وڪيپيڊيا:بهترين مضمون
ميڊن ٽاور (باڪو) (ڪنواري ٽاور (باڪو) , ڪنواري منارو (باڪو) ڪنواري ٽاور (آذربائیجاني:(Qız qalası) باڪو جي پُراڻي شهر، آذربائيجان ۾ ٻارنهين صدي جي يادگار آهي. 15هين صدي عيسوي جي شيرواشانهس جو محل سان گڏ، اهو 2001 ۾ يونيسڪو عالمي ورثو تاريخي يادگارن جي فهرست هيٺ درج ثقافتي ملڪيت زمرو ٽيون جي تحت تاريخي يادگارن (ماڳن) جو هڪ گروهه ٺاهي ٿو. اهو آذربائيجان جو سڀ کان وڌيڪ مخصوص قومي نشان آهي، ۽ انهيءَ ريت آذري ڪرنسي نوٽ ۽ سرڪاري ليٽرهيڊس تي نمايان طور ظاهر ڪيل آهي. ڪنواري ٽاور يا دي ميڊن ٽاور ۾ هڪ ميوزيم گهر رکيو ويو آهي، جيڪو باڪو شهر جي تاريخي ارتقا جي ڪهاڻي پيش ڪري ٿو. ان ۾ تحفو وٺڻ وارو دڪان (گفٽ شاپ) پڻ شامل آهي. ڇِت جو نظارو پُراڻو اڇري شهر، بوليوارڊ، ڊي گُلي هائوس، ۽ باڪو بي جي مُنارن ۽ سوڙهي گهٽين جو ويڪرو نظارو ڏيکاري ٿو. ٿرسو اسڪاٽلينڊ جو هڪ ننڍڙو شهر آهي جيڪو ايڊنبرا کان 295 ڪلوميٽر ۽ لنڊن کان 818 ڪلوميٽر پري آباد آهي. هيءُ برطانيا ۽ اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان اتريون شهر آهي[1]. مقامي ٻوليءَ ۾ هن شهر کي ”ٿرسا“ ڪوٺيو وڃي ٿو[2]. هيءُ اسڪاٽلينڊ جي هائيلينڊ ڪائونسل واري علائقي ۾ اترئين سامونڊي ڪناري تي آباد آهي. هتي اسڪاٽلينڊ جا ٻه روڊ A9 ۽ A836 پاڻ ۾ اچي ملن ٿا جيڪي هن شهر کي اوله ۾ فورس (Forss) ۽ اوڀر ۾ ڪيسل ٽائون (Castletown) سان ملائين ٿا. 55 ڪلوميٽر ڊگهي ٿرسو ندي (Thurso River) هن شهر جي وچان گذري ٿي. 2018ع جي انگن اکرن موجب، هتان جي آدمشماري 7490 آهي[3]. اوڻويهين صديءَ تائين هن هنڌ کي هڪ اهم بندرگاه جي حيثيت حاصل هئي ۽ هتان اتر يورپ جي ملڪن سان ڪاروبار هلندو هو. ٿرسو ماهيگيري، سوٽي ڪپڙو ٺاهڻ ۽ چمڙي رڱڻ جي صنعت ۾ ڪافي مشهور هو. افغانستان ۾ سوويت ويڙهه يا روسي ويڙهه 9 سال تائين وِڙهي وئي. ان جي شروعات ڊسمبر 1979۾ ٿي جڏهن تہ ان جي پُڄاڻي فيبروري 1989 ۾ ٿي هُئي. اِن لڙائيءَ ۾ هڪ پاسي ته افغان فوج جي نالي تي روسي فوج وِڙهي رهيئ هئي ته ٻئي پاسي وري سموري دُنيا جا مجاهدين روس جي خلاف جنگ جي ميدان تي لَٿل هيا. آمريڪا ۽ روس جي وچ۾ سرد جنگ جي ڪارَڻِ امريڪا اِن جنگِ ۾ سامهون ٿي ڪُڏي نه پئي پوڻ چاهيو هيو پَرامريڪي سي آءِ اي ۽ پاڪستاني آءِ ايس آءِ کُليل طور مجاهدين جي تربيت ۽ هر طرح سان سهائتا ڪئي. برطانيا، آمريڪا، سعودي عرب ،پاڪستان ۽ ٻين ملڪن روس جي خلاف اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ اهي ڏوڪڙ مجاهدين ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن کي ڏنا ويا. پاڪستان پڻ اُن جنگ ۾ حصو ورتو ۽ پاڪستان منجهان هزارين مجاهدين روس جي خلاف وِڙهڻ لاءِ افغانستان ويا هيا.
