فطرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فطرو يا صدقه فطر (انگريزي: Fitar ) ھڪ قسم جو صدقو آهي جيڪو ھر خوشحال مسلمان عيدالفطر جي نماز کان پھريان ادا ڪندو آهي. فطرو ھر اھڙي مسلمان ٿي واجب آهي جنهن وٽ ايترو مال ھجي جيڪو ان جي بنيادي ضرورتن کان وڌيڪَ ھجي[1]. توڻي ان تي زڪوات واجب ٿيندي ھجي يا نہ ٿيندي ھجي[1]. فطري واجب ٿيڻ لاء وري اھو شرط بہ ناھي تہ ان مال کي ھڪ سال ٿي ويو ھجي ۽ نہ اھو شرط آھي تہ مال وارو عاقل ھجي جيڪڏهن خوشحال آهي ته ھي ٻارن ۽ چرين تي پڻ واجب آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 45-46