ازبڪستان

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
ازبڪستان جو جھنڊو

ازبڪستان (Uzbekistan): سمرقند ۽ -بخارا- جا تاريخي شهر هن وقت -ازبڪستان- رياست (ريپبلڪ) ۾ شامل آهن، جيڪا 1991ع ۾ سوويت يونين (USSR) جي خاتمي بعد هڪ آزاد جمهوري ۽ خودمختيار رياست طور قائم ٿي آهي ۽ اسلامي تشخص سان سڃاپجڻ لڳي آهي. -ازبڪستان- جي ڪل پکيڙ 700، 172 چورس ميل (يعني 400، 7، 44 چورس ڪلوميٽر) آهي ۽ -آدمشماري- ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي آهي. هاڻي -ازبڪستان- وارا پنهنجي ماضيءَ کي جاڳائي رهيا آهن ۽ پنهنجين وڏين ناميارين شخصيتن جون ورسيون ملهائي رهيا آهن. -آڪٽوبر- 1998ع حضرت -امام بخاري- رحه ۽ مشهور رياضي دان احمد فرغانيءَ جي ياد ۾ -بين- الاقوامي ڪانفرنسون سڏايون ويون، جيڪي مرڪزي -ازبڪستان- سائنسي اڪيڊمي -تاشقند- طرفان منعقد ٿيون، -جن- ۾ سنڌ مان مشهور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سڏايو ويو. هن ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽرصاحب هڪ تاريخي مقالو پڙهيو هو. ازبڪستان، پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي. -افغانستان- سان لاڳو آهي. -پاڪستان- مان جيڪا شاهراهه گلگت کان اڳتي وڃي ٿي. سا آخر ۾ ساڄي هٿ تي مُڙي، چين ۾ داخل ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن اتان کاٻي واٽ تي هلجي ته -ٿوري- فاصلي کان پوءِ -ازبڪستان- اچي ويندو. -ازبڪستان- جي گاديءَ جو شهر -تاشقند- آهي، پر هن ملڪ جا مشهور تاريخي شهر چار آهن: (1) سمرقند، (2) شهر سبز، (3) -بخارا- ۽ (4) خيوا. انهن شهرن جي ڏسڻ کان سواءِ -ازبڪستان- جي تاريخي عظمت جي صحيح ڄاڻ حاصل نه ٿيندي. شهر ماضيءَ ۾ وڏن عالمن، عارفن، مشهور مدرسن، مسجدن ۽ وڏن بادشاهن جي آخري آرامگاهن مرڪز رهيا آهن. سمرقند ۾ وڏي فاتح -امير- تيمور جو مقبرو آهي، جيڪو عمارت سازيءَ جي اعتبار کان بي مثال يادگار آهي. -امير- تيمور جو پوٽو الغ بيگ، وڏو -بادشاهه- ٿي گذريو آهي. هيءُ وڏو عالم ۽ سائنسدان پڻ هو، جنهن تجربن لاءِ سمرقند ۾ وڏي رسدگاهه ٺهرائي، جيڪا اڄ به موجود آهي. -ان- کان سواءِ -اسلام- جي عملي خدمت ۽ عظمت جا ڪيئي روشن ستارا، هنن شهرن جي -آس- پاس آرامي آهن. -امام بخاري- رحه سمرقند کان ڏهه ٻارنهن ميل ٻاهر پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آرامي آهي، -جتي- موجوده حڪومت سندس روضو وڏن دروازن واري ايوان ۾ تعمير ڪيو آهي. نقشبندي سلسلي جو باني حضرت بهاءُ الدين نقشبند، -بخارا- جي شهر کان -اتر- طرف ڇهن ميلن جي مفاصلي تي آرامي آهي، -جتي- هڪ وڏي وسيع خانقاهه، مدرسو، وڏي شاهي -جامع مسجد- ۽ ٻاهران سادي -تربت- سندس عظمت جا يادگار آهن. شهر سمرقند ۾ سندس مريد مشهور ولي خواجه عبيدالله احراءِ مدفون آهي. ”فعانه“ کان هڪ سؤ ڪلوميٽر پري ”اندجان“ جي وادي، -بابر بادشاهه- جو وطن آهي، -جتي- ”باغ بابر“ اڃا تائين موجود آهي. ڊاڪٽربلوچ صاحب -ازبڪستان- جي سفر ۾ هيٺيون دلچسپ احوال قلمبند ڪيو آهي:

