نائيجر
ريپبلڪ آف نائيجر | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '
| |||||
![]() مڪانيت نائيجر (تيز سائو) | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ | نيامي 13°32′N 2°05′E / 13.533°N 2.083°E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | نيامي | ||||
دفتري ٻوليون | فرينچ | ||||
قومي ٻوليون [1] | |||||
مقامي آبادي | نائيجري يا نائيجرن | ||||
حڪومت | وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
محمدو عيسوفو | ||||
• وزيراعظم |
برگي رافني | ||||
مقننه | نيشنل اسيمبلي | ||||
آزادي فرانس کان | |||||
• آزادي جو اعلان |
3 آگسٽ 1960 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
1٬267٬000 km2 (489٬000 sq mi) (21st) | ||||
• پاڻي (%) |
0.02 | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
20,672,987 (61st) | ||||
• 2012 مردم شماري |
17,138,707 | ||||
• گھاٽائي |
12.1 /km2 (31.3 /sq mi) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$23.475 billion[2] (140th) | ||||
• في سيڪڙو |
$1,213 (183rd) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$9.869 billion[3] (136th) |
نائيجر(انگريزي: Niger ) جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف نائيجر آھي آفريڪا کنڊ جي اولھ واري پاسي ۾ خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي جنھن تي اھو نالو درياء نائيجر تان پيو. ھن ملڪ جي اتر-اوڀر ۾ لبيا، اوڀر ۾ چاڊ، ڏکڻ ۾ نائجيريا، ڏکڻ-اولھ ۾ بينن، اتر-اولھ ۾ بورڪينافاسو ۽ مالي ۽ اتر-اولھ ۾ الجيريا واقع آھن. ھن ملڪ جي پکيڙ 1270000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ھي پکيڙ ۾ اولھ آفريڪا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ھن ملڪ جي زمين جو 80 سيڪڙو کان ڪجھ مٿي حصو صحارا رڻپٽ ۾ اچي ٿو. ملڪ جو آبادي اڪثريت ۾ مسلمان آھي. ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شهر ۽ ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ [نيامي]] شھر آھي جيڪو ملڪ جي ڏکڻ-اولھ واري ڪنڊ تي واقع آهي. نائيجر معاشي طور تي ھڪ ترقي پذير ملڪ آھي. ان جي انساني ترقي جو اشاريو تمام گھٽ آهي. 2018 ۾ 189 ملڪن ۾ ان جو نمبر آخري 189 ھيو[7] ھتان جي معيشت زراعت آھي پر اڪثر ڏڪار جو شڪار رھندو آھي.. ملڪ جي ابادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي[8]
حوالا[سنواريو]
- ↑ name="axl.cefan.ulaval.ca">République du Niger, "Loi n° 2001-037 du 31 décembre 2001 fixant les modalités de promotion et de développement des langues nationales." L'aménagement linguistique dans le monde (accessed 21 September 2016)
- ↑ "Report for Selected Country Groups and Subjects (PPP valuation of country GDP)". IMF. حاصل ڪيل 14 November 2018.
- ↑ "World Economic Outlook Database. Report for Selected Countries and Subjects". International Monetary Fund.
- ↑ World Economic Outlook Database, April 2018, International Monetary Fund. Accessed on 17 April 2018.
- ↑ World Bank GINI index, accessed on 21 January 2016.
- ↑ "Human Development Report 2019" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 10 December 2019.
- ↑ "Latest Human Development Index (HDI) Ranking (2018)". hdr.undp.org. UNITED NATIONS DEVELOPMENT PROGRAMME. حاصل ڪيل 21 September 2018.
- ↑ "Population Explosion". The Economist. 16 August 2014. https://www.economist.com/news/middle-east-and-africa/21612239-runaway-birth-rates-are-disaster-population-explosion. Retrieved 3 August 2015.