مواد ڏانھن هلو

تنزانيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يونائيٽيڊ ريپبلڪ آف تنزانيا

Jamhuri ya Muungano wa Tanzania (Swahili)
Flag of تنزانيا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"Uhuru na Umoja" (Swahili)
"آزادي ۽ اتحاد"
ترانو: "Mungu ibariki Afrika"
(انگريزي ٻولي: "God Bless Africa")
Location of تنزانيا
جو مقامتنزانيا
گادي جو هنڌڊوڊوما(ڊي جيور)
سڀ کان وڏو شهردارالسلام
دفتري ٻوليونڪابہ نہ
قومي زبانسواحلي[1]
ٻيون ٻوليونانگريزي
مذهب(2010 تخمينو)[2]
مقامي آباديتنزانين يا تنزانيائي
حڪومتوحداني غلبي واري جماعت جي صدارتي، سوشلسٽ ريپبلڪ [3][4]
 صدر
جان ميگوفولي
 نائب صدر
سميعہ سولوحو
 وزيراعظم
قاسم مجالوا
 اسپيڪر قومي اسيمبلي
جاب اين دوگائي
 چيف جسٽس
ابراھيم حمث جمعا
مقننه قومي اسيمبلي
خودمختياري يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين
 ٽانگانيڪا
9 ڊسمبر 1961
 عوامي جمھوريہ زينزيبار ۽ پيمبا
10 ڊسمبر 1963
 انضمام
26 اپريل 1964
 موجوده آئين
25 آپريل 1977
پکيڙ
 جملي
947,303 چورس ڪلوميٽر (365,756 چورس ميل) (31st)
 پاڻي (%)
6.4
آبادي
 2012 مردم شماري
44,928,923
  گھاٽائي
47.5/km2 (123.0/sq mi)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد )2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
176.465 ارب ڊالر[5]
 في سيڪڙو
3,456 ڊالر [5]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ )2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
56.664 ارب ڊالر[5]
 في سيڪڙو
1,100 ڊالر[5]
جِينِي (2012)37.8[6]
وچولو
ايڇ ڊي آء (2017)Increase 0.538[7]
ڪمتر · 154th
ڪرنسيتنزانيئن شلنگ (TZS)
معياري وقتEAT (متناسق عالمي وقت+3)
ڊرائيونگ جو پاسوکاٻو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ+255[note 1]
آء ايس او 3166 ڪوڊTZ
انٽرنيٽ ڊومين.tz
  1. Revised to $41.33 billion[8]

تنزانيه جو نقشو

دنيا جي نقشي ۾ تنزانيا جو مقام

تنزانيا (Tanzania)،[9] سرڪاري نالو، يونائيٽيڊ ريپبلڪ آف تنزانيا، اوڀر آفريڪا جو ھڪ ملڪ آهي، جيڪو آفريڪا جي وڏين ڍنڍن واري علائقي ۾ شامل آھي. ان جي سرحد اتر ۾ يوگنڊا، اتر-اوڀر ۾ ڪينيا، اوڀر ۾ ھندي وڏي سمنڊ، ڏکڻ ۾ موزمبيق ۽ ملاوي، ڏکڻ اولھه ۾ زيمبيا ۽ اولھه ۾ روانڊا، برونڊي ۽ جمهوري جمهوريا ڪانگو واقع آھن. ھن جي اتر-اوڀر ۾ آفريڪا جو سڀ کان وڏو جبل ڪليمنجارو واقع آهي. گادي جو هنڌ ڊوڊوما ۽ سڀ کان وڏو شهر دارالسلام آهي.

تاريخ

[سنواريو]

تاريخ کان آڳاٽي زماني ۾ ايٿوپيا کان ڏکڻ ڪش واري ٻوليون (South Cushitic Languages) ڳالھائيندڙ تنزانيا لڏي آيا ھئا. اوڀر ڪش وارا ماڻهو 2000 کان 4000 سال اڳ ترڪانا ڍنڊ جي اتر ۾ آيا. اھڙي طرح سوڊان مان بہ تنزانيا طرف ماڻھن جي ھجرت ٿي ۽ تنزانيا ۾ آبادي جي شروعات ٿي وئي.