ايشيگ آذربائيجاني ٻوليءَ ۾ عورتن جي پهرين ڇپائي هئي. اخبار جو پهريون شمارو 22 جنوري 1911ع تي ڇپيو ۽ ان جي ڇپائي 1912ع جي پڇاڙيءَ تائين جاري رهي، جنهن دوران ايشيق جا 68 شمارا جاري ٿيا.ايشگ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڇنڇر تي ڇپجندو هو، جنھن ۾ سائنسي-تعليمي، ادبي، طبي ۽ گهريلو موضوعن کي شامل ڪيو ويندو هو. ٻارن جي پرورش، ساھتيہ، دوائن ۽ گهر اڏاوت سان گڏ، هن ۾ قانون، ثقافت، مذهبي قاعدن ۽ دنيا جي سماچار سان لاڳاپيل مختلف ڀاڱا پڻ شامل هئا. ميگزين جي پوش تي، هڪ نوجوان عورت جي تصوير هئي جنهن کي مٿو ڍڪيل ھو، جيڪا هڪ ٻار جو هٿ پڪڙي بيٺل ۽ اڀرندڙ سج ڏانهن اشارو ڪندي ڏيکاريل ھجي ٿي، جنھن مان روشني نڪري ھئي (اخبار جي عنوان جو حوالو: آذربائيجان ۾، "ايشيق" جو مطلب آهي "روشني").اخبار جو بنيادي مقصد عورتن کي وديا ڏيڻ ۽ انهن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ هو. انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو يا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ ڏنو. پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي. يادگارِ پاڪستان ھڪ قومي يادگار آھي، جيڪو اسلام آباد ۾ شڪرپڙيان جبلن ۾ واقع آھي. ھي يادگار پاڪستان جي ماڻھن جي ٻڌي ۽ ايڪي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٺاھيو ويو. ھي يادگار انھن پاڪستانين جي نالي ڪيو ويو جن پنھنجو حال مستقبل لاءِ قربان ڪيو. ھن يادگار ۾ چار گلن جي پنکڙين وانگر ٺھيل منارا پاڪستان جي چار وڏين ثقافتن، پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پختون کي ظاھر ڪن ٿا. ٽي ننڍا منارا، اقليتي، آزاد ڪشمير، ۽ گلگت بلتستان جي ثقافتن کي اجاگر ڪن ٿا. ھي يادگار ھڪ سياحتي مرڪز آھي جيڪو اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان پڻ نظر ايندو آھي. قومي يادگار ٺھرائڻ جو خيال پھرين دفعي حڪومت پاڪستان پيش ڪيو، جنھن جي معاونت ممتاز مفتي جي پٽ عڪسي مفتي ڪئي. اگرتلا سازش ڪيس پاڪستان ۾ ھڪ بغاوت جي ڪيس جو نالو آھي، جيڪو ايوب خان جي دور ۾ حڪومتِ پاڪستان عوامي ليگ جي سربراهہ شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ٻين 34 ماڻھن مٿان داخل ڪيو ھو. ھن ڪيس ۾ شيخ مجيب الرحمٰن ۽ ٻين مٿان ھندوستان سان ملي پاڪستان جي سالميت خلاف سازش ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو. حڪومتي موقف مطابق ھي سازش ھندوستان جي شھر اگرتلا ۾ رٿي وئي، ان لاءِ عام طور تي ھن کي اگرتلا سازش ڪيس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ھن ڪيس لاءِ پاڪستان جي تعزيري ضابطن ۾ ترميم ڪئي وئي جيئن فريادي کي فائدو پهچي سگهي. ھن مقدمي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بغاوت