مواد ڏانھن هلو

ملاوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمهوريه ملاوي

ملاوي
Flag of
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '" اتحاد ۽ آزادي"
گادي جو هنڌليلونگوي
13°57′S 33°42′E / 13.950°S 33.700°E / -13.950; 33.700
سڀ کان وڏو شهرليلونگوي
دفتري ٻوليونانگريزي
چچيوا
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
نسلي گروھ (2018 Census[2])
مقامي آباديملاويئن
حڪومتوحدانيصدارتي آئيني ريپبلڪ
 صدر
پيٽر موتاريڪا
سائولوس چليما
مقننه نيشنل اسيمبلي
آزادي
6 جولاءِ، 1964ع
 ريپبلڪ
6 جولاءِ، 1966ع
18 مئي، 1994ع
پکيڙ
 جملي
118,484 km2 (45,747 sq mi) (98th)
 پاڻي (%)
20.6%
آبادي
 2018 مردم شماري
17,563,749[3]
  گھاٽائي
153.1/km2 (396.5/sq mi) (56th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2019 لڳ ڀڳ
 ڪل
$25.037 ارب ڊالر
 في سيڪڙو
$1,234[4]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2019 لڳ ڀڳ
 ڪل
7.436 ارب آمريڪي ڊالر
 في سيڪڙو
$367[4]
جِينِي (2010)43.9[5]
وچولو
ايڇ ڊي آء (2018) 0.485[6]
ڪمتر · 172nd
ڪرنسيڪواچا (D) (MWK)
معياري وقتسينٽرل آفريڪن ٽائيم (متناسق عالمي وقت+2)
ڊرائيونگ جو پاسوکاٻو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ+265[7]
انٽرنيٽ ڊومين.mw[7]

ملاوي (Malawi) جو سرڪاري نالو جمهوريا ملاوي آهي. اھو ڏکڻ-اوڀر آفريڪا جو هڪ خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي، جنھن جو پراڻو نالو "نياسالينڊ" هو. ان جون سرحدون اولھه ۾ زيمبيا، اتر ۽ اتر-اوڀر ۾ تنزانيا، اوڀر، ڏکڻ ۽ ڏکڻ-اولھه ۾ چوڌاري موزمبيق سان ملن ٿيون. ملڪ جي پکيڙ 1,18,484 چورس ڪلوميٽر آهي، جنھن جو ٽيون حصو ملاوي ڍنڍ ۾ شامل آھي. ملڪ جي آبادي سال 2018ع جي تخميني مطابق 18,143,217 ھئي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ليلونگوي آهي جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر پڻ آھي. ملڪ جا ٻيا وڏا شھر ترتيبوار بلنٽائر، مزوزو ۽ چوٿون وڏو شھر زومبا آھي، جيڪو ملڪ جو پراڻو گادي جو هنڌ هو. لفظ، "مالاوي"، "ماراوي" جي بگڙيل صورت آهي جيڪو نيانجا ماڻھن جو پراڻو نالو آهي، جيڪي ھن سر زمين جا پراڻا رھاڪو آھن. ھتان جا ماڻھو دوستي ۾ مشھور آھن تنھنڪري ھن ملڪ کي "آفريڪا جو گرمجوشي وارو دل" سڏبو آهي.[8]

تاريخ

[سنواريو]

ڏھين صدي عيسويءَ ۾ بانٽو ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻھو ھن ملڪ ۾ آباد ٿيا. سال 1891ع ۾ برطانيا ھن ڌرتيءَ تي قابض ٿيو. ھي ملڪ گڏيل بادشاھت جي نياسالينڊ نالي ھڪ پروٽيڪٽوريٽ بڻيو، جيڪو بعد ۾ سال 1953ع ۾ ھڪ نيم خودمختيار رھوڊيشيا ۽ نياسالينڊ جو وفاق بڻيو. سال 1963ع ۾ اھو وفاق ٽٽي ويو. سال 1964ع ۾ ھي ملڪ برطانيه کان آزاد ٿيو ۽ ملڪ جي رياست جي سربراهي ملڪه ايلزبيٿ ٻين وٽ ئي رھيو، پر ٻن سالن بعد ملڪ ريپبلڪ يا جمهوريه بڻيو. آزادي بعد ھي ملڪ صدر ھيسٽنگس باندا جي قيادت ۾ مطلق آمريت واري ھڪ جماعتي رياست بڻجي ويو جيڪو سال 1994ع تائين ملڪ جو صدر رھيو.[9][10][11] ھن ملڪ ۾ ھاڻي جمھوري ڪثير الجماعتي حڪومت آهي، جنھن جو سربراھه ملڪ جو چونڊيل صدر، پيٽر موتاريڪا آھي.

معيشت

[سنواريو]

ھن ملڪ جي انساني ترقي جي اشاريي جي شرح دنيا جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آهي. ملڪ جي معيشت زرعي آھي ۽ ملڪ جي آبادي جو وڏو حصو ٻھراڙيءَ ۾ رھي ٿو جنھن ۾ تيزي سان واڌ ٿيندي پئي اچي. ھي ملڪ معاشي ترقي لاءِ گھڻي ڀاڱي پرڏيھي قرض تي مدار رکندڙ آھي ۽ سال 2000ع کان ان قرض کڻڻ م گھٽتائي طرف وڌي رهيو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Malawi National Anthem Lyrics". National Anthem Lyrics. Lyrics on Demand. Archived from the original on 10 May 2011. Retrieved 24 August 2008.
  2. "2018 Population and Housing Census Main Report" (PDF). Malawi National Statistical Office. Retrieved 25 December 2019.
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Census2018
  4. 1 2 "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org.
  5. "Gini Index". World Bank. Retrieved 2 March 2011.
  6. "Human Development Report 2019" (PDF) (in انگريزي). United Nations Development Programme. 10 December 2019. Retrieved 10 December 2019.
  7. 1 2 "Country profile: Malawi". BBC News. 13 March 2008. http://news.bbc.co.uk/1/hi/world/africa/country_profiles/1068913.stm. Retrieved 17 August 2008.
  8. "Malawi, The Warm Heart of Africa". Network of Organizations for Vulnerable & Orphan Children. Archived from the original on 27 July 2011. Retrieved 26 January 2011.
  9. "Hastings Kamuzu Banda | president of Malawi". Encyclopedia Britannica.
  10. "The cult of Hastings Banda takes hold" via The Globe and Mail.
  11. Mccracken, John (1 April 1998). "Democracy and Nationalism in Historical Perspective: The Case of Malawi". African Affairs 97 (387): 231–249. doi:10.1093/oxfordjournals.afraf.a007927. https://academic.oup.com/afraf/article/97/387/231/16549.