گني
ريپبلڪ آف گني ريپبلڪ ڊي گني | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"محنت، انصاف، سالميت" | |||||
مڪانيت گني
(تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل) – نقشو آفريڪا
(ھلڪي نيري رنگ سان ڏيکاريل & تيز خاڪي رنگ ۾) | |||||
| گادي جو هنڌ | ڪوناڪري 9°31′N 13°42′W / 9.517°N 13.700°W | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | گاديءَ جو ھنڌ | ||||
| دفتري ٻوليون | فرينچ | ||||
| مقامي ٻوليون | |||||
| نسلي گروھ (2014[1]) |
| ||||
| مقامي آبادي | گنيئن يا گنيائي ( سنڌي ۾) | ||||
| حڪومت | وحداني صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر | Mamadi Doumbouya | ||||
| مقننه | قومي اسيمبلي | ||||
| خودمختياري | |||||
• فرانس کان مليس | 2 آڪٽوبر 1958 | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 245,857 چورس ڪلوميٽر (94,926 چورس ميل) (77th) | ||||
• پاڻي (%) | نہ جھڙو | ||||
| آبادي | |||||
• 2016 اندازو | 12,395,924[2] (77th) | ||||
• 2014 مردم شماري | 11,523,261 [1] | ||||
• گھاٽائي | 40.9/km2 (105.9/sq mi) (164th) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2020 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $26.451 ارب ڊالر [3] | ||||
• في سيڪڙو | $2,390[3] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2020 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $9.183 ارب ڊالر [3] | ||||
• في سيڪڙو | $818[3] | ||||
| جِينِي (2012) | 33.7[4] وچولو | ||||
| ايڇ ڊي آء (2018) | ڪمتر · 174th | ||||
| ڪرنسي | گنيئن فرانڪ (GNF) | ||||
| معياري وقت | GMT (متناسق عالمي وقت ) | ||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | ساڄو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +224 | ||||
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | GN | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .gn | ||||
گني (انگريزي: Guinea ) جنھن جي سرڪاري نالو ريپبلڪ آف گني يا جمھوريہ گني آھي، اولھ آفريڪا جي اولھندي سامونڊي ڪناري تي واقع ھڪ ننڍو ملڪ آهي. هن جون سرحدون اولهه ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ، اتر اولهه ۾ گني بساؤ، اتر ۾ سينيگال، اتر اوڀر ۾ مالي، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪوٽ ڊي آئيور، ڏکڻ ۾ سيرا ليون ۽ لائبريا سان لڳن ٿيون. اهو ڪڏهن ڪڏهن، ان کي ٻين علائقن جهڙوڪ گني بساؤ ۽ استوائي گني کان ڌار ڪرڻ لاءِ، ان جي گاديءَ واري هنڌ ڪوناڪري کان پوءِ، گني۔ڪوناڪري جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.[6] گني جي آبادي هڪ ڪروڙ 40 لک (14 ملين) ۽ ايراضي 2,45,857 چورس ڪلوميٽر (94,926 چورس ميل) آهي. اھو اسلامي ملڪ سڏبو آهي ۽ ان جي مسلمان آبادي ڪل آبادي جو 85 سيڪڙو آھي.[7][8][9] گني جا ماڻھو 24 نسلي گروھن سان تعلق رکندڙ آھن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي فرينچ آھي ۽ تعليمي نظام پڻ ان ٻوليءَ وارو اٿس.
ملڪ جو نالو
[سنواريو]اولھ آفريڪا جي گني ريجن خطي ۾ واقع ھجڻ جي ڪري ان جو اھو نالو پيو. اھو خطو گني واري نار تي واقع آهي. لفظ گني پورچوگيزي ٻولي جي لفظ گنئي (Guiné) مان ورتل آهي. پندرهين صدي عيسويءَ ۾ اھو لفظ ان علائقي لاء استعمال ڪيو ويو ۽ اتان جي ڪارن رھاڪن کي گنيئس (Guineus) سڏيو ويو، جيڪو سينيگال ندي تي ان علائقي ۾ رھندڙ ڪارن ماڻھن کي زيناگا بربر يا مور نسل جي ماڻھن سان تفريق جي لاء استعمال ڪيو ويو.
