عيد الفطر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عيد الفطر

مٿي کان: مسلمان سليماني مسجد، استنبول، ترڪي ۾ عيد نماز ادا ڪندي؛ الجزائر ۾ جشن دوران ڪيڪ ۽ مٺايون، جيڪي مشهور طور تي استعمال ڪيا ويا آهن؛ انڊونيشيا ۾ عيد جي جشن دوران روشني ڪئي پئي وڃي.
سرڪاري نالو عربي ٻولي: عيد الفطر
عرفيت افطاري جو عيد ، ننڍي عيد ، مٺي عيد.
ملهائڻ وارا فهرست

سانچو:List
 الجزائر
 آسٽريليا
 بحرين
 بنگلا ديش
 بینن
 بوسينيا ۽ هرزيگووينا
 برونائي
 برڪينا فاسو
 ڪيمرون
 ڪينيڊا
 وسطي آفريقي جمهوريا
 چاڊ
 ڪوموروس
 جبوتي
 اوڀر تيمور
 مصر
 اريٽيريا
 ايٿوپيا
 فرانس
 گيبون
 گيمبيا
 جرمني
 گهانا
 گائينا
 گائينا بسيو
 ڀارت
 انڊونيشيا
 ايران
 عراق
 آئيوري ڪوسٽ
 اردن
 قازقستان
 ڪينيا
 ڪوسوو
 ڪويت
 ڪرغزستان
 لبنان
 لبيا
 مڊگاسڪر
 ملائيشيا
 ملاوي
 مالديپ
 موريشس
 موريتانيا
 مراڪش
 نيپال
 نائيجر
 نائجيريا
 اتر ڪپرس
سانچو:Country data North Macedonia
 عمان
 پاڪستان
 فلسطين جي رياست
 فلپائن
 قطر
 روانڊا
 سعودي عرب
 سينيگال
 سربيا
 سيرا ليون
 سنگاپور
 صوماليا
سانچو:Country data Somaliland
 ڏکڻ سوڊان
 اسپين
 سري لنڪا
 سوڊان
 سورينام
 شام
 تاجڪستان
 تنزانيا
 ٿائي لينڊ
 ٽوگو
 تيونس
 ترڪي
 ترڪمانستان
 يوگينڊا
 گڏيل عرب امارات
 گڏيل بادشاھت
 گڏيل آمريڪي رياستون
 ازبڪستان
سانچو:Country data Western Sahara
 يمن}}

اتر ميسيڊونيا
ترڪ قبرص
صومالي لينڊ
مغربي صحارا
قسم اسلامي اهميت
اهميت رمضان المبارڪ ۾ روزا ختم ٿيڻ جي يادگار
تقريبون عيد جي نماز، خيرات، اجتماعي گڏجاڻيون، عيد جا طعام، عيدي (تحفا) ڏيڻ، لباس پائڻ.
تاريخ 1 شوال [1]
2024 تاريخ 10 April - 12 April[lower-alpha 1][2]
2025 تاريخ 31 March - 2 April
لاڳاپيل Ramadan, Eid al-Adha
عيدالفطر جي نماز جو ھڪ ڏيک

عيدالفطر(انگريزي: Eid ul Fitar ) شوال مھيني جي پھرين تاريخ تي مسلمان ملھائيندا آهن. ھي ڏينهن ان خوشيءَ جو اظھار آھي ته خدا پنھنجي ٻانھن کي روزن جي مھيني ۾ روزا، تراويح، قرآن جي تلاوت، صدقو ۽ خيرات وغيره جون جيڪي عبادتون مقرر فرمايون، ٻانھا انھن کي سھڻي نموني ادا ڪرڻ ۾ خدا جي توفيق ۽ مدد سان ڪامياب ٿيا[3].رمضان جيڪو اسلام جي بنيادي رڪنن مان ٽيون رڪن آھي، جب مسلمان رمضان جا روزا مڪمل ڪري ٿو تہ الله تعالٰي ان جا روزا مڪمل ڪرڻ تي عيد مشروع ڪئي آھي جنھن ۾ ھو الله تعالٰي جو شڪر ادا ۽ الله تعالٰي جو ذڪر ڪرڻ جي لاءِ جمع ٿين ۽ ان جي اھڙي طرح وڏائي بيان ڪن ٿا جھڙي انھن کي الله تعالٰي ھدايت نصيب فرمائي آھي ۽ ھن عيد ۾ الله تعالٰي مسلمانن تي صدقو فطر ( فطرانو ) ۽ نماز عيد مشروع ڪئي آھي ۔

عيدالفطر جون سنتون[سنواريو]

عيدالفطر جون ھيٺيون 12 سنتون آهن[3]:

  1. پاڻ کي سينگارڻ، سنوارڻ جو انتظام ڪرڻ
  2. غسل ڪرڻ
  3. ڏندڻ ھڻڻ
  4. عمدو لباس پائڻ
  5. خوشبو استعمال ڪرڻ
  6. صبح جو سوير اٿڻ
  7. عيدگاھ ۾ سوير پھچڻ
  8. عيدگاھ ۾ وڃڻ کان اڳ فطرو ادا ڪرڻ
  9. عيدگاھ وڃڻ کان اڳ ڪا مٺي شئي کائڻ
  10. عيد جي نماز عيدگاھ ۾ پڙھڻ
  11. رستي ۾ آھستي آھستي تڪبير پڙھڻ
  12. ھڪ رستي کان پيدل وڃڻ ۽ ٻئي رستي کان موٽڻ

عيد نماز[سنواريو]

عيد جي نماز ۾ ٻہ رڪعتون واجب شامل آهن ۽ ان جي صحيح ۽ واجب ھجڻ لاء ساڳيا شرط آھن جيڪي جمعي جي نماز جا آھن پر عيد جي نماز ۾ خطبو شرط ناھي جيڪو جمعي جي نماز ۾ لازمي شرط ھوندو آھي[3]. عيد نماز ۾ خطبو سنت آھي. عيد جي نماز جو وقت سج نڪرڻ سان پيلاڻ جي ختم ٿيڻ بعد شروع ٿئي ٿو ۽ سج جي زوال تائين جاري رھي ٿو پر مستحب آھي تہ عيد نماز ۾ دير نہ ڪئي وڃي. اھا نماز اڪيلي سر نہ ٿي پڙھي سگھجي[3]. ان جي قضا ڪانہ ٿيندي آهي. ھن نماز ۾ اذان ۽ اقامت نہ ٿيندي آهي. اھل حديث وارن لاء عيد نماز ۾ عورتن جي ۽ ٻارن جي شرڪت سنت آھي[3]. عيد جو خطبو سنت آھي پر ان جو ٻڌڻ واجب آهي.خطبو نماز بعد پڙھڻ سنت آھي[3]. ٻہ خطبا پڙھڻ ۽ ٻنھي جي وچ ۾ جمعي جي نماز جي خطبي واري وقفي جيترو ويھڻ سنت آھي[3].

حوالا[سنواريو]

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ummalqura
  2. Singh, Bhupinder (2 April 2023). "When Is Eid Al-Fitr 2023? Eid Al-Fitr History, Significance, All You Need To Know About Holy Festival" (en ۾). https://www.indiatimes.com/trending/social-relevance/when-is-eid-al-fitr-2023-history-significance-celebration-597357.html. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 277


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو