جيبوتي
جمهوريه جيبوتي Republic of Djibouti | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: "جيبوتي جو قومي ترانو" | |||||
مڪانيت جيبوتي (تيز نيرو) – نقشو آفريڪا (هلڪو نيرو & تيز ڀورو) | |||||
ڳاڙهو | |||||
| گادي جو هنڌ | جيبوتي شهر 11°36′N 43°10′E / 11.600°N 43.167°E | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | راڄڌاني | ||||
| دفتري ٻوليون | |||||
| قومي ٻوليون | [1] | ||||
| ٻيون ٻوليون | |||||
| نسلي گروھ (2024) | 60% صومالي 35% افار 5% عرب[1] | ||||
| مذهب | اسلام | ||||
| مقامي آبادي | جيبوتي وارا | ||||
| حڪومت | وحداني اڪثريتي پارٽي جي صدارتي جمهوريه | ||||
• صدر |
اسماعيل عمر غويله | ||||
• وزيراعظم |
عبدالقادر ڪميل محمد | ||||
• آبادي
مذهب |
94% اسلام (سرڪاري) 6% عيسائيت | ||||
| مقننه | قومي اسيمبلي | ||||
| قومي | |||||
| اسيمبلي | |||||
| آزادي | |||||
• فرانس کان |
27 جون، 1977ع | ||||
• گڏيل قومن ۾ تسليم ٿيل |
20 سيپٽمبر 1977ع | ||||
• موجوده آئين |
4 سيپٽمبر 1992ع | ||||
| پکيڙ | |||||
• پکيڙ |
[اوزا تبديل: invalid number][1] (146هون) | ||||
• پاڻي (%) |
0.09 (20 km² / 7.7 sq mi) | ||||
| آبادي | |||||
• 2020 اندازو |
921,804 | ||||
• 2024ع مردم شماري |
10,66,809 (146) | ||||
• گھاٽائي |
37.2 /km2 (96.3 /sq mi) (168هون) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2023ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
7.193 ارب آمريڪي ڊالر[2] (137 هون) | ||||
• في سيڪڙو |
6,985 آمريڪي ڊالر[2] (137هون) | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2023ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
3.873 ارب آمريڪي ڊالر[2] (172 هون) | ||||

جيبوتي (Djibouti)، سرڪاري طور تي، جمهوريه جيبوتي، عربي: جمهورية جيبوتي؛ فرانسيسي: République de Djibouti)، آفريڪي سڱ ۾ اوڀر آفريڪا جي ساحل تي هڪ ننڍڙو ملڪ آهي. هن جون حدون اتر ۾ ارٽيريا، ڏکڻ-اولهه ۾ ايٿوپيا ۽ ڏکڻ ۾ صوماليا سان ملن ٿيون. جڏهن ته اوڀر ۾ ڳاڙهو سمنڊ ۽ عدن جي نار آهن. 23,200 چورس ڪلوميٽر تي پکڙيل هن ملڪ جي آبادي سال 2024ع جي آدمشماري موجب 10,66,809 آھي. اها آفريڪي کنڊ ۾ گهٽ آبادي واري ملڪن ۾ هڪ آهي.[3] هن جي گادي جو هنڌ جيبوتي شهر ۽ ڪرنسي جو نالو جيبوتي فرانڪ آهي. فرانسيسي سرڪاري ٻولي ۽ عربي عام ڳالهه بول جي ٻولي آهي، جڏهن ته افار ۽ صومالي علاقائي ٻوليون آهن.