اروشا پڌرنامي جو يادگار

جاگرافي

[سنواريو]

تنزانيا جي جاگرافيائي بيهڪ 6 00 S, 35 00 E آھي. ڪل پکيڙ 947,300 چورس ڪلوميٽر اٿس جنھن مان 885,800 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 61,500 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. ھن لڪير جي پکيڙ ۾ مافيا، پيمبا، ۽ زينزيبار جا ٻيٽ پڻ شامل آهن . پکيڙ ۾ ھي ملڪ دنيا ۾ 32 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جون خشڪي واريون سرحدون 4,161 ڪلوميٽر آھن جيڪي 8 ملڪن سان ملن ٿيون. ان مان 589 ڪلوميٽر برونڊي، 479 جمهوري جمهوريا ڪانگو، 775 ڪلوميٽر ڪينيا، 512 ڪلوميٽر ملاوي، 840 ڪلوميٽر موزمبيق، 222 ڪلوميٽر روانڊا، 391 ڪلوميٽر يوگنڊا ۽ 353 ڪلوميٽر زيمبيا سان ملن ٿيون. ملڪ جي بحري سرحد 1424 ڪلوميٽر ۽ سرحد اندر بحري علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل آهي. مخصوص معاشي زون 200 ناٽيڪل ميل اٿس. ملڪ جي سراسري بلندي 1018 ميٽر آھي ۽ سڀ کان بلند ترين مقام مائونٽ ڪليمنجارو اٿس جن جي بلندي 5,895 ميٽر آھي جيڪو پوري آفريڪا کنڊ جو بلند ترين مقام آھي.[10]

اسپائس ٻيٽ (زنجبار)
ھڪ ھاٿي مائونٽ ڪليمنجارو وٽان گذرندي.
نگورنوگورو ڪريٽر دنيا جو وڏو خاموش ٻرندڙ جبل آھي

آبهوا

[سنواريو]

ساحلي علائقن ۾ ٽراپيڪل ۽ مٿاھين ميداني علائقن ۾ ٽيمپريٽ ھوندي آھي[10].

معدنيات ۽ قدرتي وسيلا

[سنواريو]

ھتي جي وسيلن ۾ ھائڊرو پاور، ٽين، فاسفيٽ، ڪچو لوھ، ڪوئلو، ھيرا، جواھر، سون، قدرتي گئس ۽ نڪل شامل آهن[10].

زراعت

[سنواريو]
ٽڪويو ۾ چانھ جي پوک

ھن ملڪ جي زرعي زمين 43.7 سيڪڙو آھي جنھن مان پوکي لائق ان جو 14.3 سيڪڙو آهي، مستقل پوک 2.3 سيڪڙو، مستقل چراگاھون 27.1 سيڪڙو ۽ ٻيلا 37.3 سيڪڙو تي واقع آھن[10].

تنزانيائي ماڻهو

[سنواريو]
دارالسلام ۾ ڪارياڪو مارڪيٽ ۾ تنزانيائي ماڻهو

ھن ملڪ جي آبادي 53,950,935 آھي ۽ آبادي ۾ ھي دنيا جو 26 وڏو ملڪ آهي. ھتان جي ماڻھن کي تنزانيئن چوندا آهن ۽ سنڌي ۾ کين تنزانيائي چئبو آهي. ملڪ جي آبادي جو 99 سيڪڙو آفريڪي آھن جن مان 95 سيڪڙو بانٽو نسل جي 130 کان وڌيڪَ قبيلن سان تعلق رکندڙ آھن. ھڪ سيڪڙو آبادي ۾ ايشيائي، عرب ۽ يورپي شامل آهن. ھتان جي ٻولي ڪسواحلي يا سواحلي آھي جيڪا ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي ۽ بانٽو نسل وارن جي مادري ٻولي آهي. انگريزي بہ ھتان جي سرڪاري ٻولي آھي. زينزيبار ۾ سڀ کان وڌيڪَ عربي ڳالھائي ويندي آھي. ھتان جا 61.4 سيڪڙو ماڻهو عيسائي، 35.2 سيڪڙو مسلمان، 1.8 سيڪڙو لوڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آھن[10].

