مواد ڏانھن هلو

تاجڪستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تاجڪستان جو جھنڊو
تاجڪستان جو نقشو

تاجڪستان (Tajikistan) ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه تاجڪستان (Republic of Tajikistan) آهي. تاجڪستان جي لفظي معنيٰ آهي ”تاجڪ ماڻهن جو وطن“ هي ملڪ وچ ايشيا ۾ آهي. تاجڪستان زميني ۽ جابلو ملڪ، پامير جبلن ۾ گهيريل آهي. هن جو 93 سيڪڙو علائقو سرسبز ۽ شاداب ٽڪرين تي ٻڌل آهي. وچ ايشيا جي سڀ کان ڊگهي جابلو چوٽي هتي آي. هي وچ ايشيا جو ننڍي ۾ ننڍو ملڪ آهي، ملڪ جي پکيڙ 1,43,100 چورس ڪلوميٽر (55,200 چورس ميل) ۽ آبادي 61 لک 94 هزار آهي. هن جي گاديءَ جو هنڌ دوشنبي آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي تاجڪ آهي.

سڀ کان مٿانهون هنڌ ڪميونزما جي چوٽي (بلندي: 7495 ميٽر) آهي. هتي سردين ۾ سخت سردي ۽ گرميءَ ۾ سخت گرمي پوي ٿي. برساتون گهٽ پونديون آهن. هتان جي مکيه زرعي پيداوار ڪپهه، ڪڻڪ، ڀاڄيون، پٽاٽا، جو، ميوا، گدرو، هنداڻو ۽ خشڪ ميوو آهي ۽ مکيه صنعتن ۾ ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙا، ڀاڻ، بوٽ، وائن، قالين، هائيڊرو، اليڪٽرڪ پاور، مڪينيڪل انجنيئرنگ ۽ زرعي مشينري آهي. تاجڪستان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 9 سيپٽمبر 1991ع آهي ۽ هن ملڪ جي گڏيل قومن جي اداري (UNO) ۾ ميمبرشپ 2 مارچ 1992ع کان آهي.


حوالا

[سنواريو]