ايوب خان جي حڪومت جي خاتمي ۾ هڪ اهم ڪارڻ بڻي. ھن مقدمي کي بنگلاديش جي آزاديءَ جي جنگ جي اهم واقعن ۾ بہ ڳڻيو وڃي ٿو. گوادر جي خريداري جو عمل 8 سيپٽمبر، 1958ع تي مڪمل ٿيو، ان کان اڳ گوادر عمان جو حصو ھو. ھي علائقو 15،210 چورس ڪلوميٽر تي مشتمل ھو، جنھن کي 5.5 ارب روپين جي عيوض عمان کان خريد ڪيو ويو. ھن رقم جو گهڻو حصو آغا خان ادا ڪيو ھو. اهو معاهدو پاڪستان جي وزيراعظم، فيروز خان نون ۽ عمان جي سلطان سعيد بن تيمور جي ڪوششن سان ٿيو. ھن معاھدي دوران ڳالھين ۾ برطانيا پڻ ٻنھي ملڪن جي مدد ڪئي. معاھدي ۾ اھو پڻ شامل ھو تہ گوادر ۾ رھندڙ ماڻھن کي پاڪستان جي شھريت ڏني ويندي، ۽ انھن وٽ عمان جي شھريت پڻ رھندي، ان کان سواءِ اتان نڪرندڙ تيل جي آمدني مان پڻ عمان کي حصو ڏنو ويندو. سرڪاري طور تي 8 ڊسمبر، 1958ع تي گوادر جي زمين باضابطہ طور پاڪستان جو حصو بڻجي ويو. 1970ع جون پاڪستاني عام چونڊون، قومي اسيمبليءَ جي رڪنيت لاءِ 7 ڊسمبر 1970ع تي ٿي گذريون. ھي چونڊون پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ پهريون سڌيون عام چونڊون هيون ۽ بنگلاديش جي آزادي تائين آخري چونڊون ثابت ٿيون. 300 عام تڪن ۾ چونڊون ٿيون، جن مان 162 تڪ اوڀر پاڪستان ۽ 138 تڪ اولھہ پاڪستان ۾ هئا. ھنن چونڊن ۾ عوامي ليگ جي فتح ٿي، پر چونڊن کان پوءِ صدر يحييٰ خان اسيمبليءَ جو افتتاحي اجلاس طلب نہ ڪيو ۽ نور الامين کي پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ڪيو، جنھن سبب اوڀر پاڪستان ۾ وڏي بيچيني ڦھلجي وئي. يحيٰ خان جي حڪم سان شروع ڪيل آپريشن سرچ لائيٽ ويتر حالتون خراب ڪيون، جنھن سبب پاڪستان ٽٽي ويو ۽ بنگلاديش جي نالي سان ھڪ نئون ملڪ وجود ۾ آيو. ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد سنڌ جي مشهور سياستدان جي ايم سيد جي ڌيءَ هئي. دُرِ شهوار پهرين سنڌياڻي هئي، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان پي ايڇ ڊي ڪئي. هن پي ايڇ ڊي مشهور جرمن اسڪالر ائينيمري شمل جي نگراني هيٺ مڪمل ڪئي. درشهوار سيد 21 مارچ 1940ع تي ڳوٺ سن، دادو ۾ جنم ورتو. درشهوار سيد هڪ اديب ۽ محقق هجڻ سان گڏ، سماجي ڪارڪن پڻ هئي. درشهوار سيد لطيف چيئر جي سربراهه هجڻ وقت شاهه جي رسالي جا عربي، اردو، فارسي، ۽ انگريزي ترجما پڻ شايع ڪرايا. سيد حسام الدين راشدي جي صلاح تي هن کي فارسي سکڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا جي سندس ڀائرن مخالفت ڪئي، پر والد کيس پڙهڻ جي اجازت ڏني. هندستاني مذهب، ڪڏهن ڪڏهن ڌرمي مذهبن يا هندستاني مذهبن کي پڻ سڏيو ويندو آهي، هي اهي مذهب آهن جيڪي هندستاني برصغير ۾ پيدا ٿيا آهن. جن ۾ ٻڌمت ، هندوڌرم ، جين ڌرم ، ۽ سک ازم شامل آهن. جيتوڻيڪ هندستاني مذهب هندستان جي تاريخ سان ڳنڍيل آهن، هي مذهب، مذهبي برادرين جو هڪ وسيع سلسلو آهن، هي رڳو هندوستان تائين محدود ناهن. هندوستاني برصغير ۾ قديم مذهب جا ثبوت ميزوليٿڪ دور جنهن کي پٿرن وارو دور به سڏجي ٿو، جي جابلو غارن اندر ٺهيل چٽسالين مان مليا آهن. سنڌو ماٿري جي هڙاپائي ماڻهن جي تهذيب، جيڪا 3300 کان 1300 ق.