قديم زماني ۾ هي علائقو، ايٿوپيا، ايريٽريا ۽ صوماليا سان گڏ، "پنٽ سرزمين" جو حصو هو. ويجھو زيلا شھر (هاڻي صوماليا ۾) وچين دور جي عدل ۽ افات سلطنتن جي گادي جو هنڌ هو. 19 صدي جي آخر ۾، فرانس سڃي علائقي تي قبضو ڪيو ۽ "فرانسيسي صومالي لينڊ" جي نالي سان پنهنجي نوآبادي قائم ڪيو. جيبوتي شهر کان "دير داوا" (اديس ابابا) تائين ريلوي لائين جي ڪري، اها جلد ئي ڏکڻ ايٿوپيا ۽ اوگادين جي واحد بندرگاهه جي طور تي، زيلا شھر جي حيثيت ختم ڪري ڇڏيو. جيبوتي جي موجوده علائقي کي سال 1967ع ۾ ڌار ڪيو ويو ۽ "افار ۽ ايسا جو فرانسيسي علائقو" جو نالو ڏنو ويو. جيبوتي 27 جون، 1977ع تي فرانس کان آزادي حاصل ڪيو.[4][5] افار ۽ صومالي، به وڏا نسلي گروهه آهن، جيڪا ملڪ جي اڪثريت ٺاهڻ ٿا، جڏهن ته عرب نسلن جي هڪ ننڍڙي اقليت (%5) به موجود آهي.
جبوتي 20 سيپٽمبر، 1977ع تي گڏيل قومن ۾ شامل ٿيو. اهو عرب ليگ، آفريڪي يونين ۽ گڏوگڏ ترقيات تي بين الحڪومتي اٿارٽي (IGAD) جو ميمبر پڻ آهي.
تاريخ
[سنواريو]قديم زماني ۾ هي علائقو، ايٿوپيا، ايريٽريا ۽ صوماليا سان گڏ، "پنٽ سرزمين" جو حصو هو. هتان جي خانه بدوش قبيلن جي شاعري ۽ ڪهاڻين ۾ هزارن سالن جي تاريخ وقف ڪئي آهي. عرب جزيري نما جي ويجھو ٿيڻ جي ڪري جيبوتي ۾ اسلام باقي آفريڪا کان پهرين آيو.

ويجھو زيلا شھر (هاڻي صوماليا ۾) وچين دور جي "عدل" ۽ "افات" سلطنتن جي گادي جو هنڌ هو. 19 صدي جي آخر ۾، فرانس سڃي علائقي تي قبضو ڪيو ۽ "فرانسيسي صومالي لينڊ" جي نالي سان پنهنجي نوآبادي قائم ڪيو. جيبوتي شهر کان "دير داوا" (اديس ابابا) تائين ريلوي لائين جي ڪري، اها جلد ئي ڏکڻ ايٿوپيا ۽ اوگادين جي واحد بندرگاهه جي طور تي، زيلا شھر جي حيثيت ختم ڪري ڇڏيو. جيبوتي جي موجوده علائقي کي سال 1967ع ۾ ڌار ڪيو ويو ۽ "افارز ۽ ايساز جو فرانسيسي علائقو" جو نالو ڏنو ويو.
سال 1977ع کان اڳ جيبوتي، "فرانس جو افارس ۽ ايساس علائقو" جي نالي سان، "فرانسيسي صومالي لينڊ" جو حصو هيو. 8 مئي 1977ع تي علائقي ۾ آزادي لاءِ ريفرنڊم منعقد ڪيو ويو. هن ريفرنڊم ۾، ووٽرن 98.8 سيڪڙو جي وڏي انگ سان فرانس کان آزاد ٿيڻ جي حمايت ڪئي. 27 جون، 1977ع تي جمهوريه جبوتي فرانس کان آزاد ٿيو. حسن گويلد اپتيدن (1977-1999) ملڪ جو پهريون صدر بڻيو.
پنهنجي ابتدائي سالن دوران، جمهوريه آفريڪي اتحاد (هاڻي آفريڪي يونين)، عرب ليگ ۽ گڏيل قومن جي عالمي اداري ۾ شامل ٿيو. سال 1986ع ۾ نئين ٺهين واري تنظيم، انٽر گورنمينٽل اٿارٽي آن ريجنل ڊولپمينٽ (IGAD جي باني ميمبرن ۾ پڻ شامل هو.
سال 1990ع جي شروعات ۾، حڪومتي نمائندگي تي تڪرار جي ڪري جيبوتي جي حڪمران، "پيپلز ريلي فار پروگريس" پارٽي (PRP) ۽ اپوزيشن گروپ، "فرنٽ فار دي ريسٽوريشن آف يونٽي اينڊ ڊيموڪريسي" (FRUD) جي وچ ۾ هٿياربند تڪرار پيدا ٿيو، جيڪو سال 2000ع ۾ حڪومت ۾ حصيداري جي معاهدي سان ختم ٿيو.
