مواد ڏانھن هلو

برونائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
برونائي، دارالسلام

Negara Brunei Darussalam (Rumi script)
نڬارا بروني دارالسلام (Jawi script)
Flag of برونائي
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
شُعار: '
  • الدائمون المحسنون بالهدى
  • Sentiasa membuat kebajikan dengan petunjuk Allah
  • "Always in service with God's guidance"
ترانو: 
مڪانيت  برونائي  

  (سائو رنگ)نقشو آسيان  

  (تيز خاڪي)  –  [Legend]
مڪانيت  برونائي     (سائو رنگ)

نقشو آسيان     (تيز خاڪي)   [Legend]

گادي جو هنڌبندر سري بيگاوان
4°53.417′N 114°56.533′E / 4.890283°N 114.942217°E / 4.890283; 114.942217
سڀ کان وڏو شهربندر سيري بيگاوان
دفتري ٻوليونملائي[a]
مڃيل ٻوليونانگريزي[b]
ٻيون ٻوليون
۽ مقامي لھجا [1][2]
سرڪاري اسڪرپٽ
نسلي گروھ (2016[4])
مذهبسني اسلام
مقامي آباديبرونائي
حڪومتوحداني اسلامي بادشاھت
حسن البولقيه
المتعدي بالله
عبدالرحمان محمد طيب
عبدالعزيز جنيد
مقننه نيشنل ليجسليٽو ڪائونسل
برونائي جو قيام
c.1368
15th – 19th صدي
1888
 
يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان آزادي ورتائين
1 جنوري 1984
7 January 1984
پکيڙ
 جملي
5,765 km2 (2,226 sq mi) (164th)
 پاڻي (%)
8.6
آبادي
 Jul 2015[5] اندازو
417,200[5] (175th)
  گھاٽائي
72.11/km2 (186.8/sq mi) (134th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$33.376 billion[6] (116th)
 في سيڪڙو
$77,699[6] (5th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$13.002 billion[6] (111th)
 في سيڪڙو
$27,601[6] (25th)
ايڇ ڊي آء (2017)Decrease 0.853[7]
انتهائي اعلیٰ · 39th
ڪرنسيبرونائي ڊالر (BND)
معياري وقتبرونائي جو وقت (متناسق عالمي وقت+8)
ڊرائيونگ جو پاسوکاٻو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ+673[c]
انٽرنيٽ ڊومين.bn[8]
  1. ^ آئين جي آرٽيڪل 82 تحت برونائي جي جي سرڪاري ٻولي ملائي آھي
  2. انگريزي بہ ٻين سرڪاري ٻولي اٿس.[9]

برونائي(انگريزي: Brunei) Listeni/brˈn/ BROO-nyبرونئي (انگريزي ٻولي: Brunei), هن ملڪ جو سرڪاري نالو ’نگارا برونئي دارالسلام (State of Brunei Darus-Salam) آهي، جنهن جو پراڻو نالو پوزنڊي هو. هن جي اتر ۾ ڏکڻ ۾ چيني سمنڊ ۽ باقي ٽن طرفن اوڀر ڏکڻ ۽ اولھ کان هن کي ملائيشيا جي اڀرندين رياست سراواڪ گهيري رکيو آهي. برونئي ٻيٽ بورينو جي اتر اولھ ڪناري تي آهي، هن جي اوڀر کان اتر- اولھ طرف ڊيگھ 71 ميل (114 ڪلوميٽر) اتر کان ڏکڻ اولھ طرف ويڪر 56 ميل آهي. رياست سراواڪ جي هڪ پٽي وچ مان هن کي ڪٽيندي اهڙيءَ ريت گذري ٿي، جو برونئي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. الهنديون حصو ڪجهه وڏو آهي، ملڪ جي 80 سيڪڙو ايراضي ٻيلن سان ڍڪيل آهي. برونئي خط استوا کان صرف 5 ڊگريون اتر ۾ آهي.[10] راڄڌاني جو نالو بندر سري بيگاوان آهي.

