اردن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اردن جي ھاشمي بادشاھت

المملكة الأردنية الهاشمية ([[عربي language|عربي]])
Al-Mamlakah Al-Urdunnīyah Al-Hāshimīyah
Flag of Jordan
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"God, Country, King"
الله، الوطن ، الملك"
"Allah, Al-Waṭan, Al-Malik"[1]
ترانو: The Royal Anthem of Jordan
السلام الملكي الأردني
Al-Salam Al-Malaki Al-Urdunni

Location of Jordan
جو مقامJordan
گادي جو هنڌ عمان
سانچو:Coor
سڀ کان وڏو شهر عمان
دفتري ٻوليون عربي
نسلي گروھ
مذهب
حڪومت يونيٽري پارليامينٽري
آئيني بادشاهت
عبداللہ ٻيون
حاني الملڪي
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز
خودمختياري يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي مينڊيٽ کان ورتائين
11 April 1921
25 May 1946
11 January 1952
پکيڙ
• جملي
89٬341 km2 (34٬495 sq mi) (110th)
• پاڻي (%)
0.6
آبادي
• 2017 اندازو
10,011,820[2] (90th)
• 2015 مردم شماري
9,531,712
•  گھاٽائي
107 /km2 (277.1 /sq mi) (100th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$86.193 billion[3] (87th)
• في سيڪڙو
$11,124[3] (86th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$39.453 billion[3] (92nd)

اردن ايشيا جو اسلامي ملڪ آهي، جيڪو وچ اوڀر ۾ واقع آهي.

تعارف[سنواريو]

هن ملڪ جو سرڪاري نالو ”اللمملڪة العربية الاردنية الهاشمية“ آهي. اردن جي اتر ۾ شام، اتر اوڀر ۾ عراق، اوڀر ڏکڻ ۾ سعودي عرب، اولهه ۾ اسرائيل جهڙا ملڪ آهن. اردن جي پکيڙ 37297 چورس ميل، يعني 97740 چورس ڪلوميٽر آهي. اردن جي انهيءَ ايراضيءَ ۾ اُهو حصو به شامل آهي، جيڪو 1947ع واريءَ جنگ دوران اسرائيل پنهنجي قبضي ۾ آندو هو. اردن جي 2007ع جي آدم ڳڻپ موجب اردن جي آبادي 5967000 ماڻهون آهن. اردن جي گاديءَ واري هنڌ جو نالو ’عمان‘ آهي. اردن ۾ عربي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي ۽ هتي جي سڪي جو نالو ’اردني دينار‘ آهي. هتي 94 سيڪڙو مسلمانن جي آبادي آهي، جڏهن ته 4 سيڪڙو عيسائي ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا. اردن کي انگريزيءَ ۾ ”جارڊن“ چئبو آهي. اردن جو سڪو دينار آهي، جنهن ۾ هڪ هزار فلس هوندا آهن. اردن جا اهم شهر عمان، اقبال، زرقا، اربيد ۽ ڪارڪ آهن. اهم زراعت ۽ ميوا، ڪڻڪ، جَوَ، پٽاٽا، بصر، ڪيلا، زيتون ۽ انگور آهن.

اردن جي سرڪاري مهر

تاريخ[سنواريو]

اردن گهڻو وقت اڳ يوناني ۽ رومي بادشاهتن جو حصو رهيو هو. ستين صدي عيسويءَ ۾ عربن اردن تي قبضو ڪيو. سورهين صدي عيسويءَ کان پهرين مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ تائين -اردن-، سلطنت عثمانيه جو حصو رهيو هو، پر سلطنت عثمانيه جي ٽٽڻ کان پوءِ اردن ترڪيءَ جي قبضي کان آزاد ٿيو. اقوام متحده پاران ”مينڊيٽ سسٽم“ جوڙيو ويو، جنهن جو مقصد آزاديءَ جي لائق ملڪن جي مدد ڪرڻ هو، ان ڪري 1922ع ۾ اردن برطانيه جي هٿ هيٺ ڏنو ويو. برطانيه سڀ اصول ٽوڙي، اردن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ورتو ۽ 24 سالن تائين پنهنجي مرضي هلائي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ 1946ع ۾ اردن آزاد ٿيو. اردن جو پهريون سربراھ امير عبدالله بڻيو. 1948ع ۾ برطانيا، آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن اسرائيل نالي نئون ملڪ قائم ڪيو ۽ اڳتي هلي اردن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگيون شروع ٿيون. اردن جي ڪجهه علائقن تي قبضو ڪيو ويو. 1951ع ۾ امير عبدالله کي يروشلم ۾ قتل ڪيو ويو ۽ سندس پٽ طلال تخت نشين ٿيو، ان کانپوءِ 1952ع ۾ سندس پٽ شاھ حسين تخت تي ويٺو، 1955ع ۾ اردن گڏيل قومن جو ميمبر بڻيو. 1967ع ۾ عرب اسرائيل جنگ لڳي. اسرائيل يروشلم سميت الهندي ايراضيءَ تي قبضو ڪري ورتو. 26 آڪٽوبر 1994ع تي اردن ۽ اسرائيل ۾ ٺاهه ٿيو، جنهن ۾ 50 سالن کان هلندڙ دشمنيءَ جو خاتمو آيو. 1999ع کان شاھ حسين جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شاھ عبدالله تخت تي ويٺو. اردن جو 12 سيڪڙو حصو زراعت جي لائق آهي. باقي حصو ويران آهي. هتي ميوو ۽ سائي ڀاڄي چڱي مقدار ۾ ٿئي ٿي. اردن مان فاسفيٽ ۽ پوٽاش جهجهي انداز ۾ نڪرن ٿا.[6][7]

  1. Temperman, Jeroen (2010). State-Religion Relationships and Human Rights Law: Towards a Right to Religiously Neutral Governance. Brill. p. 87. ISBN 90-04-18148-2. https://books.google.com/books?id=Khag6tbsIn4C&pg=PA87. Retrieved 20 March 2016. 
  2. "Population clock". Department of Statistics. وقت 19 October 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 November 2017. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "Jordan". International Monetary Fund. 
  4. "Gini index". World Bank. حاصل ڪيل 14 June 2016. 
  5. "2015 Human Development Report Summary" (PDF). United Nations Development Programme. صفحا. 21–25. حاصل ڪيل 6 June 2016. 
  6. encyclopediasindhiana.org
  7. Jordan - Wikipedia