تاريخ
[سنواريو]گني ملڪ جي تاريخ گني خطي جي تاريخ جو حصو آهي جنھن ۾ 12 ۽ 13 صدي عيسويءَ ۾ سوسو ايمپائر زور ورتو جنھن جي حاڪم سوماورو ڪنتي کي 1235ع ۾ مالي ايمپائر جي سونجئاتا ڪيئتا ڪيرينا واري جنگ ۾ شڪست ڏني. مالي ايمپائر تي مانسا لقب جي حاڪمن جي حڪمراني ھئي انھن ۾ مشھور حاڪم حاجي ڪانجا موسیٰ ھيو جنھن 1235ع ۾ مڪي وڃي حج ادا ڪيو. ان جي وفات بعد مالي ايمپائر جو زوال شروع ٿيو. ان بعد سونگائي ايمپائر اٻري آئي جيڪا 1460 تائين عروج تي رھي ۽ مالي ايمپائر کان پکيڙ ۽ دولت ۾ اڳتي نڪري وئي. 1582ع ۾ اسڪيه دائود جي وفات تائين خوشحال رھي جنھن بعد تخت جي وارثن ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي ان دوران موروڪو ان تي حملو ڪيو ۽ ٽونڊيبي واري جنگ بعد ان تي قبضو ڪيو پر انھن جو تسلط قائم رھي نه سگھيو ۽ ايمپائر ننڍين بادشاھتن ۾ ورھائجي وئي.

اولھ آفريڪا ۾ وڏين ايمپائرن جي زوال بعد موجوده گني واي علائقي ۾ ڪيتريون ئي ننڍڙيون بادشاھتون قائم ٿينديون رھيون. فولاني مسلمان فوتا جلون ڏانھن ھجرت ڪري سينٽرل گني جي علائقي ۾ اسلامي رياست قائم ڪئي جيڪا 1727ع کان 1869ع تائين قائم رھي جنھن جو لکت ۾ آئين پڻ ھيو. سورھين صدي عيسويءَ ۾ اولھ آفريڪا ۾ يورپي واپاري اچي چڪا ھئا. ھتان غلامن جي برآمد جو ڪاروبار شروع ٿي چڪو ھو. گني ۾ اوڻويھين صديءَ جي وچ ڌاري فرانس جون فوجون اندر گھري آيون ۽ 1898ع ۾ ساموري توري جي فوجن جي شڪست سان ھن ملڪ تي مڪمل فرانس جو قبضو ٿي ويو. اھڙي طرح فرينچ گني نالي فرينچ اولھ آفريڪا جي ھڪ ڪالوني جو قيام عمل ۾ آيو. فرينچ اولھ آفريڪا تي فرانس جو مقرر ڪيل گورنر جنرل حڪومت ڪندو ھو جنھن جي گادي ڊاڪر شھر ۾ ھئي. فرينچ گني جو حاڪم ليفٽيننٽ گورنر ھيو. 1958ع ۾ چارلس ڊي گال فرانس جو صدر چونڊجي آيو جنھن ڪالونين کي وڌيڪ خودمختياري ڏيڻ يا انھن جي ترت آزادي لاء ريفرنڊم ڪرائڻ جا آپشن ڏنا. گني جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ احمد سيڪو توري ترت آزادي جي آپشن کي قبوليو تمام وڏي اڪثريت آزادي جي حق ۾ ووٽ ڏنو جنھن بعد جلد ئي فرانس قبضو ختم ڪيو اھڙي طرح 2 آڪٽوبر 1958 ۾ گني آزادي ماڻي ۽ احمد سيڪو توري ان جو پھريون صدر ٿيو.