م. (بالغ دور 2600-1900 ق.م.) تائين رهي هئي. اها هاڙاپائي تهذيب ۽ ان سان گڏ سنڌو تهذيب هڪ ابتدائي شهري ثقافت ۽ نظام هئي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ويدڪ مذهبن کان به اڳ واريون تهذيبون هيون هندوستاني مذهبن جي تاريخ، جڏهن لکت جي شڪل ۾ سامهون آهي، اتان شروع ٿي ٿئي ڇو ته ان کان اڳ ڪنهن کي ڄاڻ ناهي ته اهي ڪيئن شروع ٿيون ۽ اڀريون، تڏهن ئي هندوستاني مذهبن جي تاريخ ويدڪ مذهبن کان شروع ٿئي ٿي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهي ويد سنڌو نديءَ جي ڪنارن ۽ ڪَپن تي ويهي آرين لکيا هئا. انهن شاعراڻي انداز ۾ لکتن کي ويد ۽ اگامس چيو ويندو آهي، سمجهيو ويندو آهي ته اگامس دراوڙي نسل جي ماڻهن لکيا هيا، جڏهن ته ويدن کان پتو پئي ٿو ته اهي شروعاتي هند-آريائي ماڻهن جا ثقافتي، سماجي ۽ مذهبي طريقا هئا. اڄڪلهه ته ان تي به بحث هلي ٿو پيو ته ڪجهه ڊي اين اي رپورٽن آرين جو هندوستان ۾ اچڻ کي چيلينج ڪيو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ممڪنه اهي لکتون هتان جي مقامي ماڻهن لکيون هونديون. انهن مذهبي خيالن ۽ انهن جي لکڻين جي ترتيب، ترميم، تبصرن ۽ بحث مباحثن جي دور کي ويدڪ دور چيو ويندو آهي ۽ اهي ويد تقريباً 1750 کان 500 ق. ۾ لکيا ويا هئا. ويدن جي فلسفانه ڪتابن کي اُپشندن چيو ويندو آهي. اُپشند نثر ۾ لکيل فلسفي وارا ڪتاب آهن، جيڪي ويدن جي شعرن جي شرح آهن. هنن جو تعداد ڏيڍ کان ٻه سئو ٻڌايو وڃي ٿو، جن کي عام طور تي ويدانت - Vendanta پڻ چيو ويندو آهي. ويدانتا Vedānta کي ٻن مختلف طرح سان تشريح ڪئي وئي آهي پهرين تشريع ۾ چوندا آهن ته ويدانيت ان هندي مذهب جا آخري باب ۽ حصا آهن، ٻيو چيو ويندو آهي ته ويدانتا جو مطلب ئي اهو آهي ته موجوده ويدن جو مقصد ئي سڀ کان بلند مقصد آهي يا کڻي ائين سمجهجي ته ويدانت لفظ جي معنيٰ آهي ”ويدن جو انت“ يعني ويدن جي پوئين ڀاڱي ۾ ٻڌايل مت ۽ ويچار آهن، اهي ويدن جو پويون ڀاڱو اُپنيشد آهن. شروعاتي اپنشد عام دور Common Era کان اڳ جا آهن، يارنهن مکيه اپنشدن مان پنج اپشند ممڪن طور تي 6 صدي قبل مسيح کان اڳ لکيا ويا هئا ۽ خاص ڪري يوگا ۽ موڪش جنهن جو ابتدائي ويدن اندر ذڪر ٿيل آهي. وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2024/مهينو ڊسمبر هن منصوبي ۾ صفائي جي ضرورت آهي. وڌيڪ ڏسو اوزار جو صفحو ۽ وڪي منصوبن جي فهرست. |