اپريل 2021ع ۾، اسماعيل گويله (1977 ۾ فرانس کان آزادي کان پوءِ جيبوتي جو ٻيو صدر) پنهنجي پنجين مدت لاءِ ٻيهر چونڊيو ويو.
سياست
[سنواريو]
جاگرافي
[سنواريو]
انتظامي ورهاست
[سنواريو]| علائقو | پکيڙ (چورس ڪلوميٽر) | آبادي | گادي جو هنڌ |
|---|---|---|---|
| علي صبيح علائقو (Région d'Ali Sabieh) |
2,200 | 75,005 | علي صبيح |
| ارتا علائقو (Région d'Arta) |
1,800 | 69,047 | ارتا |
| دخیل علاقہ، (Région de Dikhil) |
7,200 | 80,023 | دخيل |
| جبوتي علائقو، (Ville de Djibouti) |
200 | 604,013 | جبوتي |
| اوبوڪ علائقو، (Région d'Obock) |
4,700 | 40,128 | اوبوڪ |
| تاجوره علائقو (Région de Tadjourah) |
7,100 | 79,567 | تاجوره |
حڪومت ۽ سياست
[سنواريو]معيشت
[سنواريو]آباديات
[سنواريو]مذهب
[سنواريو]جيبوتي جي آبادي جي اڪثريت (%94) جو مذهب اسلام آهي. ٻئي وڏي تعداد (%6) عيسائيت جي پيروڪارن جي آهي.
ثقافت
[سنواريو]هر مسلمان ملڪ جي طرح جيبوتي جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ مسجد هوندي آهي. ان کانسواء مزارن تي وڃن جي به روايت آهي. انهن ۾ سڀ کان مشهور "شيخ ابو يزيد" جي مزار آهي، جيڪا گودا جي جبلن ۾ واقع آهي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 "Djibouti", The World Factbook, CIA, 5 February 2013, اصل کان 2 July 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 26 February 2013۔
- 1 2 3 "Djibouti", International Monetary Fund۔
- ↑ "World Bank country data Djibouti (2009) (number rounded)", Data.worldbank.org, حاصل ڪيل 27 اپريل 2011۔
- ↑ "Today in Djibouti History", Historyorb.com, حاصل ڪيل 27 اپريل 2011۔
- ↑ "United Nations member states", Un.org, حاصل ڪيل 27 اپريل 2011۔
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]
وڪيميڊيا العام تي جيبوتي بابت زمرا
| او آءِ سي | |
| افغانستان | الجزائر | البانيا | آذربائيجان | بحرين | بنگلاديش | بينن | برڪینا فاسو برونائي | ڪيمرون | چاڊ | قمر جا ٻيٽ |آئيوري ڪوسٽ | جبوتي مصر | گيبون | گيمبيا گني | گني بسائو گيانا | انڊونيشيا | ايران عراق | اردن | ڪويت قازقستان | ڪرگزستان | لبنان | ليبيا مالديپ | ملائيشيا | مالي | موريطانيه | مراڪش | موزمبيق | نائيجر نائيجيريا | اومان | |
| ھي مضمون جاگرافيائي مقام جي باري ۾ ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
- مضمون جن ۾ فرانسيسي ٻولي جا اکر آھن
- مضمون جن ۾ عربي ٻولي جا اکر آھن
- مضمون جن ۾ Somali ٻولي جا اکر آھن
- مضمون جن ۾ Afar ٻولي جا اکر آھن
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- سانچو تبديل جا نادرست اختيار
- ڄاڻخانو ملڪ استعمال ڪندڙ ترڪيب مسئلن سان صفحا
- جبوتي
- ملڪ
- آفريڪا جا ملڪ
- اسلامي رياستون
- اوڀر آفريڪا جا ملڪ
- گهٽ ترقي وارا ملڪ
- آفريڪي سڱ جا ملڪ
- او آئي سي جا ڀاتي ملڪ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- فرانسيسي ٻولي ڳالهائيندڙ ملڪ ۽ علائقا
- 1977 establishments in Africa
- Geography stubs