سنڌ جي هاڪڙا وادي
اڇڙي ٿر (Achhirro Thar) ۽ ناري جي ميداني پَٽ جي ڳنڍ تي، نارا ڪئنال جي آخري ريگيوليٽر فرش موري کان رڳو ڏيڍ ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي شھر ڍوريناري کان اڍائي ڪلوميٽر اُتر ۾ ان هاڪڙو ويلي جي هڪ قديم شھر کُڻهار جو ڀِڙو صدين کان موجود آھي، ساڳئي تاريخي وهڪري تي ٻين شھرن رتي ڪوٽ کان اٽڪل 20 ڪلوميٽر هيٺ ۽ ڏکڻ، همير جي ڀڙي کان 10 ڪلوميٽر ۽ نهٽي کان اٽڪل 60 ڪلوميٽر مٿي ۽ اتر ۾، اڇڙين ڀِٽن ۽ ساون فصلن ۽ انبن ۽ چڪوءَ جي باغن جي وچ ۾ موجود هن قديم شھر بابت هن کان اڳ ناليواري تاريخدان معمور يوسفاڻي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ مختصر ذڪر ڪيو آھي، رتي ڪوٽ ۽ نُھٽي جي آثارن جي زمين تي ايراضي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل هن شھر بابت سمجهيو وڃي ٿو ته هي ان هاڪڙو تهذيب جي قديم شھرن مان هڪ آھي، جيڪا هاڻوڪي اوڀر پنجاب، هريانا، اولھ پنجاب جي ڪجهه حصن ۽ سنڌ جي اوڀر واري ڀاڱي تي ٻڌل رهي آھي، جتان اهو درياءُ وهندو اچي ڪڇ جي رڻ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. جيتوڻيڪ اهو درياءُ ته هاڻ زمين تي ناهي رهيو پر هاڪڙي جي ڄاڻايل ڊگهي دريائي وهڪري ۽ ان جي اوڀر ۾ هندستان جي ڇمبل ندي (Chhambal Nadi) جي اولھ واري سموري خطي کي گڏي ڏسبو ته انهن ۾ پنجاب، سنڌ ۽ راجستان جي تهذيبن جو هڪ گڏيل انڊلٺي رنگ نظر ايندو، هن خطي ۾ مسلمان، هندو، سک ۽ ڪجهه عيسائي مذهب کي مڃڻ وارا به رهن ٿا پر 4 مختلف مذهب هوندي به ضروري مذھبي رسمن ۽ روايتن کي ڇڏي باقي ٻيون ڪيتريون ئي ريتون رسمون حيرت انگيز حد تائين ساڳيون آھن، جن ۾ پوشاڪ، ٻولي، ثقافتي ريتون رسمون ۽ ٻين معاملا شامل آھن، مردن جي مٿي تي پڳ، پڳڙي، پَٽڪو، ڦينٽو، بدن تي پهراڻ ۽ هيٺ ڌوتي، لانگوٽي ۽ گوڏ ۽ پيرن ۾ پائڻ واري جانورن جي کل مان ٺھيل جتي به ٿوري گهڻي فرق سان ساڳئي آھي، ماين جي پوشاڪ ۾ بدن تي ڀرت ڀريل گج ۽ هيٺ پَڙو، سون ۽ چاندي جا زيور ۽ ٻانهن ۾ چوڙيون، چوڙين پائڻ سان مائي جي ازدواجي حيثيت جي سڃاڻپ به ساڳئي نموني ڪري سگهبي آھي، جنهن مائيءَ کي سندس ٻانهن جي صرف ٺُونٺ ۽ ھٿ جي وچ واري حصي تي چوڙيون پاتل آھن ته اها ڪنواري يا اڻ پرڻيل هوندي، جنهن کي ڪلهي کان هٿ تائين سموري ٻانهن تي چوڙيون پاتل هونديون آھن ته اها شادي شده يا پرڻيل هوندي آھي، جنهن مائي جون ٻانهون چوڻين کان خالي هونديون ته اها بيوه هوندي آھي، نڪ ۾ ڦُلڙي ۽ ٻين زيورن سان به ساڳئي طرح ماين جي ازدواجي حيثيت جي سڃاڻپ ڪري سگهبي آھي، جڏھن ته هاڪڙي ۽ ڇمبل ندي جي ان وچ واري ڄاڻايل خطي ۾ پنجابي، سرائيڪي، بيڪانيري، جيسلميري، مارواڙي، ڍاٽڪي ۽ ڪڇي سميت ٻولين جا ٻيا به ڪيترائي لهجا ڳالهايا وڃن ٿا، انهن تي غور ڪرڻ سان حيرت ٿئي ٿي جو انهن ۾ اڌو اڌ (اٽڪل 50 سيڪڙو) لفظ، لوڪ قصا، گيت، آکاڻيون ۽ چوڻيون به ساڳيون آھن ٻئي طرف شاديءَ جون رسمون، سوڻ ساٺ ۽ ٻيون ڪيتريون، هڪجڙايون ملن ٿيون.