گني سوويت يونين جي ويجھو ٿيڻ بعد سوشلسٽ پاليسيون اختيار ڪيون. پر بعد ۾ ھن ملڪ چيني سوشلزم جي ماڊل جي پيروي شروع ڪندي سوويت يونين کان پاسيرو ٿي ويو. سوشلسٽ پاليسين باوجود ھن ملڪ آمريڪي سرمائيڪاري کي فروغ ڏنو. توري ملڪ ۾ ھڪ ڊگھي عرصي تائين چونڊيل حڪمران رھيو جنھن جي مقبوليت پئن آفريڪن ازم جي ڪري پوري آفريڪا ۾ وڌي وئي ھئي.
22 نومبر 1970 ۾ پورچوگيزي گني مان پورچوگيزي فوج آپريشن گرين سي جي نالي سان گني جي شھر ڪوناڪري تي احمد سيڪو توري کي قتل ڪرڻ يا گرفتار ڪرڻ لاء حملو ڪيو جنھن ۾ پورچوگيزي فوج ناڪام ٿي. جنھن بعد ملڪ ۾ توري حڪومت ڪاروايون شروع ڪيون جن ۾ 50000 ھزار جي لڳ ڀڳ ماڻھو مارجي ويا. احمد سيڪو توري 26 مارچ 1984ع ۾ آمريڪا ۾ دل جي آپريشن دوران وفات ڪري ويو. وزيراعظم لوئيس لانسانا بيگوئي سندس جاء تي صدر ٿيو. ان دوران ڪرنل لانسانا ڪوٽي ۽ ڪرنل ڊيئارا توري پرامن فوجي بغاوت ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو. ڪوٽي صدر ۽ ڊيئارا وزيراعظم ٿيو . 1992ع ۾ ڪونٽي سول حڪومت واري طريقي کي بحال ڪيو ۽ 1993ع ۾ صدر لاء چونڊ ۽ 1995ع ۾ پارليامينٽ لاء چونڊون ڪرايو جنھن ۾ سندس پارٽي آف يونٽي اينڊ پراگريس 114 مان 71 سيٽون کٽي آئي. ڪونٽي 23 ڊسمبر 2008ع تي پنھجي وفات تائين اقتدار م رھيو[10] ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد موسي دادس ڪمارا فوجي بغاوت ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو[11] فوجي بغاوت خلاف مظاهرا شروع ٿيا 28 سيپٽمبر 2009 تي فوج ھٿان 157 مظاهرو ڪندڙ مارجي ويا[12] .[13] جنوري 2010ع ۾ ڪمارا ، ڪوناتي ۽ بلئس ڪومپائوري ، بورڪينا فاسو جو صدر شھري رول جي بحالي لاء ٻارھن نڪاتي حل ڪڍيو جنھن تحت ڇھن مھينن اندر ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻي ھئي[14] اھڙي طرح 27 جون 2010 تي صدارتي اليڪشن ٿي[15][16] پر ان جا نتيجا تڪراري ٿي وڃڻ ڪري 7 نومبر 2010ع تي ٻيھر چونڊون ٿيون[17] جنھن ۾ ووٽرن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ چونڊون پر امن طريقي سان ٿيون[18] مخالف ڌر جي ريلي آف گنيئن پيپل نالي پارٽ جي اڳواڻ الفا ڪونڊي چونڊون کٽي ورتيون[19].
