ڪوموروس
ڪوموروس جي يونين
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '
| |||||
![]() مڪانيت ڪوموروس (تيز نيرو) – نقشو آفريڪا (ھلڪو نيرو رنگ & تيز خاڪي) | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ | ماروني 11°41′S 43°16′E / 11.683°S 43.267°E | ||||
دفتري ٻوليون | |||||
نسلي گروھ |
| ||||
مذهب | سني اسلام | ||||
مقامي آبادي | ڪومورين | ||||
حڪومت | وفاقي صدارتي نظام ريپبلڪ | ||||
• صدر |
ازالي بوڪاسا عثماني | ||||
مقننه | ڪوموروس جي يونين جي اسيمبلي | ||||
ڪوموروس جو قيام | |||||
• بپورچوگيزين پاران دريافت |
1503 | ||||
1886 | |||||
• والاريل ڪوموروس |
6 سيپٽمبر 1887 | ||||
• فرينچ مڊگاسڪر جي ماتحت |
9 اپريل 1908 | ||||
• فرانس جو سمنڊ پار علائقو |
27 آڪٽوبر 1946 | ||||
• ڪوموروس جي رياست |
22 ڊسمبر 1961 | ||||
• فرانس کان آزادي |
6 جولاءِ 1975 | ||||
• وفاقي ۽ اسلامي جمھوريہ ڪوموروس |
24 مئي 1978 | ||||
• ڪوموروس جي يونين |
2 ڊسمبر 2001 | ||||
• آئين |
17 مئي 2009 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
1٬659 km2 (641 sq mi) (171tha) | ||||
• پاڻي (%) |
نہ جھڙو | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
850,688 (160th) | ||||
• گھاٽائي |
457 /km2 (1٬183.6 /sq mi) (27th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.457 ارب ڊالر [1] (178th) | ||||
• في سيڪڙو |
$1,669[1] (177th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$781 ملين ڊالر (182nd) |
ڪوموروس: (انگريزي: Comoros) (i/ˈkɒməroʊz/; عربي ٻولي: جزر القمر, Juzur al-Qumur / Qamar), سرڪاري نالو يونين آف ڪوموروس جنھن کي عربي ۾ اتحاد القمري سڏين ٿا. اھو ھندي سمنڊ ۾ ٻيٽن تي مشتمل ھڪ ملڪ آھي جيڪي اوڀر آفريڪا جي ساحلي پاسي موزمبيق ۽ مڊگاسڪر جي چينل لڳ واقع آهي. ھن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ موروني آهي. ملڪ جو اڪثريتي مذھب سني اسلام آھي. ھن ملڪ جي پکيڙ 1٬660 km2 (640 sq mi)
جنھن ۾ مايوٽي ٻيٽ شامل ناهي. اھو پکيڙ ۾ آفريڪا جو چوٿون سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي. اھو کوڙ ٻيٽن تي مشتمل آهي جن جا نالا اڪثر فرينچ ٻولي وارا آھن جن ۾ گرئنڊي ڪومور ٻيٽ،
موھلي ٻيٽ، انجوئان ٻيٽ شامل آهن. ھن ملڪ جو چوٿون وڏو ٻيٽ مايوٽي اڃان تائين فرانس جي قبضي ۾ آهي. 1974 ۾ مايوٽي پڻ آزاديءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو پر ان کي فرانس اڃان تائين خودمختيار حڪومت جي حوالي نہ ڪيو آھي ۽ ھن وقت فرانس جي سمنڊ پار وزارت جي نگراني ۾ آھي. فرانس 21 آڪٽوبر 1976 گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ان قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو جنھن ۾ جنھن ۾ مايوٽي ٻيٽ تي ڪوموروس جي خودمختيار حڪومت جي اختيار کي تسليم ڪيو ويو .
