اعتڪاف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اعتِڪافُ: عبادت لاءِ ڪنهن خلاصي جاءِ ۾ گوشه نشيني. رمضان شريف جي پوئين ڏهي (ڏهن ڏينهن ۾) مسجد ۾ گوشه نشين ٿي ويهڻ. هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مفهوم آهي ”ترسڻ“، ”بيهي رهڻ“. مسلمانن جي مذهبي اصطلاح ۾ اِن مان مراد هڪڙي خاص عبادت آهي، جنهن جو طريقو هيءُ آهي ته ڪو مومن ڪجهه ڏينهن مسجد ۾ رهي ۽ ٻاهر نه نڪري، روزا رکي ۽ پنهنجو وقت قرآن شريف پڙهڻ ۽ ديني ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ ۽ خدا جي ذڪر ۾ گذاري. نبي سڳورا رمضان جي آخري ڏهن ڏينهن ۾ -اعتڪاف- ۾ ويهندا هئا. اڃا تائين مسلمان انهيءَ سنت نبويءَ جي پيروي ڪندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]