سياسي نظام
[سنواريو]ھڪ خودمختيار رياست آھي جنھن جو سربراھ صدر ۽ ملڪ ۾ حڪومتي سربراھ وزيراعظم ھوندو آھي. ملڪ جي مقننه قومي اسيمبلي آهي جيڪا ھڪ ايواني آھي ۽ ان جي رڪنن کي ملڪ جا ماڻھو سڌي چونڊ ذريعي مقرر ڪندا آهن. ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت گني جي سپريم ڪورٽ آھي[20]
انتظامي ورهاست
[سنواريو]

جمهوريه گني جي پکيڙ 245857 چورس ڪلوميٽر آھي. گني ملڪ جي انتظامي ورھاست واري علائقي جو نالو ريجن ۽ پريفيڪچر آھي. ملڪ ۾ اٺ ريجن يا صوبا آھن. ملڪ 33 بريفيڪچرن ۾ ورھايل آھي. ڪوناڪري شھر ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. نزيريڪوري ملڪ جو ٻيون وڏو شھر آھي. ملڪ جي ٻين وڏن شھرن ۾ ڪنڪان، ڪنڊيا، لابي، گوئيڪيڊو، بوڪ، ممئو ۽ ڪسيڊوگو شامل آهن جن جي آبادي ھڪ لک کان مٿي آھي. ڪوناڪري جي آبادي 2014ع ۾ 1667864 آھي
| ريجن | گاديءَ جو هنڌ | آبادي (2014 آدمشماري) |
|---|---|---|
| ڪوناڪري ريجن | ڪوناڪري | 1,667,864 |
| نزيريڪوري ريجن | نزيريڪوري | 1,663,582 |
| ڪنڪان ريجن | ڪنڪان | 1,986,329 |
| ڪنديا ريجن | ڪنديا | 1,559,185 |
| بوڪي ريجن | وڪي | 1,081,445 |
| لابي ريجن | لابي | 995,717 |
| فرانا ريجن | فرانا | 942,733 |
| ممائو ريجن | ممائو | 732,117 |
معيشت
[سنواريو]ملڪ جي معيشت زرعي ۽ معدني پيداوار تي بيٺل آهي[21] ھي ملڪ دنيا ۾ باڪسائيٽ پيدا ڪندڙ ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي . ھن ملڪ ۾ سون ۽ ھيرن جا وڏا ذخيرا پڻ آهن[22] گني قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آھي. دنيا جي باڪسائيٽ جي ذخيرن مان 25 سيڪڙو گني ۾ آھن. ھڪ اندازي مطابق اھي ذخيرا 25 بلين ميٽرڪ ٽن جيترا آھن. مائيننگ ان ڪري ملڪ جي معيشت جو آھن جز آهي. ملڪ ۾ ھائڊرو اليڪٽرڪ بجلي ٺھڻ جي زبردست صلاحيت موجود آهي. ان کان سواءِ ھي ملڪ اليومنيم آڪسائيڊ برآمد ڪندڙ پڻ آھي. ملڪ جو 80 سيڪڙو مزدورن جو فورس زراعت سان تعلق رکندڙ آهي. ھي ملڪ ڪيلو، تماڪ، پائين ايپل، ڪافي، مڱيرا، ۽ ناريل جو تيل پڻ برآمد ڪندڙ آھي. باڪسائيٽ جي مائيننگ لاء سي بي جي نالي ڪمپني جي حڪومت سان شراڪت آھي جنھن ۾ 49 سيڪڙو ڪمپني جو ۽ 51سيڪڙو حڪومت جو حصو آھي [23] [24]
گيلري
[سنواريو]- atlas Guinea
- Chimpanzé de Bossou
- Plage sur les Ile de Loos
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "Etat et Structure de la Population Recensement General de la Population et de l'habitation 2014" (PDF). Direction Nationale de la Statistique de Guinée. اصل نسخو (PDF) مان 24 November 2019 تي محفوظ ڪيل. 27 March 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. 10 September 2017 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 "Guinea". International Monetary Fund. 18 April 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "GINI index (World Bank estimate)". World Bank. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 10 January 2019 تي محفوظ ڪيل. 10 January 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Human Development Report 2019" (PDF) (انگريزي ۾). United Nations Development Programme. 10 December 2019. 10 December 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Archived copy". اصل نسخو مان 5 February 2009 تي محفوظ ڪيل. 11 February 2009 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو) - ↑ "Archived copy". اصل نسخو مان 5 February 2009 تي محفوظ ڪيل. 11 February 2009 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو) - ↑ "Religion in Guinea". Visual Geography. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 14 September 2013 تي محفوظ ڪيل. 23 July 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The Pan African Bank". Ecobank. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 19 March 2012 تي محفوظ ڪيل. 23 July 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ McGreal, Chris (23 ڊسمبر 2008). "Lansana Conté profile: Death of an African 'Big Man'". The Guardian. London. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 5 سيپٽمبر 2013 تي محفوظ ڪيل. 23 ڊسمبر 2009 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Walker, Peter (23 ڊسمبر 2008). "Army steps in after Guinea president Lansana Conté dies". The Guardian. London. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 26 آگسٽ 2009 تي محفوظ ڪيل. 23 ڊسمبر 2009 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Guinea massacre toll put at 157". London: BBC. 29 سيپٽمبر 2009. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2 آڪٽوبر 2009 تي محفوظ ڪيل. 23 ڊسمبر 2009 تي حاصل ڪيل.