ورهاڱي کان اڳ انگريز دور ۾ سڄي هندستان جي قديم آثارن تي وڏو ڪم ٿيو هو، جنهن دوران سنڌ ۾ موئن جو دڙو ۽ ٻيا قديم آثار دنيا کي ڏيکاريا ويا ان ئي دور ۾ 1941ع ۾ قديم آثارن جي ماهرن سر اورل اسٽين ۽ هينري فيلڊ جي اڳواڻي ۾ هاڪڙي جي تهذيب تي پهرين تحقيقي رٿا شروع ڪئي وئي هئي، ورهاڱي کان اٽڪل اڍائي ڏھاڪا پوءِ شھيد ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ 1974ع کان 1977ع تائين ساڳئي رٿا تي قديم آثارن جي تڏھوڪي هڪ ماهر ڊاڪٽر رفيق مغل جي سرواڻي ۾ ان ڪم کي ڪنهن حد تائين اڳتي وڌايو ويو ھو ۽ 2012ع کان لاهور جي پنجاب يونيورسٽي جي قديم آثارن واري شعبي جي سربراھ ڊاڪٽر فرزند مسيح جي سربراهي ۾ ماهرن جي هڪ ٽيم يونيسڪو جي جاري ڪيل فنڊن سان هاڪڙا تهذيب کي سهيڙڻ ۽ ان تي تحقيق جي ڪم سان لڳل آھي، اهي اڳوڻيون توڙي هاڻوڪي رٿا به اڃا تائين رڳو ڏکڻ ۾ ڪم ڪنديون رهيون آھن، ڊاڪٽر فرزند مسيح موجب سندن ٽيم اڳ ٿيل تحقيق جي بنياد تي اڳتي ڪم ڪري رهي آھي، هاڪڙي جي وهڪري جي ٻنهي پاسن تي 32 کان 24 ڪلوميٽرن جي مفاصلي اندر ان شاهوڪار هاڪڙا تهذيب جا اٽڪل 2400 اهڙا قديم آثار لڌا ويا آھن جن ۾ قلعا، ڪوٽ، شھر ۽ ٻيون آباديون شامل آھن، انهن ۾ ڪيترائي 2000 کان 2500 قبل مسيح واري دور جا به شامل آھن“
هندن جي ڌرمي ڪتاب رگ ويد ۾ جنهن سرسوتي ندي (Sarswati Nadi) (सरस्वती) جو ذڪر ملي ٿو، ان کان سواءِ تاريخ ۾ گهگهر نالي هڪ ندي جو ذڪر ملي ٿو، روايتن موجب ھاڪڙي سميت اهي 3 مختلف نالن وارا درياءُ يا نديون مختلف دورن ۾ هن ئي خطي مان وهنديون رهيون آھن، جيڪي چولستان، اڇڙي، ٿر ۽ انهن جي آس پاس وارن علائقن کي آباد رکنديون رهيون آھن پوءِ جڏھن اهي نديون سڪي ويون ته ان جي ڪنارن وارا علائقا چولستان ۽ ٿرن ۾ بدلجي ويا. هاڻوڪي دور ۾ نارا ڪئنال جي وهڪري کي انهن ندين جي ڦِٽل شڪل سمجهيو وڃي ٿو جيڪو سکر کان وهندو عمرڪوٽ ضلعي جي ڍورونارو شھر وٽ پنهنجي آخري ريگيوليٽر وٽ ختم ٿيڻ باوجود اتان هيٺ همير جي ڀڙي، نبي سر، نهٽي، ونگي پتڻ ۽ علي بندر وٽان اوڀر سنڌ جو دريائي ۽ برساتي ٻوڏ جو پاڻي ڇڪيندو ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ [Sindhi daily Kawish, Duniya Magazine, Sunday, 13 August, 2017 هاڪڙا واديءَ تي ٿيندڙ نئين تحقيق, ليکڪ: نور محمد سمون] پاران روزآني ڪاوش، حيدرآباد