تاريخ

[سنواريو]

پهرين صدي عيسويءَ کان برونئي جي رهواسين جا هندستاني واپارين سان لاڳاپا هئا. ان وقت هن علائقي جو پورو نالو پوزنڊي هو. ڇهين صدي عيسويءَ ۾ هن جا چين سان لاڳاپا وڌيا. 1200ع ۾ برونئي جي پهرئين سلطان بولقيه هن علائقي تي پنهنجي حڪمراني قائم ڪئي. برونئي جي هڪ سلطان 1425ع ۾ سڀ کان اول اسلام قبوليو ۽ پنهنجو نالو محمد رکيو. اهو پنجون حڪمران هو، هن جي دور ۾ سلطان برڪت نالي عرب مبلغ برونئي آيو، جنهن جي ڪوششن سان هن خطي ۾ اسلام جو نور پکيڙيو. 1511ع ۾ جڏهن ملاڪا تي پورچوگيزن پنهنجو تسلط قائم ڪيو ته برونئي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي هڪ وڏي طاقتور مسلم رياست ٿي چڪو هو. 1847ع ۾ انگريزن لابوان جو ٻيٽ حاصل ڪري ورتو. 1888ع ۾ برطانيا برونئي ۽ سراواڪ جو ڪنٽرول پاڻ سنڀالي ورتو. 1962ع ۾ برونئي ۾ پهريون عام چونڊون ٿيون. 1 جنوري 1984ع تي اسلامي دنيا جي امير ترين رياست برونئي دارالسلام پنهنجي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. 21 سيپٽمبر 1994ع تي برونئيءَ کي ايشيا جو آزاد واپاري علائقو قرار ڏنو ويو ۽ ساڳئي تاريخ 21 سيپٽمبر 1984ع تي برونئي گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جو ميمبر ٿيو.[10]

جاگرافي

[سنواريو]

برونئي جي ڪل پکيڙ 5765 چورس ڪلوميٽر (2225 چورس ميل) ۽ آبادي 4 لک آهي، برونئيءَ جي گاديءَ جو هنڌ بندر سري بيگاوان آهي، هتي جي موسم گرم ۽ خوشگوار آهي ۽ گرمي پد 320 جي ويجهو رهندو آهي. هوا ۾ گهم هوندي آهي ۽ مينهن گهڻا پوندا آهن.[10]

برونئي جي مکيه زرعي پيداوار چانور، ڪيلا، ساوا مرچ، ڀاڄيون، گرم مصالحو ۽ ڪاٺ آهي، مکيه صنعتن ۾ پيٽرول ۽ پيٽروليم جون شيون، رٻڙ ۽ سياحت اچي وڃن ٿيون. هتان جي مکيه معدني پيداوار ۾ تيل ۽ قدرتي گئس شامل آهن, جن جي ڪري برونئي جو شمار دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ ٿيندو آهي.[10]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Brunei". Ethnologue. 19 February 1999. 30 December 2013 تي حاصل ڪيل.
  2. "Call to add ethnic languages as optional subject in schools". 19 نومبر 2013 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)CS1 maint: deprecated archival service (ڳنڍڻو)
  3. Writing contest promotes usage, history of Jawi script آرڪائيو ڪيا ويا 12 June 2012 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. The Brunei Times (22 October 2010)
  4. "The World Factbook". CIA. 28 January 2018 تي حاصل ڪيل.
  5. 1 2 "National Statistics". depd.gov.bn. اصل نسخو مان 11 نومبر 2016 تي محفوظ ڪيل. 1 جُولاءِ 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  6. 1 2 3 4 "Brunei". International Monetary Fund. 22 January 2016 تي حاصل ڪيل.
  7. "Human Development Indices and Indicators: 2018 Statistical update" (PDF). United Nations Development Programme. 15 September 2018. 15 September 2018 تي حاصل ڪيل.
  8. "Delegation Record for .BN". IANA. 6 November 2015 تي حاصل ڪيل.
  9. "Constitution of Brunei Darussalam" (PDF). Attorney General's Chambers Brunei Darussalam. 15 October 2013 تي حاصل ڪيل.سانچو:Fix/category[مئل ڳنڍڻو]
  10. 1 2 3 4 "برونئي". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي-ويب سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. 26 نومبر 2017 تي حاصل ڪيل.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]


او آءِ سي
افغانستان | الجزائر | البانيا | آذربائيجان | بحرين | بنگلاديش | بينن | برڪینا فاسو برونائي | ڪيمرون | چاڊ | قمر جا ٻيٽ |آئيوري ڪوسٽ | جبوتي مصر | گيبون | گيمبيا گني | گني بسائو

گيانا | انڊونيشيا | ايران عراق | اردن | ڪويت قازقستان | ڪرگزستان | لبنان | ليبيا مالديپ | ملائيشيا | مالي | موريطانيه | مراڪش | موزمبيق | نائيجر نائيجيريا | اومان
پاڪستان | فلسطين | قطر | سعودي عرب سينيگال | سيراليون| صوماليا | سوڊان | سورينام | شام | تاجڪستان ترڪي| تيونس | ٽوگو ترڪمانستان | یوگینڊا | ازبڪستان | گڏيل عرب امارات | يمن