwi and his movement, 1870–1920, pg 144, Sanyal, Usha Oxford University Press US, 19 August 1999. ISBN 0-19-564862-5 ISBN 978-0-19-564862-1.
  16. Cultural and religious heritage of India: Islam pg 321. Sharma, Suresh K. (2004)
  17. Indo-iranica pg 7. The Iran Society, Calcutta, India. (1985).
  18. Historical and political who's who of Afghanistan. p 177. Adamec, Ludwig W. (1975)
  19. Qādrī, Muḥammad Riyāz̤ (2000-01-01) (en ۾). The Sultan of the Saints: Mystical Life and Teaching of Shaikh Syed Abdul Qadir Jilani. Abbasi Pablications. p. 19. ISBN 9789698510169. https://books.google.com/books?id=VezXAAAAMAAJ. 
  20. "Sulook organisation website." (PDF). وقت 2011-07-28 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-02-19.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  21. Mihr-e-munīr: biography of Hadrat Syed Pīr Meher Alī Shāh pg 27, Khān, Muhammad Fādil and Ahmad, Faid. Sajjadah Nashinan of Golra Sharif, Islamabad. (1997)
  22. Encyclopaedia of Sufism, volume 1, Kahn, Masood Ali and Ram, S.
  23. جلاء الخاطر ،مؤلف:سيد شيخ عبد الكريم الڪسنزان
  24. Campo, Juan Eduardo (2009-01-01) (en ۾). Encyclopedia of Islam. Infobase Publishing. p. 4. ISBN 9781438126968. https://books.google.com/?id=OZbyz_Hr-eIC&printsec=frontcover&dq=isbn:1438126964#v=onepage&q&f=false. 
  25. Gibb, H.A.R.; Kramers, J.H.; Levi-Provencal, E.; Schacht, J. (1986) [1st. pub. 1960]. Encyclopaedia of Islam (New Edition). Volume I (A-B). Leiden, Netherlands: Brill. p. 69. ISBN 978-9004081147. 
  26. Malise Ruthven, Islam in the World, p 243. ISBN 0195305035
  27. Esposito J. L. The Oxford dictionary of Islam. p160. ISBN 0199757267
  28. 28.0 28.1 'Abd al-Qadir al-Jilani تي انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا
  29. Al-Ghunya li-talibi tariq al-haqq wa al-din (Sufficient provision for seekers of the path of truth and religion), parts one and two in Arabic, Al-Qadir, Abd and Al-Gilani. Dar Al-Hurya, Baghdad, Iraq, (1988).
  30. Al-Ghunya li-talibi tariq al-haqq wa al-din (Sufficient provision for seekers of the path of truth and religion) with introduction by Al-Kilani, Majid Irsan. Al-Kilani, Majid, al-Tariqat, 'Ursan, and al-Qadiriyah, Nash'at
  31. "The Qadirya Mausoleum" (PDF). 
  32. A.A. Duri, Baghdad, The Encyclopaedia of Islam, Vol. I, 903.
  33. W. Braune, Abd al-Kadir al-Djilani, The Encyclopaedia of Islam, Vol. I, 70.
  34. "Ghousia".