نالو

[سنواريو]

ملڪ ريپبلڪ آف تنزانيه يا جمھوريہ تنزانيا آھي. ملڪ جو نالو ٻن لفظن جي پھرين اکرن کي ملائي ٺاھيو ويو. اھي لفظ آھن : ٽانگانيڪا ۽ زانزبار جيڪي ٻہ رياستون ھيون جن جي 1964 ۾ انضمام سان اھو نالو ان تي رکيو ويو[10].

بينڪ آف تنزانيا جا جاڙا ٽاور

سياسي نظام

[سنواريو]

ھتان جو سياسي نظام صدارتي ۽ جمھوري آھي. حڪومت جي گادي ڊوڊوما شھر ۾ آھي جتي پارليامينٽ واقع آهي پر ملڪ جو انتظامي گاديءَ جو هنڌ دارالسلام آھي.ملڪ جي انتظامي ورھاست ريجن جي نالي ٿيل آهي . ملڪ ۾ ڪل 31 ريجن آھن جن جا نالا آھن؛ اروشا، دارالسلام، ڊوڊوما، گيئٽا، ارنگا، ڪاغيرا، ڪاسڪازيني پيمبا، ڪاسڪازيني انگوجا (اتر زنجبارڪاٽاوي، ڪيگوما، ڪليمنجارو، ڪوسيني پيمبا ، ڪوسيني انگوجا (ڏکڻ يا وچ زنجبارلنڊي، مانيارا، مارا، مبييا، مجني مغربي (مغربي زنجبارموروگورو، مٽوارا، موانزا، نجومبي، پواني (ساحل)، رڪوا، رووما، شنيانگا، سمي يو، سنگيدا، سانگوي، ٽيبورا ۽ ٽانگا.

تنزانيه جا ريجن

ھتان جو قانوني نظام انگريزي ڪامن لا وارو آھي. بين الاقوامي قانون ۾ ھي ملڪ بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ آھي.ھتي ووٽ جو حق 18 سالن جي عمر ۾ حاصل ٿيندو آهي[10].

حوالا

[سنواريو]
  1. "Tanzania". Ethnologue. SL International.
  2. CIA World Factbook آرڪائيو ڪيا ويا 2020-11-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. 2010. Retrieved 23 May 2017.
  3. David Lawrence (2009). Tanzania: The Land, Its People and Contemporary Life. Intercontinental Books. ص. 146. ISBN 978-9987-9308-3-8.
  4. سانچو:Cite constitution
  5. 1 2 3 4 Tanzania. IMF.org
  6. "GINI Index". The World Bank. 14 October 2014 تي حاصل ڪيل.
  7. "2018 Human Development Report". United Nations Development Programme. 2018. 14 September 2018 تي حاصل ڪيل.
  8. "UPDATE 2-Tanzania's GDP expands by 32 pct after rebasing – officials". Reuters. Reuters. 19 December 2014. اصل نسخو مان 8 February 2018 تي محفوظ ڪيل. 19 December 2014 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  9. "Tanzania | Define Tanzania at Dictionary.com". Dictionary.reference.com. 19 February 2014 تي حاصل ڪيل.<br/ {{IPA-sw|tanzaˈni.a|} /tænˈzeɪniə/
  10. 1 2 3 4 5 6 7 آرڪائيو ڪيا ويا 2020-11-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ
  1. +007 from Kenya and Uganda.
حوالي جي چڪ: "note" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="note"/> نہ مليو