”مون کي حياتيءَ ۾ پهريون ڀيرو -ازبڪستان- وڃڻ جو موقعو مليو ۽ ڪانفرنس وقت، تاشقند، سمرقند ۽ فرغانه جا شهر به ڏٺم. -ان- بعد مون پنهنجي ذاتي انتظام ۽ اهتمام سان سمرقند (ٻيهر)، سبز شهر، شهر ڪتاب، شهر ڪرشي، بخارا، اورگنج ۽ خيوا جا شهر ڏٺا. جتان اڀرندي -اتر- طرفان هليس ۽ سڄي ملڪ مان سفر ڪري الهندي ڇيڙي تي خيوا ۾ پهتس. -تاشقند- وڏي ۾ وڏو ماڊرن شهر آهي، جنهن جهڙو صاف، ڪشادو ۽ وڏين شاهي عمارتن وارو شهر، -پاڪستان- ۽ هندستان ۾ ڪونهي، البت -اسلام- -آباد- وڌيڪ بهتر پلاننگ سان -تاشقند- سان ڪلهو هڻي سگهي ٿو. -ازبڪستان- ۾ جبلن جون وڏيون قطارون آهن، -جن- مان سون نڪري ٿو. جتان ڪجهه سال اڳ نوي ملين ڊالرن جو سون ڪڍيو ويو ۽ وڪيو ويو. پئٽرول ۽ گئس جا بي انداز وڏا ذخيرا آهن. زراعت ۾ وڏي ۾ وڏو فصل ”پنبه“ (ڪپهه) جو آهي. -تاشقند- کان وٺي خيوا تائين (سواءِ ريگستاني علائقن جي) وونئڻ نظر آيا. اڃا ڪن ڀاڱن ۾ ڦُٽيون هيون ۽ ماڻهن پئي چونڊيون. -بخارا- کان خوارزم صوبي تائين -ٿر- مثل ڳاڙهاڻ مائل واريءَ وارو وڏو ريگستان آهي، جنهن کي ”قلز ڪم“ (ڳاڙهي واري) ريگستان سڏجي ٿو. -ان- ۾ گئس جا وڏا ذخيرا آهن. خوارزم جي (اتر اوڀر) ٻئي طرف ڪاراڻ مائل واري آهي ۽ -ان- کي ’ڪار ڪم‘ (ڪاري واري) ريگستان چون. سڀ ميوا (انگور، صوف، آڙو، زردالو، ڏاڙهون وغيره) ٿين. وڏو ڪارو ڪانءُ عام آهي. اسان واري ڪٻر به آهي، جنهن کي ”پاڪستاني مينا“ چون. سندن خيال ۾ ڪٻرون -پاڪستان- مان ٿيون اچن. باغن ۽ وڻن ۾، ٻاهر توڙي شهرن ۾ شڪڪا پکيءَ جو راڄ آهي. هيءُ پکي ڪانءُ کان وڏو ۽ ڪجهه ڊگهي پڇ سان آهي ۽ پٺيءَ تي ڪارن اڇن کنڀن جا -پٽا- اٿس. مون اهو پکي پهريائين ڪوئيٽا جي باغن ۾ ويٺل ڏٺو ۽ بلوچيءَ ۾ -ان- کي ”شڪڪ“ چون. سڀ کان وڌيڪ ته -ازبڪستان- عقابن، بازن ۽ شڪرن جو ملڪ آهي ۽ اسان وٽ سنڌ ۾ اهي اتان ٿا اچن. سمرقند ۾ مانيءَ جي هوٽل تي ڪبابن وارن جي آڏو به اهڙا پکي ويٺا هئا. هڪ کي ٽنگ ۾ ڏور ٻڌل هئي، باقي ٻيو آزاد هو ۽ پئي گهميو. هتي قسمين قسمين ماکي ٿئي ٿي ۽ گهڻو ڪري سڀ جبلن مان اچي ٿي. -امام بخاري- جي يادگار تي اسان کي جيڪا دعوت کارايائون، -ان- ۾ ماکي به پيالن ۾ رکيائون. اها سفيد ماکي هئي. کائڻ سان ائين محسوس ٿيو، ڄڻ -ان- ۾ داڻ داڻ هئي، پر وڏي ڳالهه ته -ان- ۾ عطر واري سرهاڻ هئي. -بازار- ۾ -جتي- ڪٿي ماکيءَ جا دڪان هئا، پر اهڙي خوشبودار اڇي ماکي ڪٿي به ملي نه سگهي“. هن ملڪ سان -پاڪستان- جو هڪ تعلق اهو به آهي ته هندستان ۽ -پاڪستان- وچ ۾ 1965ع واري -جنگ- جي خاتمي لاءِ مشهور ”تاشقند ٺاهه“ به -ازبڪستان- جي شهر -تاشقند- ۾ ٿيو هو.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B2%D8%A8%DA%AA%D8%B3%D8%AA%D8%A7%D9%86