- ↑ MacFarquhar, Neil (21 ڊسمبر 2009). "U.N. Panel Calls for Court in Guinea Massacre". The New York Times. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 11 مَئي 2011 تي محفوظ ڪيل. 23 ڊسمبر 2009 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Signature, à Ouagadougou, d'un accord de sortie de crise. (French)". Le Monde. 17 January 2010.
{{cite news}}: Cite has empty unknown parameter:|regional business news=(مدد) - ↑ afrol News – Election date for Guinea proposed آرڪائيو ڪيا ويا 29 July 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Afrol.com. Retrieved 28 June 2011.
- ↑ Guinea to hold presidential elections in six months _English_Xinhua آرڪائيو ڪيا ويا 10 September 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. News.xinhuanet.com (16 January 2010). Retrieved 28 June 2011.
- ↑ "Guinea sets date for presidential run-off vote". BBC News. 9 آگسٽ 2010. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 27 نومبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 21 جُولاءِ 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Guinea sees big turnout in presidential run-off poll", ''BBC'' (7 November 2010) آرڪائيو ڪيا ويا 31 October 2018 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. BBC.co.uk (7 November 2010). Retrieved 28 June 2011
- ↑ Conde declared victorious in Guinea – Africa | IOL News آرڪائيو ڪيا ويا 19 September 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. IOL.co.za (16 November 2010). Retrieved 28 June 2011.
- ↑ "Guinea's Supreme Court rejects election challenges". Reuters. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 24 September 2015 تي محفوظ ڪيل. 23 July 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Guinea Conakry: Major Imports, Exports, Industries & Business Opportunities in Guinea Conakry, Africa". اصل نسخو مان 5 November 2010 تي محفوظ ڪيل. 15 October 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Guinea Conakry Support – Guinee Conakry Trade and Support. (GCTS)". اصل نسخو مان 5 January 2015 تي محفوظ ڪيل. 15 October 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Archived copy". اصل نسخو مان 18 July 2012 تي محفوظ ڪيل. 31 May 2015 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو) - ↑ Saliou Samb; Daniel Magnowski (1 November 2008). "One dead in Guinea protest, mine trains stop". Minesandcommunities.org. Reuters. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 19 October 2014 تي محفوظ ڪيل. 24 August 2013 تي حاصل ڪيل.
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- Articles containing فرانسيسي-language text
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- CS1 maint: archived copy as title
- CS1 errors: empty unknown parameters
- گني
- ملڪ
- آفريڪا جا ملڪ
- وچ آفريڪا جا ملڪ
- اولهه آفريڪا جا ملڪ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- او آئي سي جا ڀاتي ملڪ
- آفريڪي يونين جا رڪن ملڪ
- ٽٽل فائيل ڳنڍڻن وارا صفحا